سلسليوار سرهاڻ مئگزين حيدرآباد ۾ نوجوان ليکڪ ۽ پياري دوست اظهر عباس گاڏهي طرفان منهنجو ورتل انٽرويو: سوال: سڀ کان پهريان پنهنجي جنم ڀومي، خاندان ۽ تعليم بابت ٻڌائيندا؟ جواب: مون پهرين جنوري اڻويھ سئو چورانوي تي ڳوٺ حاجي محمد اسحاق لغاري ۾ اُستاد جميل احمد لغاري جي گهر ۾ جنم ورتو. بابا پنهنجي نالي جي مناسبت سان منهنجو نالو يوسف جميل رکيو ۽ امڙ طرفان منهنجو نالو محمد رحيم رکيو ويو. جهڙوڪ ٻئي نالا سهڻا آهن. پر اُن جي باوجود مون تي بابا جو رکيل نالو پڪو ٿي ويو اسان ڪُل ڇھ ڀائر آهيون. جن مان هڪ مون کان وڏو ۽ باقي چار مون کان ننڍا آهن جيڪي مختلف ادارن ۾ زير تعليم آهن. الحمدالله چار ڀينرون آهن جن مان هڪڙي جي ڪجھ مهينا اڳ شادي ٿي آهي باقي ٽي اڃا ننڍيون آهن ۽ پڙهي رهيون آهن. مون پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ جي اسڪول گورنمنٽ ايليمنٽري اسڪول حاجي محمد اسحاق لغاري مان حاصل ڪئي آهي. ( الحمدالله هاڻ اُتي ئي اُستاد آهيان) ۽ اُن کان پوءِ مون مئٽرڪ ۽ انٽر جي تعليم، ٺري ميرواھ جي سرڪاري تعليمي ادارن مان حاصل ڪئي. انٽر ڪرڻ کان پوءِ مون کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آزاد ...