عشق کي ڪينجهر بنائيندڙ فطرت پسند شاعريءَ

هي دنيا جنهن ۾ اسان رهون ٿا. اُهو ٻن شين تي آڌاريل آهي. جنهن ۾ هڪڙيون شيون قدرتي، اصلي ۽ فطرتي آهن. جن کي پاڻ انگريزي ۾ (Naturaly) چوندا آهيون ۽ ٻيون شيون مصنوعي، هٿرادو ۽ جڙتو شيون آهن، جن کي پاڻ انگريزي ۾ (Artificially) چوندا آهيون. انهن ٻنهي شين ۾ انساني مزاج جو لاڙو فطري شين ڏانهن گهڻو هوندو آهي. حالانڪ اڄ جي جديد دور ۾ مصنوعي شيون به پنهنجي جاءِ تي اهميت رکن ٿيون پر اُنهن ۾ اُهو سرور ۽ سڪون ڪٿي آهي؟ جيڪو سڪون فطرتي شين ۾ سمايل آهي. دراصل فطرت پسند ماڻهوءَ ئي تخليقڪار ٿيندا آهن ۽ اُهي پنهنجي پيار کي آرٽ جي مدد سان تخيل جو روپ ڏئي ڪري ظاهر ڪندا آهن. اهڙي ئي هڪ اظهار جو نمونو منهنجي سامهون پيو آهي. جيڪو شاعريءَ جي روپ ۾ خيالن کي الائي ته ڪهڙي وسعتن ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي. هن شعري مجموعي جو نالو ”عشق بڻيو ڪينجهر“ آهي. هن ڪتاب جو سرجڻهار قربان گل آهي. جيڪو نئين ٽهي جو هڪ جاکوڙيندڙ ڪردار آهي سندس خيال شاعريءَ جو روپ ڌاري، ڪاغذن جو ويس ڍڪي پڙهندڙن جي اڳيان مطالعي جي ميز تي اڻ ڏٺي مهمان وانگر جلوه افروز ٿيا آهن. سندس شاعريءَ تي گهڻو ڪجھ لکي سگهجي ٿو ۽ سندس خيالن تي تفصيلي نموني سان ڳالهائ...