لاهوت لامڪان جو سير، سفر ۽ مشاهدو
توهان ننڍي هوندي کان نوراني نور هر بلا دور جو تذڪرو يا نعرو ته ضرور ٻڌو هوندو. جيڪڏهن نه ٻڌو آهي ته ڀلا پنهنجي زندگي ۾ ڪجھ ڪي لاهوتي ماڻهو ضرور ڏٺا هوندا يا انهن سان اوهان ضرور مليا هوندا. هاڻ اِهو نوراني نور، لاهوت ۽ لاهوتي وارا اصطلاح ڪٿان شروع ٿيو. ڪنهن لاءِ استعمال ٿيو. اصل حقيقت ڇا آهي انهي بابت پاڻ هتي تفصيلي گفتگو ڪنداسين. لاهوت جي لغوي معني آهي: ” اُها جڳھ جتي فنافي الله وارن جو آستانو هجي“. مطلب اهڙي جڳھ/اهڙو سفر جنهن ۾ اوليائن جي احترام سان گڏوگڏ مرشد جي رهبري سان خدا جي خشنودي حاصل ڪرڻ جو ارادو به شامل هجي. هن سفر تي وڃڻ مهل سڀني لاهوتين کي تلقين ڪئي ويندي آهي ته هُو موسم جي حساب سان ضروري هنڌ بسترا توڙي ڪپڙا پاڻ سان گڏ کڻي هلن. ڇو ته هي ياترا مڪمل هڪ هفتي تي مشتمل آهي. ڪٿي ڪنهن دڳ پنڌ ۾ رات پوڻ تي اُتي ئي رهڻو پوي ٿو اِنهي لاءِ هر ڪنهن وٽ پنهنجو ضروري سامان هجي نه ته کيس تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو. ڪجھ لاهوتي ته پاڻ سان گڏ هڪ ننڍڙو پاڻي جو ڪولر، گلاس، آرسي، ڦڻي توڙي پنڊي ۽ پليٽ به کڻن ٿا. ته جئين کين سنورڻ ۽ سنبرڻ توڙي کائڻ پئيڻ جي معاملي ۾ ڪائي ڌڪت ...