عورتن جون درد ڪهاڻيون

قسط ٽيون…! پورو ڏيھ ڏکن، درد ۽ پيڙاهن جي قصن سان ڀريو پيو آهي ليڪن اُن جي باوجود قدرت واري طرفان پيدا ڪيل دنيا جي حسين ترين تخليق، جنهن کي عورت چئجي ٿو، سا تخليق هن مهل انيڪ تڪيلفن کي منهن ڏئي رهي آهي، هي مرداڻو سماج عورت کي اڃا تائين اُهو مقام عطا ڪري نہ سگهيو آهي جيڪو مقام عورت حق لهي ٿي، اسان جي معاشري منجھ جهڙوڪ هر فرد ڪهاڻي آهي ليڪن اُن جي باوجود عورتن جي نصيب ۾ درد وري ڪجھ سوايو آهي، هتي هن تحرير وسيلي آءُ انهن عورتن جي درد ڪهاڻين کي اوهان آڏو پيش ڪندس جن جي دردن کان دنيا ڪن لاٽار ڪري کين احساس ڪمتري ۾ مبتلا ڪيو نازيہ لاهور جي هڪ ڪاليج مان ايم بي اي ڪئي هئي، ايم بي اي ڪرڻ کان پوءَ ستت ئي کيس هڪ بئينڪ ۾ ملازمت ملي، سندس ملازمت ملڻ تي سندس والدين انتهائي خوش هئا ڇو تہ کين نازيہ کان علاوه ٻي ڪا بہ اولاد وغيره ڪونا هئي، هنن جو اباڻو ڳوٺ ملتان جي آس پاس هو ۽ هي بنيادي طور سرائيڪي هئا، جڏهن لاهور لڏي آيا هئا تہ انهي مهل نازيہ جي والدين کي اڪيلي سر نياڻي سميت هجرت ڪرڻ جي عيوض ڳوٺ وارن طرفان انتهائي ڳالهيون ٻڌڻيون پيون هيون، ليڪن نازيہ جي والد بنا ڪنهن جي پرواھ ڪرڻ جي ڌي کي پڙهائي ڪ...