ڪتاب:”ميراث ميرواھ“ جو تنقيدي جائزو

ٺري ميرواھ تعلقي جو شمار، ضلعي خيرپور ميرس جي اهم تعلقن ۾ ٿئي ٿو. هن تعلقي جا ماڻهوءَ فنون لطيفه کان وٺي زندگي جي هر هڪ شعبي ۾ هميشه اڳڀرا رهيا آهن. علم ۽ ادب جي حوالي سان به هتان جي ماڻهن ۾ ساڃاھ ٻين علائقن جي ماڻهن کان سرس آهي. تازو ئي اُستاد عبدالخالق شر صاحب جو ڪتاب”ميراث ميرواھ“ ڇپجي ڪري پڌرو ٿيو آهي. هي ڪتاب تاريخي حوالي سان وڏي اهميت جو حامل آهي ڇو ته هن ڪتاب ۾ سرسري طور ميرواھ تعلقي جي تاريخ تي روشني وڌي وئي آهي. ڪنهن به علائقي توڙي ماڻهوءَ جي سياسي ۽ سماجي جدوجهد/تاريخ کي واقعي به واقعي قلمبند ڪرڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي. تاريخ هڪ اهڙو ته نازڪ موضوع آهي جيڪو لکندڙ کي هڪ نقطي جي ڦير گير سان لفظ ”محرم“ مان ”مجرم“ بڻائي ڇڏيندو آهي. جيئن ته اُستاد عبدالخالق شر صاحب پنهنجي زندگي جو گهڻو عرصو تعليم کاتي سان وابستگي ۾ گذرايو آهي. تنهن ڪري هر هڪ شعبي جي ماڻهن سان سندس سُٺا تعلقات رهيا آهن. پاڻ نه صرف هڪ سُٺا اُستاد ٿي رهيا آهن بلڪ سندس شخصيت ۾ انتظامي حوالي سان به کوڙ ساريون خوبيون موجود آهن. مون هي ڪتاب ڪجھ ڏينهن پهريان لغاري بڪ اسٽور تان خريد ڪيو آهي. مون کي جيئن ئي هن ڪتاب جي اشاعت جي خبر پئي ته مون اعزازي ڪاپي وصول ڪرڻ جي آسري ۾ ويهڻ بدران هڪ سُٺي پڙهندڙ طور ڪتاب جي ڪاپي خريد ڪئي ته جيئن ليکڪ کي سندس محنت جي موٽ ملي سگهي ۽ سندس ڪوشش سڦلتا ماڻي. مجموعي طور تي ڪتاب جو جائزو وٺڻ کان پوءِ آئون اُن نتيجي تي پهتو آهيان ته ڪتاب ۾ ڪجھ جاين تي اعتدال پسندي کان ڪم نه ورتو ويو آهي. ڪتاب تي آئون پنهنجو مفصل رايو، سائين عبدالخالق شر جي پنهنجي پاران واري نوٽ ۾ لکيل هنن لفظن سان شروع ڪندس ته:”ويرن بفت چيو آهي ”بيوقوف جي غلطيءَ جي نشاندهي ڪندا ته اُهو اوهان کان نفرت ڪندو پر عقلمند جي غلطيءَ جي نشاندهي ڪندا ته اهو اوهان جي ساراھ ڪندو“. ڪتاب ميراث ميرواھ جن اهم موضوعن تي مشتمل آهي. اُهي موضوع هي آهن”ميرواھ تعلقه جو تعارف، وسنديون ۽ واهڻ، قومون ۽ قبيلا، درگاهون ۽ مقبرا، ميرواھ جا تاريخي ماڳ/عمارتون، چونڊيل نمائيندا، سياسي تنظيمون، ايم آر ڊي تحريڪ بحاليءَ جمهوريت، ميرواھ تعلقي جو تعليمي نظام، تعليم کاتي جا آفيسر، ناليوارا اُستاد، ميرواھ تعلقه ۾ سرڪاري آفيسن جو قيام، نظام صحت، ڊاڪٽر، انجنيئر، تعلقه ميرواھ جا سي ايس ايس/پي سي ايس آفيسر، روينيو ڪواليفائيڊ اسٽنٽ مختيارڪار، ميرواھ تعلقه جا تپيدار، تعلقه ميرواھ جا جج صاحبان، ميرواھ تعلقه جا وڪيل، فنڪار، ملھ پهلوان، حُر مجاهد، سگهڙ، تعلقه ميرواھ جون مختلف تنظيمون، علماءِ ڪرام، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو ميرواھ ۾ تاريخي خطاب، ديني درسگاهون، شخصيتون، تعلقه ميرواھ ۾ ميڊيا جون شخصيتون، حڪمراني جا چارٽ ۽ تعقله ميرواھ جي اديبن جا ڇپيل ڪتاب. هي ڪتاب ڪُل ٽي سئو ڇٽيھ صفحن تي مشتمل آهي. پبلشر نوٽ قربان منگي، جڏهن ته هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري ليکڪ ۽ براڊڪاسٽر ڪوثر ٻُرڙي لکيو آهي. بيڪ ٽائيٽل ناليواري شاعر ۽ ليکڪ امر اقبال جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ ليکڪ جي پنهنجي پاران نوٽ سميت ڪُل يارھ رايا شامل آهن. ڪتاب جو لي آئوٽ سنڌ جي ناليواري آرٽيسٽ آصف نظاماڻي ۽ عرفان ڀٽو ٺاهيو آهي. ڪتاب جي قيمت 500 روپيه رکي وئي آهي. ڪتاب جي آخري صفحن تي ليکڪ جون ڪجھ يادگار تصويرون به ڏنيون ويون آهن

هن ڪتاب جي صفحي نمبر 118 تي ٺري ميرواھ تعلقي ۾ مقيم درگاهن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ڳوٺ حاجي محمد اسماعيل لغاري ۾ قائم قديمي درگاھ:”پير دُرن“ واري درگاھ جو ذڪر اسان کي نه ٿو ملي. جڏهن ته هي درگاھ به ٻين درگاھ جيان قديمي درگاھ آهي ۽ سندس نالي مان ٺري ميرواھ جي اڪثيريت واقف آهي. پير دُرن وارو بزرگ پير نور شاھ ۽ پير جمال شاھ جي ساڳي دور جو بزرگ آهي. جڏهن ته درگاھ جمال شاھ سندس ڀر سان ڪجھ مفاصلي جي پنڌ تي قائم آهي. ليکڪ تحقيق ڪندي جڏهن پير جمال شاھ تائين پهتو آهي ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سندس علم ۾ پير دُرن شاھ جو درگاھ نه اچي سگهيو آهي؟ هن ڪتاب جي صفحي نمبر 168 تي:”ناليوارا اُستاد“ جي عنوان سان ٺري ميرواھ جي ڪجھ اُستادن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ذڪر هيٺ آيل اُستادن ۾ ڪجھ استاد اهڙا آهن جيڪي هاڻ حال حيات ڪونه آهن ۽ ڪجھ اهڙا به آهن جيڪي هن وقت تائين پيغمبري شعبي سان سلهاڙيل آهن. ڪتاب جي فاضل ليکڪ اُستادن جي ذڪر ڪرڻ مهل اُنهن استادن جي ترتيب ناهي جوڙي، جنهن مان اها خبر پوي ها ته ڪهڙا اُستاد جونئير آهن ۽ ڪهڙا سينئر/ريٽائير يا فوت ٿيل آهن. انهي سان گڏوگڏ اهم ڳالھ اها پڻ آهي ته اسان جي لغاري برداري جا کوڙ ماڻهوءَ تعليم کاتي سان لاڳاپيل آهن. وڏي ڳالھ ته اها آهي جو پراڻي دور جي اُستادن ۾ جيڪي فائينل پاس هوندا هيا اُنهن ۾ منهنجي ڏاڏي حاجي محمد اسحاق لغاري، اُستاد حاجي الهواريو ڇلگري، اُستاد الهيٰ بخش لغاري، استاد مهر علي لغاري، اُستاد منظور لغاري ۽ اُستاد حاجي دائود لغاري جو نالو سرفهرست آهن. هنن سڀني نالن کي نظر انداز ڪندي صرف پروفيسر آيت الله لغاري جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هاڻ ڪتاب پڙهندڙ اهو ئي سمجهندو ته شايد هنن سڀني (لغارين) ۾ سواءِ پروفيسر آيت الله لغاري کان علاوه ٻيو ڪو به ناليوارو اُستاد ڪونه آهي. مون مٿي صرف پراڻي دور جي سُٺن اُستاد جو ذڪر ڪيو آهي. جڏهن ته هن وقت به اسان جي برادري ۾ اهڙا انيڪ نالا موجود آهن. جن تعليم کاتي ۾ پنهنجي محنت سان سُٺي ڪاميابي ماڻي آهي ۽ سُٺن عهدن تي فائز آهن. انهن سڀني کي نظر انداز ڪرڻ آئون سمجهان ٿو هڪ وڏي تاريخي غلطي آهي. جيڪا يا ته ليکڪ کان ٿي آهي يا ته وري کيس انهي معلومات ڏيڻ واري فرد کان. جنهن کيس اڌوري معلومات فراهم ڪئي آهي. اها وضاحت ليکڪ پاڻ ئي ڏئي سگهي ٿو. پنهنجي پاران جي نوٽ اُستاد عبدالخاق شر صاحب لکن ٿا ته:”هن ڪتاب ۾ جيڪي به مواد شامل آهي اهو ڪجھ ڪتابن مان، ڪجھ وڏڙن جي زباني روايتن مان حاصل ڪري ڪافي تحقيق ۽ متفقه مشاورت سان شامل ڪجي ٿو. اسان جي ڪوشش هوندي ته ايندڙ ايڊيشن ۾ رهيل سمورو مواد شامل ٿي وڃي“. سائين جي هنن جملن کي سامهون رکندي اسان اها اميد ڪريون ٿا ته مون پاران انفرادي طور پنهنجي برداري، علائقي توڙي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن جي حوالي سان جيڪي درستگيون آئون هن مضمون ۾ لکي رهيو آهيان. انهن کي سامهون رکندي، ليکڪ پنهنجي ايندڙ ڪتاب جيڪو هن ڪتاب جو سلسلو هوندو اُن ۾ ذڪر هيٺ ضرور آڻيندو. ڪنهن به تحيقي توڙي تاريخي ڪتاب جي آخر ۾ جتان جتان به مواد جي حوالي سان ڪا معلومات اخذ ڪئي ويندي آهي ته اُن جا حوالا ڏبا آهن. جڏهن ته هي ڪتاب تاريخي توڙي تحقيقي آهي پر تڏهن به هن ڪتاب ۾ ڪنهن به معلومات سان ڪو به حوالو ڪتاب جي آخر ۾ ڏنل ڪونه آهي. ائين لڳي ٿو ڄڻ سمورو ڪتاب مفروضات تي مشتمل آهي

هن ڪتاب جي صفحي نمبر 284 تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺري ميرواھ جي بنياد کان وٺي ڪري هن مهل تائين جو ذڪر ڪيو ويو آهي. الميو ته اهو آهي جو هن شاخ جي تعارف ۾ اڌ سچائي ۽ اڌ هڪ طرفي ڳالھ ڪئي وئي آهي. هن شاخ جي ماضي جي حوالي سان جيڪو تذڪرو ڪيو ويو آهي اهو درست آهي پر هن وقت هن شاخ جي جيڪا صورتحال آهي يا اُن جا جيڪي حقيقي چونڊيل عهديدار آهن اُنهن کي نظر انداز ڪري، اُنهن ماڻهن کي عهديدار ڄاڻايو ويو آهي. جيڪي غير آئيني ۽ غير جهموري طريقي سان پنهنجي پاڻ کي سنڌي ادبي سنگت جا عهديدار سڏائي رهيا آهن. وڏي ڳالھ ته اها به آهي جو ان غير جهموري ۽ غير آئيني عهديدار جو ڪُل تعداد 05 کان مٿي به ڪونه آهي تڏهن به اُنهن هن ڪتاب جي ليکڪ کي غلط معلومات فراهم ڪندي پنهنجي ميمبرن جو تعداد 21 ڄاڻايو آهي ۽ سنڌ هاءَ ڪورٽ حيدرآباد بيچ هنن غير جهموري ۽ غير آئيني ڌڙي جي عهديدارن کي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو لوگو استعمال ڪرڻ کان منع ڪيو هو تڏهن به اهي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو نالو ۽ لوگو استعمال ڪندي ڪتاب ڇپرائي رهيا آهن ۽ اُنهن کي سنڌي ادبي سنگت جي کاتي ۾ شمار ڪري رهيا آهن. جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت ضلع خيرپور ميرس جو آئيني ۽ جهموري رابطه سيڪريٽري رحيمداد جوڳي آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺري ميرواھ جا آئيني، جهموري توڙي چونڊيل عهديدر يوسف جميل لغاري (سيڪريٽري) ۽ آزاد شر (ڪائونسلر) آهن ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺري ميرواھ جي سهڪار سان ڪجھ عرصو پهريان:”ميرواھ جا ڏات ڌڻي (گڏيل شاعري)“ جو ڪتاب ڇپيو آهي. جنهن جو مرتب ڪندڙ نوجوان شاعر آڪاش ميرواھي آهي. آئون سمجهان ٿو اهو ڪتاب ليکڪ جي مطالعي ۾ به آيو آهي. جنهن ۾ بطور سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺري ميرواھ منهنجو نوٽ به لڳل آهي. انهي سان گڏوگڏ:”تعلقه ميرواھ جي اديبن جا ڇپيل ڪتاب“ جي عنوان سان صفحي نمبر 334 تي ٺري ميرواھ جي اديبن ۽ انهن جي ڇپيل ڪتابن جي فهرست ڏني وئي آهي. الميو ته اهو آهي جو هن فهرست ۾ منهنجي ڪتابن جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي. آئون اها ڳالھ هن مهل تائين سمجهي ناهيان سگهيو ته آخرڪار مون کي ڪهڙن بنيادن تي رد ڪيو ويو آهي؟ جڏهن ته منهنجو تعليم جي موضوع تي ڇپيل ڪتاب:”تعليم ۽ تربيت: اڄ جي ضرورت“، جيڪو پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي طرفان 2019 ۾ ڇپيو ويو هو. ان کي سموري سنڌ مان ڀرپور نموني موٽ ملي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ گذريل سال منهنجي ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب:”ڪاغذي ڳالهيون“ مرڪ پبليڪشن ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي. جنهن کي پڻ سموري سنڌ مان پڙهندڙ ڀرپور موٽ ڏني آهي. تنهن هوندي به هن فهرست ۾ مون کي نظر انداز ڪرڻ جو سبب ڇا ٿي سگهي ٿو؟ جڏهن ته هن فهرست ۾ اهڙن ٻن ڪتابن جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي جيڪي منهنجي ڪتاب جي ڇپجڻ کان پوءِ ڇپيا آهن. جڏهن ليکڪ جي تحقيق اُنهن ڪتاب تائين پهتي آهي ته منهنجي ڪتابن جو علم کيس ڪيئن نه پيو هوندو؟ يا ته وري ائين آهي جنهن ماڻهوءَ کيس ڪتاب جي فهرست ٺاهي ڏني آهي، ان ذاتي بنيادن تي پنهنجي اندر جي ڪدورت کي ظاهر ڪندي مون کي نظر انداز ڪيو آهي. اهو عمل نه صرف ميراث ميرواھ ڪتاب جي ليکڪ سان ناجائزي ڪوٺبي بلڪ ٺري ميرواھ جي تاريخ سان هٿ چراند جي ذمري ۾ اچي ٿو. پنهنجي شهر جي هڪ نوجوان ليکڪ کي پوئتي ڌڪڻ مان ڪهڙا نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا؟ پنهنجي ذاتي پسند يا ناپسند تي ڪنهن ماڻهو کي رد ڪرڻ تاريخي ڏوھ آهي. تاريخ سيهڙڻ مهل پنهنجي رنجشن، ذاتي پسند يا ناپسند کي هڪ پاسي رکي جيڪي حقيقيتون هونديون آهن انهن جو تذڪرو ڪبو آهي. آئون اها دعواه ٿو ڪريان ته ٺري ميرواھ جا جيڪي به ماڻهوءَ ادب سان لاڳاپيل آهن انهن سڀني کي منهنجي ڪتابن جي ڇپجڻ جو علم آهي. تنهن هوندي به ميراث ميرواھ ڪتاب جي ليکڪ کي اڌوري معلومات فراهم ڪندڙ اُهي سهولتڪار ٺري ميرواھ جي اهل علم طبقي سان دشمي ڪري رهيا آهن يا ميراث ميرواھ ڪتاب جي ليکڪ جي سموري محنت کي ضايع/رد ڪرڻ واري نيت رکن ٿا. اهڙن ماڻهن جي وقت سر پرک ميراث ميرواھ جي ليکڪ کي ئي ڪرڻي آهي. ننڍڙي گذارش اها به آهي ته آئون گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ جي مشهور اخبارن توڙي رسالن ۾ پنهنجا مضمون، ڪالم ۽ ڪهاڻيون لکندون ٿو اچان. ميرواھ تعلقي جي ڳچ آبادي کي اها خبر آهي ته آئون قلم ۽ ڪاغذ کان هڪ پل به پري ناهيان ويو. جيڪڏهن سائين عبدالخالق شر صاحب پنهنجي ڳوٺ/علائقي جي ادب سان لاڳاپيل چند فردن کان ذاتي طور تي منهنجو نالو کڻي پڇندو تڏهن به کيس اُهي منهنجي متعلق ڪافي ساري معلومات ڏيندا ۽ اهو يقين کيس ٿي ويندو ته ٺري ميرواھ جي نوجوان ليکڪن جي ڀيٽ ۾ آئون ڪيترو گهڻو ۽ ڪيترو معياري لکي رهيو آهيان. اميد ته هي مضمون اوهان جي علم ۾ واڌاري جو سبب بڻيو 

هوندو

Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو