سانجهي ويل سڏڪندڙ خواب ( ڪالم ) يوسف جميل لغاري

شل خواب سدائين کِلندا رھن ھڪڙي باشعور ۽ ساڃاھ وند ماڻھو جي ھڪ اھم خاصيت ھيءَ آھي تہ ھو پنھنجي آسپاس جي ماحول، سماجي سياسي صورتحال ۽ ملڪي قومي حالتن تي تنقيدي نظر وجھي ٿو ۽ ڏاھپ ڀري اک سان انھن جو تجزيو ڪري ٿو. تنقيدي نظر انقلاب يا آزادي جي ابتدائي وک ھوندي آھي. ان ڪري ئي سڄي دنيا اندر تنقيدي شعور جي سگھ ۽ اھميت کي مڃيو وڃي ٿو. اسان جو باشعور دوست، ساڃاھ وند ساٿي ۽ قومي قافلي جو ھمسفر يوسف جميل لغاري پڻ اھڙو انسان آھي، جيڪو شين، ماحول ۽ حالتن تي تنقيدي نگاھ رکي ٿو. سندس زير نظر ڪتاب "سانجھي ويل سڏڪندڙ خواب" انھي تنقيدي نگاھ جي ميڙيِ چونڊيِ آھي. رڳو ڄار پاتال منجھان موتي نہ ميڙيندا آھن، اکيون بہ ماڻڪ ميڙينديون آھن. حُسن، شعور، ساڃاھ، سڀيتا ۽ ادراڪ جا ماڻڪ موتي. ھن ڪتاب م پڙھندڙن کي آڇڻ لاءِ ھو اھي وڙ ۽ وٿون کڻي آيو آھي. جيتوڻيڪ ھيءَ ھڪ ننڍو ڪتابڙو آھي، پر ان م عقل، ادراڪ، سچائي، انسان پروري، عوام دوستي ۽ سنڌ پرستي جون اتم، اعلاء وڏيون ڳالھيون ڪيون ويون آھن. يوسف جميل لغاري پنھنجي ديس جي دکن ۽ ڏکين حالتن کان آگاھ آھي. ھو پنھنجي قوم جي دردن ء سورن جي پوري پروڙ رکي ٿو. ان ...