وري يادگيرين ورايو اسان کي…ڪئمپس ڊائري

حصو ٻارهون - آخري جنهن وقت ورسٽي جون گرمين واريون موڪلون ٿيون تہ منهنجو اڪثر ٽائيم گهر ۾ ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ ۾ گذرندو هو، انهن ڏينهن ۾ ڳوٺ جي هڪ چڱي ڀلي پئسي واري همراه جي دانهن ٻڌم جيڪو پنهنجي پٽ جي بي فرماني جون ڳالهيون ڪري رهيون هو ۽ زارو قطار روئي ڪري کيس پٽون ۽ پاراتا ڏئي رهيو هو، منهنجي قلم سندس ان مذاحمت تي هڪ لفظن جو ڳٽ جوڙيو جيڪو ڪجھ هن ريت هو، ”اسان جي لاشعوري اسان کي ڪيترو نقصان پئي ڏئي پنهنجي معاشري ۾ نظر تہ ڊوڙايو ۽ ڏسو تہ ڪيترن صاحب قوتن جا اولاد صالح آهن ۽ ڪيترن جا نافرمان، صالح اولاد تہ ٿيو صالح انهن جو چيپٽر ڪلوز، باقي بچيا نافرمان، انهن تي غور وفڪر ڪجي تہ اُهي والدين جي نافرماني ڇو ٿا ڪن. آخر ڪهڙا سبب آھن جو اُهي پنهجي عظيم رشتن جو ڀرم نہ ٿا رکن، هر روز اخبارن ۾ پيءَ توڙي مٺڙي ماءُ کي گهر دربدر ڪرڻ جا کوڙ ساريون خبرون پڙهڻ لاءِ ٿيون ملن، سچ تہ اهڙا خبر پڙهي ڪري دل رت جا ڳوڙا ڳاڙيندي آهي ۽ ذهن ۾ اهو سُوال ڪَر کڻندو آهو تہ اڄ جو اولاد ايڏو ڪٺور ڪئين ٿو ٿي سگهي؟ منهجو اڄ تائين اهو نظريو رهيو آهي تہ اولاد جي نافرمان ٿيڻ دراصل والدين جي اڌوري پرورش جو نتيج...