سانوڻ، جنهن جا نظم اڃا تائين ڪُنوارا آهن



اسان جي سٿ ۾ ڪجھ اِهڙا نوجوان به هوندا آهن جن سان اسان جو دلي لڳاءُ هوندو آهي. انهي لڳاءُ جا کوڙ سارا سبب هوندا آهن. اِهو دلي لڳاءُ نه صرف عزت، احترام ۽ سهڻي ورتاءُ سبب جڙندو آهي بلڪ ڪڏهن ڪڏهن اِنهي لڳاءُ جو مکيه سبب سامهون واري شخص جو ڪم به هوندو آهي. ضروري ناهي ته سندس اُهو ڪم يا ڪرت ڪنهن مخصوص شهبي سان سلهاڙيل هجي پر تڏهن به اِهو بي حد ضروري آهي ته توهان اُن شخص سان ڪهڙي نسبت سبب جُڙيل آهيو. 

دنيا جهان جي ڪم ڪارن عيوض مجموعي طور تي هر قسم جي ماڻهن سان ملڻ جلڻ ٿيندو آهي ۽ ڪن سان مختصر ته وري ڪن سان تويل ڪچهريون به ٿينديون رهنديون آهن. تڏهن به مون کي ماڻهو ياد گهٽ رهندا آهن. گهڻن يارن جا ته نالا ئي ماڳهين مون کان وسري ويندا آهن. آئون ماڻهن جي ميڙ مان جيڪڏهن ڪن کي ياد رکڻ چاهيندو به آهيان ته اُنهن مان اُهي ئي ماڻهو سرفهرست آهن جيڪي تخليقڪار آهن. مطلب ته ڪنهن نه ڪنهن نموني ادب سان سلهاڙيل آهن. ادب لکن ٿا يا وري ادب پڙهن ٿا. 

ادبي ماڻهن سان ميل جول ڪرڻ توڙي انهن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۾ مون کي دلي سڪون ملندو آهي. ڇو ته هِي اُهي ماڻهو هوندا آهن جيڪي عام رواجي موضوعن کان هٽي ڪري سوچيندا آهن. هنن جو نقطه نظر ٻين کان الڳ هوندو آهي. هنن جو سوچڻ، لوچڻ ۽ اُٿڻ ويهڻ جو انداز بنھ نرالو هوندو آهي ۽ هن قسم جا ماڻهو ئي اڳتي هلي ڪري تاريخ جوڙيندا آهن. 

آئون هتي توهان سان جنهن ارادي سان مخاطب ٿيو آهيان. اُهو ارادو اِهو هُو ته اڄ اُنهي شخص سان اوهان جي ملاقات ڪرايان، جنهن شخص جا نظم اڃا تائين ڪنوارا آهن. سندس نظمن جا موضوع انتهائي معصوم هوندا آهن. اِها ساڳي معصوميت سندس چهري ۾ به نمايا طور تي نظر ايندي آهي. سندس تعارف کان پهريان ڇو نه سندس هڪڙو نظم اوهان اڳيان خدمت ۾ پيش ڪجي، جنهن کي پڙهي ڪري توهان پاڻ ئي اِهو اندازو لڳايو ته همراھ واقعي معصوم آهي يا مون ٺڪاءُ هنيو.

مٺا هُو منتظر تنهنجو،
صدين کان هو،
صدين جي لئہ،
پئي تاريخ سوچيندي، 
پئي تاريخ لوچيندي،
سڄو ئي سونهن جو ساگر،
جواني ۽ جياپو هي،
ويو ارپي اوهان جي لئہ،
ڏئي ترتيب هو پنهنجي، 
ڪري قيدي ها لفظن کي، 
 بڻائي بند جا پاڇا،
اوهان جي لئہ رڳو سوچي،
اوهان جي لئہ رڳو لوچي،
پهر جي لهر ۾ لڙهندي،
ڪناري ٻئي وڃي پهتو،
مٺا تاريخ سوچيندي،
مٺا تاريخ لوچيندي،

ستارن جي مثل سپنا،
اُڻي سڀ عارضي سارا،
اوهان جي يار اکڙين ۾،
ڇڏي منظر سڀئي پيارا،
دلين جي ديس مان ڀلجي،
کڻي سڀ خيال هو ڪورا،
اوهان جي يار راهن ۾،
ستارا سار جا ٽانڪي،
دلين جي دار مان جهانڪي،
سکي ۽ سنڌ جي سانگي،
ڪناري ٻئي وڃي پهتو،
مٺا تاريخ سوچيندي، 
مٺا تاريخ لوچيندي، 

ڪرڻ پورا وچن واعدا،
وٺي ٻيهر جنم مٺڙا،
ڪري تاريخ ۾ سڏڙا،
وٺي واٽون اُهي ساريون،
سانوڻ ثابت ڪري ايندو،
مٺا هو منتظر تنهنجو،
صدين کان هو صدين جي لئي،
پئي تاريخ سوچيندي،
پئي تاريخ لوچيندي،

ادب هڪ اهڙي پناه گاھ آهي، جتي خوابن ۽ خيالن جو هڪ ٻي سان ملڻ ٿيندو آهي. جتي لفظ خوشبو وکيريندا آهن ۽ اهل دل اُنهي خوشبو مان سيراب ٿيندا آهن. اکين جي اُڃ صفحن کي ڏسڻ سان ختم ٿيندي آهي. ماڻهو ته مڙئي ماڻهو آهي ڪڏهن ڪئين آهي ته ڪڏهن ڪئين آهي. ڪڏهن پورو ڪتاب هڪ ئي ساهي ۾ پڙهيو ڇڏي ته وري ڪڏهن هڪ ئي صفحي يا هڪ ئي نقطي تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ اٽڪيو خاموش ويٺو هجي. تنهن هوندي به من جي مونجھ يا اندر جي آند مانڌ کي ماٺار بخشڻ لاءَ ماڻهو کي ادب جو ئي پاسو وٺڻو پوندو آهي. اِنهي اُڻ تُڻ ۾ دل کي تسڪين ڏيڻ لاءَ مجموعي طور هر ڪو شاعري کي ٻُڌڻ يا شاعري کي پڙهڻ ئي پسند ڪندو آهي. ڇو ته شاعري ماضي جو عڪس ڏيکاريندي، مستقبل لاءَ سُجاڳي جو سنهيو کڻي ايندي آهي.

اسان جو هي نوجوان دوست به گهڻي وقت کان ادب ۾ پناھ گاھ ڳولهي رهيو آهي. سندس مطالعي ۾ جيتوڻيڪ اردو ادب جا ڪتاب گهڻا آيا آهن ۽ هن وقت به سندس مطالعي جي ميز تي سنڌي ادب کان وڌيڪ اردو ادب جا ئي ڪتاب هوندا. تڏهن به سندس تَخَيَل ۾ ٻنهي ٻولين جا نظم جنم وٺن ٿا. سندس لکيل نظمن ۾ سنڌي توڙي اردو نظمن جو هڪ ٻي سان ڀيٽ نه ٿو ڪري سگهجي ڇو ته کيس سندس ٻنهي ٻولين ۾ لکيل نظم بي پناھ عزيز آهن. اسان هڪڙن جي چونڊ ڪري ۽ هڪڙن کي پوئتي نه ٿا رکي سگهون. اسان جي اَنهي عمل سان سندس روح رنجيده ٿيندو. مون ته سندس خيالن جي اُڏار کي سندس اردو نظمن ۾ به پختو ڏٺو آهي. هتي اوهان جي مطالعي لاءَ سندس اردو نظم رکي رهيو آهيان. اوهان سندس پرواز جي رفتار کي پاڻ ئي محسوس ڪري سگهو ٿا.

تمہاری آنکھیں
قسم سے جیسے خدا کی آنکھیں
تمہاری آنکھوں میں کتنی صدیاں
بھری پڑی ہیں
تمہیں نے جیسے اسے بناکر
مٹا دیا ہو
تمہاری باتیں
قسم سے جیسے کہ آیتیں ہیں
مگر تمہیں نہ غرور ہے اتنا
نہ ان کا کوئی فخر ہے تم کو
فقط تمہاری یہی حقیقت
خدا سے تم کو بڑا ہے رکھتی
فضیلتوں میں
مجھے تو لگتا ہے جیسے تم نے
خدا کو اپنا ہنر دیا ہے
مگر سنو تم!
خدا سے تھوڑا صبر خریدو
غرور اس سے ادھار لے لو
حسن کی خیرات بھی نکالو
اسے بھی تم بس خدا کو دیدو
فضیلتیں جو تمہاری ہیں بس
انہیں کو اپنے خدا کو دیدو
تمہارے حصے کا شکریہ میں
خدا کو دیکر
خدا سے تم کو خرید لاکر
تمہاری دل میں اک گھر بنا کر
وہی رہوں ہیں گا
ہمیشہ تیری ثنا کروں گا

ادب ۾ ترجمي کي وڏي اهميت حاصل آهي ۽ اِهو پڻ سچ آهي ته ترجمي جو فن اچڻ يا ترجميڪاري سکڻ به هڪ وڏي جدوجهد آهي. ترجمي لاءِ ٻولي جي سڀني گُهرجن کي پورو ڪري پوءِ ئي هن ڪَٺن ڪم ۾ هٿ وجهبو آهي. آئون سوچيندو آهيان ته هن نظم جهڙن شاهاڪار نظمن کي جيڪر ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ڪجي ته جئين ٻيا به پڙهي سگهن.

پر آئون سانوڻ جي نظمن کي سنڌي مان اردو ۽ اردو مان سنڌي جو ويس پارائڻ جي جسارت صرف اَن ڪري نه ڪري رهيو آهيان جو هي يار پاڻ هنن ٻنهي ٻولين ۾ پاڻ ملهائي رهيو آهي. ها باقي سندس سان اهو واعدو ضرور آهي ته جڏهن منهنجي انگريزي سُٺي درجي تي پهتي ته آئون سندس نظمن کي انگريزي جو لباس ضرور پارائيندس. پر ائين نه ٿي جو اِهو ڪم به هي يار پاڻ ئي ڪري ڇڏي ۽ اسان ائين جو تئين ئي رهجي وڃون. هاڻ اِهو فيصلو وقت تي ڇڏجي ٿو ته ڏسون وقت ڪنهن کي ٿو موقعو فراهم ڪري.

سانوڻ انتهائي نفيس شخصيت جو مالڪ آهي. جنهن سبب سندس دوست به مختصر آهن. پر جيڪي سندس دوستن جي حلقي ۾ اچن ٿا اُهي به ڪي عام رواجي ماڻهو ڪونه آهن. هن وقت اسان جو هي يار ڪراچي جي هڪ وڏي اداري ۾ وڪالت جي ڊگري ڪري رهيو آهي. يقينن هي پيشو به هڪ اهم ۽ وڏي ذميواري وارو پيشو آهي. هن پيشي سان منسلڪ ماڻهن جو سنئون سڌو واسطو عام ماڻهن جي اهنجن ۽ تڪيلفن کي گهٽائڻ سان هوندو آهي. 

هر وڪيل جي اِها ڪوشش هوندي آهي ته سندس وٽ آيل شخص کي جلد از جلد انصاف ملي سگهي ۽ سندس تڪليفون دور ٿي سگهن. جيڪڏهن هڪڙو باشعور ۽ ٻين جو احساس ڪندڙ ماڻهو هن شعبي جي چونڊ ڪري ٿو ته اُنهي شخص مان اسان کي بهتري جي توقع ڪرڻ کپي. ڇو ته ڪوبه پيشو ٻي پيشي کان اهم يا مٿي ڪونه هوندو آهي. هر هڪ پيشي جي پنهنجي ضرورت ۽ اهميت هوندي آهي.

برحال جيڪڏهن وڪيل شاعر ٿين ته اِها وڏي ڳالھ ڪونه چئبي. پر جيڪڏهن شاعر وڪيل ٿين ته اِها ڳالھ ضرور وڏي چئبي. ڇو ته شاعر جي وڪيل ٿيڻ سان اُنهي شاعر کي لکڻ لاءَ کوڙ سارا نوان موضوع ملي ويندا. اهڙا موضوع جيڪي عام ماڻهن جي طرز زندگي جي عڪاسي ڪندا ۽ اسان توهان کي انهن جي معمول واري حالاتن کان آگاھ ڪندا. سو هن يار جو وڪيل ٿيڻ به اسان لاءَ انتهائي خوشي جهڙي ڳالھ آهي. اسان وڪيل نه ٿياسين ته مڙئي خير آهي. اسان جو يار ته وڪيل ٿئي پيو ۽ تمام جلد ٿي ويندو. 

مجموعي طور دنيا ۾ جيڪي به ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، اُنهن ٻولين جي ڳالهائڻ، لکڻ توڙي پڙهڻ جا هڪ اصول ۽ ضابطه طئي ٿيل هوندا آهن. جنهن کي سنڌي ۾ ويا ڪرڻ ۽ انگريزي ۾ گرامر چئبو آهي. اِنهي جي برعڪس وري ادب ۾ جيڪو اسلوب اختيار ڪيو ويندو آهي سو بنھ الڳ ۽ نرالو هوندو آهي. ادب ۾ پنهنجي اظهار جي لاءِ گرامر جي قطعي ضرورت ڪونه هوندي آهي. ادب ۾ خيال کي وڏي اهميت حاصل آهي. خيال جيترو پڪو، پختو ۽ لوزومات سان ڀريل هوندو پڙهندڙ کي اوترو ئي سُرور ۽ مزو ڏيندو. سندس هنن سٽن کي پڙهي ڪري مون کي ائين لڳو ڄڻ هن هڪ نه بلڪ هزارين دلين جي هنن ٻن سٽن ۾ نمائيدگي ڪئي آهي.

خیال تیرا تو سانس جیسا ہے، 
یہ نہ آئے تو مر نہ جاؤں میں.

تلاش، جاڳ، سُجاڳ ۽ نراس واريون ڪيفيتون انساني مزاج کي ئي مَٽي ڇڏينديون آهن. هي ڪائنات ته مڙني ڳجهن رازن سان ڀريل آهي. هڪڙو راز هٿ لڳي ٿو ته وري ڪا نئي ڳجھ پاڻهي ڄاڻ دريافت ٿي پوي ٿي. ماڻهو اِنهي تلاش ۾ ڪڏهن پنهنجي پاڻ کي وڃائي ويهندو آهي ته وري ڪڏهن اُنهي کان ٻيو گهڻو ڪجھ وڃائجي ويندو آهي ۽ انهي لامن لوڏن ۾ زندگي جو گاڏو پيو هلندو آهي. اسان جون پنهنجي پاڻ ۾ ايتريون اُميدون ڪونه هونديون آهن، جيتريون اسان جو ٻين سان اميدون واڳيل هونديون آهن. جڏهن اُهي اُميدون پوري ٿيندي ڏسڻ ۾ ڪونه اينديون آهن ته اسان ڏاڍا رنجھ ٿي پوندا آهيون. اسان کي وڏو صدمو رسندو آهي.

پنهنجي پاڻ کي انهي طريقي جي صدمن کان بچائڻ جو هڪڙو ئي سولو طريقو آهي ته ماڻهو ادب سان جُڙي وڃي ۽ پاڻ توڙي ٻين جي دلين کي لفظن جي سمنڊ آڇي ڪري سيراب ڪندو رهي. سانوڻ هي ڪم نظم ۾ ڪري رهيو آهي ۽ وري اسان هي ساڳيو ڪم نثر ۾ ڪري رهيا آهيون. ٻنهي جو ڪرت ساڳيو آهي بس طريقو هڪ ٻي کان ٿورو مختلف آهي. دعا آهي ته سندس هي سفر اڳ کان اڳڀرو رهي ۽ سندس ڏات هن سموري ڏيھ کي موهي وجهي!


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو