جديد تعليمي نفسيات

جديد تعليمي نفسيات! علم نفسيات جو جامع ۽ سائنسي مطالعو ليکڪ: ڊاڪٽر عبدالروف سنڌيڪار: يوسف جميل لغاري اسان پنهنجي روزاني جي زندگي ۾ پنهنجي آس پاس پاڻ سان لاڳاپيل ماڻهن جو گهرائي سان مشاهدو ڪندا آهيون ۽ اُنهن جي ذهني ڪيفيتن، حرڪتن، عملن ۽ اُنهن جي ڪردار تي اسان جي نظر هوندي آهي. اِنهي مشاهدي جي بنياد تي اسان ماڻهن کي سُٺي ۽ خراب هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏيندا آهيون. ڪنهن ماڻهو جي سنجيدگي سان ويهڻ کي ڏسي ڪري اسان انهي بابت اِهو رايو جوڙيندا آهيون ته شايد ڪنهن سوچ ويچار ۾ گم آهي. ڪنهن کي مايوس ڏسي ڪري اِهو اندازو لڳائيندا آهيون ته پڪ سان هن کي ڪا ڳڻتي آهي يا هن سان ڪو فريب وغيره ٿيو آهي. اسين بد مزاج ۽ جهيڙيڪار ماڻهن سان ملڻ کان پاسو ڪندا آهيون. پر جڏهن اسان جي سامهون، اسان جو ڪو دوست اچي ويندو آهي ته انهي جي چهري کي ڏسڻ مهل اندر ۾ سرهائي محسوس ٿيندي آهي ۽ انهي سان ملڻ لاءِ پاڻهي ڄاڻ قدم اڳتي وڌائڻ شروع ڪندا آهيون. اِهڙي نموني ڪنهن تنظيم يا گروھ جي ڪنهن خاص فرد کان متاثر ٿي ڪري اسان انهي تنظيم يا گروھ جا حصا ٿي ويندا آهيون. دُڪاندار پنهنجي گراهڪ جي اصليت ۽ حيثيت کي ڏس...