ڇا ميرٽ تي ڀرتي ٿيڻ اسان جو ڏوھ آهي

گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ اندر پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي ۽ هي اُها واحد سياسي جماعت آهي جنهن جا اڳواڻ هر دفعي اليڪشن مهل پنهنجي مجموعي ڪارڪردگي ٻُڌائڻ جي بجاءَ اها ڳالھ ورائي ورائي ڪندا آهن ته:”اسان ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون آهن“. حالانڪ جيڪڏهن حقيقتن جي بنياد تي ڏٺو وڃي ته جن ماڻهن کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور ۾ نوڪريون مليون آهن يا جن کي نوڪريون ڏين ٿا. اُنهن کي پنهنجي جائز مطالبات جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب جي ياترا به هي ئي حڪومت ڪرائي ٿي. سنڌ جي تعليم جي تازي صورتحال کان ته هر ڪوئي باشعور ۽ پڙهيو لکيو ماڻهو واقف آهي. تنهن جي باوجود بقول پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جي جن ماڻهن کي هي ميرٽ تي نوڪريون ڏين ٿا. اُنهن کي ائين بي يار و مددگار ڇو ٿا ڇڏي ڏين. گذريل هفتي اُستادن جي ڀرتين لاءِ سکر آيَ بِي اَي وسيلي جيڪا ٽيسٽ ورتي وئي. اُن سنڌ جي تعليمي نظام متعلق کوڙ سارن نون سوالن کي جنم ڏنو آهي. ميرٽ کي بنياد بڻائي سموري سنڌ جي نوجوانن جي لياقتن ۽ قابليتن جو ڏيوالو ڪڍڻ تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت کيرون لهي. هن ٽيسٽ کانپوءِ جيڪي انگ اکر سامهون آيا آهن. اُهي نه ئي ڪنهن مع...