ڪاغذن تي جلوه افروز ٿيندڙ ڪاغذي ڳالهيون

الحمدالله ڪالھ منهنجو ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”ڪاغذي ڳالهيون!“ مرڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان پياري ڀاءُ مرتضيٰ لغاري جي ٿورن سان ڇپجي ڪري پڌرو ٿي چڪو آهي. هي ڪتاب پنجن حصن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ اُهي ڪالم ۽ مضمون شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي سنڌ جي مختلف اخبارن جهڙوڪ روزاني ڪوشش حيدرآباد، عوامي آواز بلاگ، روزاني اڳواڻ حيدرآباد، روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، روزاني آجيان شڪارپور، روزاني امڪان حيدرآباد ۽ سنڌي رسالن جهڙوڪ ماهوار ٽين اک ڪراچي، ماهوار احساس مئگزين حيدرآباد، ماهوار انڊلٺ مئگزين لاڙڪاڻو، عوامي آواز سنڊي مئگزين ۽ ڪاوش دنيا سنڊي مئگزين ۾ ڇپيا آهن. ڪتاب جي پهرين حصي ۾ ڪُل ۱۵ ڪالم شامل ڪيا ويا آهن. جيڪي ڪُل وقتي موضوعن تي لکيل آهن ۽ اُنهن ۾ سنڌ، سنڌ جي نوجوانن جي مستقبل ۽ سنڌ ڌرتي جي آئيندي لاءِ سنهرن خوابن جو تذڪرو ڪيل آهي. اِنهي سان گڏوگڏ حصي ٻئي ۾ ست اصلاحي مضمون آهن. جنهن ۾ نوڪري واري ٽيسٽ ڪيئن ڏجي؟ نوڪري لاءِ انٽرويو ڪيئن ڏجي؟ تقرير جا بنيادي اصول ڪهڙا آهن؟ اِنهي نموني جا ڪارائتا مضمون شامل ڪيا ويا آهن. حصي ٽين ۾ سنڌي ادب جي مخلتف اهم ڪتابن تي لکيل ارڙھ کن مضمون/تبصرا شامل آهن. جن ڪتاب...