خوابن جا پاڇا (ڪهاڻيون) يوسف جميل لغاري

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”خوابن جا پاڇا“ اوهان اڳيان پيش آهي. اختصاري ڪھاڻين تي مشتمل ھن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار يوسف جميل لغاري آھي

يوسف جميل لغاريءَ سان سوشل ميڊيا تي سٺو تعلق رھيو آھي. ھو سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. ھن معاشري جي نا انصافين ۽ ڪيترن ئي روين خلاف بغاوت سندس قلم مان ظاھر ٿي پوندي آھي. سندس ڪھاڻيون اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي چوگرد گھمندڙ ڪردارن ۽ پنھنجن ئي ماڻھن جي روين سان ڀريل آھن. يوسف جا ڪردار ۽ ڪھاڻيون جتي اسان جي معاشرتي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ بيچين آهن اتي زندگي جي چوواٽي تي حقيقي واقعن جا چٽا پٽا اولڙا به آھن. ھن وٽ خوبصورت خواب آھن جن جا پاڇا بہ اوترائي خوبصورت ۽ پر اميد آھن

يوسف جميل لغاريءَ جو ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري ناھي ڇاپيو، تنھنڪري ھن پيار، پاٻوھ، سڪ ۽ اڪير مان سنڌ سلامت ڏانھن موڪليو آھي تہ جيئن آنلائين اپلوڊ ڪري سڀني سنڌين تائين پھچايون. پيارا يوسف سنڌ سلامت سٿ ۽ فورم اوھان سان گڏ ھنن لکڻين کي بہ دلي موٽ ڏيندو

اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام



Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو