الاءِ ڇو پرين ؟

تون مون کان نٿي وسرين


آءُ عمر جي انهي حد تي پهچي چڪو آهيان جنهن عمر جي حد ۾ ڪنهن جي زلفن جو اسير ٿيڻ يا نه ٿيڻ ڪا به معنيٰ ناهن رکندا. ليڪن اُن جي باوجود به آءُ پنهنجي پاڻ کي تو وٽ قيد ٿيل محسوس ڪندو آهيان.

منهنجو سڀئي سوچون توسان منسوب ٿيو وڃن. منهنجو هلڻ، منهنجو گهمڻ توڙي منهنجي هر ڪا گهڙي مون کي تو ڏانهن چڪمڪ جيان ڇڪيندي رهي ٿي.

منهنجي ڌرتي هن مهل انيڪ سورن سان سلهاڙيل آهي. آءُ سوچيندو آهيان ته پنهنجي قلم کي جلا بخشيدي آءُ پنهنجي ڌرتي جي بقا توڙي فلاح ۽ بهبود لاءَ لکان.

ليڪن پرين تون پاڻ به هن ڌرتي جي ڄائي آهي توکي به هن ديس جي دردن جي چڱي پروڻ آهي. 

مون کان پنهنجي ڌرتي لاءِ لاتعلقي بار بار ڇو ٿي ٿئي؟

اهو تنهنجي حُسن جو ڪمال آهي يا وري منهنجي دل لڳي جو فريب. جيڪو مون کي پنهنجي ئي ڌرتي کان غافل ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهي. حالانڪ تنهنجو حُسن پڻ شاهڪار ۽ تعريف جي قابل آهي. اِهو آءُ به مڃان ٿو. ليڪن پرين منهنجو ديس ته توکان به اعليٰ ۽ اُتم توڙي گهڻو مان لهڻو آهي. 

منهنجو ديس صدين جي تاريخ پنهنجي سيني ۾ سانڍيو رکندي پئي اچي. تون انهي جو جُز آهي ۽ هُو ڪُل آهي. 

آءُ جُز جي چڪر ۾ ڪُل کي ڪئين وساري ويٺو آهيان؟


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو