ڪهاڻيون، جيڪي اُڃايل اکين جو سنهيو آهن

مون ڪٿي لکيو هو ته ڪهاڻي جو واسطو انسان جي فطرت سان سنئون سڌو آهي. ڇو ته هر ماڻهو سان لاڳاپيل انيڪ ڪهاڻيون هونديون آهن. ڪجھ ڪهاڻيون ليکڪن جي مشاهدي ۾ اينديون آهن ته پوءِ اُهي لفظن جو ويس ڌاري وٺنديون آهن ۽ اُنهن ڪهاڻين ۾ هڪ دفعو ٻيهر ساھ پوڻ شروع ٿيندو آهي. اُتي ئي وري ڪي ڪهاڻيون اکين کان اوجهل ٿي وينديون آهن ۽ صدين تائين تاريخ جي ورقن ۾ گم ٿي وينديون آهن. انهن ڪهاڻين کي نه لفظن جو ويس نصيب ٿيندو آهي ۽ نه ئي کين ڳوڙهن جو ڪفن نصيب ٿيندو آهي. اِهڙين گم ٿيل ڪهاڻين جي سڳند هن ڌرتي تي ڪهاڻيڪارن کي جنم ڏيندي آهي ۽ ڪهاڻيڪار پنهنجي عقل، سمجھ ۽ فهم جي آڌار تي صديون اڳ گم ٿيل ڪهاڻين کي ڦلوري واپس ساڳي جائي تي آڻي ڪري کين لفظن جو صاف شفاف ويس پارائي پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪندا آهن. اِهڙي ئي ساڳي ديس جو مسافر اسان جو هڪڙو رولاڪ ڪهاڻيڪار منور سراج پڻ آهي. جنهن جي ڪهاڻين جو مجموعو خوابن جي سرحد ڪجھ ڏينهن پهريان منهنجي مطالعي ۾ آيو. هن کان پهريان مون سندس ٻه ناول اڳم پڙهيا آهن. جن ۾ هڪڙي جو نالو کاٻي اک جو خواب ۽ ٻي جو نالو پيراڊائيز پوائنٽ تي شام آهي. سندس ڪهاڻيون ته دل جا تاڪ ک...