Posts

سانجهي ويل سڏڪندڙ خواب ( ڪالم ) يوسف جميل لغاري

Image
شل خواب سدائين کِلندا رھن ھڪڙي باشعور ۽ ساڃاھ وند ماڻھو جي ھڪ اھم خاصيت ھيءَ آھي تہ ھو پنھنجي آسپاس جي ماحول، سماجي سياسي صورتحال ۽ ملڪي قومي حالتن تي تنقيدي نظر وجھي ٿو ۽ ڏاھپ ڀري اک سان انھن جو تجزيو ڪري ٿو. تنقيدي نظر انقلاب يا آزادي جي ابتدائي وک ھوندي آھي. ان ڪري ئي سڄي دنيا اندر تنقيدي شعور جي سگھ ۽ اھميت کي مڃيو وڃي ٿو. اسان جو باشعور دوست، ساڃاھ وند ساٿي ۽ قومي قافلي جو ھمسفر يوسف جميل لغاري پڻ اھڙو انسان آھي، جيڪو شين، ماحول ۽ حالتن تي تنقيدي نگاھ رکي ٿو. سندس زير نظر ڪتاب "سانجھي ويل سڏڪندڙ خواب" انھي تنقيدي نگاھ جي ميڙيِ چونڊيِ آھي. رڳو ڄار پاتال منجھان موتي نہ ميڙيندا آھن، اکيون بہ ماڻڪ ميڙينديون آھن. حُسن، شعور، ساڃاھ، سڀيتا ۽ ادراڪ جا ماڻڪ موتي. ھن ڪتاب م پڙھندڙن کي آڇڻ لاءِ ھو اھي وڙ ۽ وٿون کڻي آيو آھي. جيتوڻيڪ ھيءَ ھڪ ننڍو ڪتابڙو آھي، پر ان م عقل، ادراڪ، سچائي، انسان پروري، عوام دوستي ۽ سنڌ پرستي جون اتم، اعلاء وڏيون ڳالھيون ڪيون ويون آھن. يوسف جميل لغاري پنھنجي ديس جي دکن ۽ ڏکين حالتن کان آگاھ آھي. ھو پنھنجي قوم جي دردن ء سورن جي پوري پروڙ رکي ٿو. ان ...

واڄٽ ڪن وڻجار (مضمون) يوسف جميل لغاري

Image
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”واڄٽ ڪن وڻجار“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪالمن، مضمونن ۽  احساساتي لکڻين جي هن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار يوسف جميل لغاري آھي يوسف جميل لغاريءَ سان سوشل ميڊيا تي ڊگهي عرصي کان تعلق رھيو آھي. ھو سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن  کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. هن کي سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافين، معاشرتي بي راه روي، تعليمي، تنقيدي ۽ تعميري لکڻين جو شوق رهيو آهي يوسف جميل لغاريءَ جو ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري ناھي ڇاپيو، تنھنڪري ھن پيار، پاٻوھ، سڪ ۽ اڪير مان سنڌ سلامت ڏانھن موڪليو آھي تہ جيئن آنلائين اپلوڊ ڪري سڀني سنڌين تائين پھچايون. ان کان اڳ سندس ڪهاڻين جو مجموعو پڻ سنڌ سلامت تي شيئر ڪري چڪا آهيون. پيارا يوسف سنڌ سلامت سٿ ۽ فورم اوھان سان گڏ ھنن لکڻين کي بہ دلي موٽ ڏيندو. اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر محمد سليمان وساڻ مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )  سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب کي ڊائونلوڊ ڪريو

خوابن جا پاڇا (ڪهاڻيون) يوسف جميل لغاري

Image
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”خوابن جا پاڇا“ اوهان اڳيان پيش آهي. اختصاري ڪھاڻين تي مشتمل ھن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار يوسف جميل لغاري آھي يوسف جميل لغاريءَ سان سوشل ميڊيا تي سٺو تعلق رھيو آھي. ھو سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. ھن معاشري جي نا انصافين ۽ ڪيترن ئي روين خلاف بغاوت سندس قلم مان ظاھر ٿي پوندي آھي. سندس ڪھاڻيون اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي چوگرد گھمندڙ ڪردارن ۽ پنھنجن ئي ماڻھن جي روين سان ڀريل آھن. يوسف جا ڪردار ۽ ڪھاڻيون جتي اسان جي معاشرتي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ بيچين آهن اتي زندگي جي چوواٽي تي حقيقي واقعن جا چٽا پٽا اولڙا به آھن. ھن وٽ خوبصورت خواب آھن جن جا پاڇا بہ اوترائي خوبصورت ۽ پر اميد آھن يوسف جميل لغاريءَ جو ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري ناھي ڇاپيو، تنھنڪري ھن پيار، پاٻوھ، سڪ ۽ اڪير مان سنڌ سلامت ڏانھن موڪليو آھي تہ جيئن آنلائين اپلوڊ ڪري سڀني سنڌين تائين پھچايون. پيارا يوسف سنڌ سلامت سٿ ۽ فورم اوھان سان گڏ ھنن لکڻين کي بہ دلي موٽ ڏيندو اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بز...

راشد شر جي ڪتاب تي لکيل مون پاران محقق جو تعارف

Image
محمد راشد جنهن جو ادبي نالو راشد شر آهي، پاڻ تعلقي فيضگنج جي ڳوٺ کنڊو خان شر ۾ 2 مارچ 1997ع تي پيدا ٿيا، ادب سان سندس لڳاءُ سن 2012ع کان آهي ادبي دنيا ۾ سندس سڃاڻپ هن وقت مقالا نگار مضمون نويس ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي، سندس ادبي تحريرون، ڪالم ۽ ڪهاڻيون سنڌ جي مختلف اخبارن جهڙوڪ روزاني عوامي آواز، روزاني ڪاوش، روزاني ڪوشش، روزاني سنڌ ايڪسپريس، روزاني هلال پاڪستان ۾ پبلش ٿينديون رهنديون آهن، ان کان علاوه سندس ڪهاڻيون، نظم ۽ نثري ٽڪرا سنڌ جي مشهور ادبي رسالن جهڙوڪ ماهوار همسري ميگزين حيدرآباد، ماهوار ساڻيهه ميگزين ڪراچي، ڪاوش مڊ ويڪ وغيره ۾ پڻ شايع ٿيندا رهندا آهن ڪائنات جي هن سڄي ڪارونهوار کي سمجهڻ لاءِ ڳوڙهي علم جي ضرورت پوندي آهي، ان علم سان ئي شين جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي آهي، علم جي وسيلي ئي مختلف شين ۾ فرق ڪري سگهجي ٿو ۽ کين سمجهي سگهجي ٿو. اسان جو هي سدا ملوڪ سُڄاڻُ دوست راشد شر ڳچ عرصي کان علم ادب سان سلهاڙيل هڪ اهڙو چمڪندڙ ستارو آهي جنهن جي چمڪ سندس فڪري تحريرن وسيلي نمايا ٿيندي رهي ٿي. راشد جي لکڻين ۽ تحريرن ۾ جملن جي روانگي، توڙي ٻولي جو اسلوب پڙهندڙن کي حيران ڪريو ڇڏي پاڻ ادب جو...

صحرا جي ڀاڪر ۾

Image
گهڻو عرصو گذري چُڪو هو مون ڪنهن بہ شاعر جي شاعري کي سنجيدگي سان نہ پڙهيو، ها البتہ ڪالم، ڪهاڻيون، مضمون، تاريخ، تنقيد ۽ مقالمن کي مون ڪجھ جهجو وقت ڏنو هاڻ ڪجھ ڏينهن پهريان صاحب ڪتاب پنهنجو ڪتاب مون کي تحفي طور ڏنو، مون پڙهڻ شروع ڪيو، الاءِ ڇو زندگي ۾ پهريون دفعو شاعري ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي دلچسپي بہ ايتري جو آءُ بنا ڪنهن ڊگهي ساهي جي هڪ ئي دم پورو ڪتاب پڙهي ويس ڪتاب کي جڏهن مون پڙهڻ شروع ڪيو تہ منهنجي من جي اداس پاڇن کي روشني ملڻ لڳي، جوڳي جي هر هڪ خيال، تصور ۽ لفظ لفظ ۾ ڪمال جي منظر نگاري رکيل آهي، رحيمداد جوڳي ڪتاب جي اُڻويھون صفحي تي لکي ٿو هُن مون ڏي ايئن نهاريو جيئن چنڊ ڏي ٻار نهاريندو آهي چنڊ ڏي ٻار جو نهارڻ تجسس تي مشتمل هڪ عمل هوندو آهي، جنهن ۾ ٻار چنڊ کي پسڻ جا خواب پنهنجي اکين ۾ رکي انهن جي ساڀيان لاءِ هڪ طويل انتظار جو عادي ٿي ويندو آهي، رحيمداد اُن ٻار جي انهي تهجب توڙي تجسس واري نهار کي نثري نظم جو خوبصورت ويس پارائي اسان توهان آڏو پيش ڪيو سندس پوري ڪتاب ۾ انيڪ اهڙا نثري نظم آهن جن کي پڙهڻ کان پوءِ ڪجھ منٽن لاءِ مون کي ڪتاب بند ڪرڻو پيو، ڪتاب بند ان لاءِ تہ انهن ...

هي تنهنجا زلف سڄڻ

Image
ڇا لکجي تنهنجي ادائن تي، تنهنجي نگاهن تي، تنهنجي مسڪراهٽ تي، تنهنجي ملڻ ۽ کلڻ تي، تنهنجون سڀئي ادائون هڪ ٻي کان اُتم ۽ اعليٰ درجي جون آهن، ليڪن اڄ دل چيو تہ تنهنجي اُنهن ڪاريهر نما زلفن تي طب آزمائي ڪجي، جن جي هر هڪ ور وڪڙ مون کي تو وٽ قيد ڪري ڇڏيو آهي، تنهنجون سڀئي صفتون جيتوڻيڪ هڪ ٻي جي مقابل هڪ ٻي کان وڌيڪ ۽ پُرڪشش آهن ليڪن الاءَ ڇو پوءَ بہ تنهنجا هي ڪارا زلف منهنجو ڌيان تو ڏانهن پاڻهي ڇڪائي ٿا وجهن آءُ دير سوير زماني جي ڪشمڪش کان جڏهن واندو ٿي ڪري تو کي سوچڻ لڳندو آهيان تہ تڏهن منهنجي من جا سڀئي مُرجهايل گل ٽڙي پوندا آهن، تنهنجي چاهت جو ايترو اثر ٿيو آهي جو آءُ خوش رهڻ لڳو آهيان، ائين کڻي سمجھ تہ مهڪي ۽ ٻهڪي پيو آهيان، دل جو نگر آباد ٿي پيو آهي ۽ دنيا جا سڀ بي رنگ خاڪا رنگين نظر اچڻ لڳا آهن، ويران ٿيل دل جون سڀئي راهون سر سبز ٿي ويون آهن، آءُ تنهنجي چاهت جو چريو عاشق ٿي پيو آهيان منهنجي انهي انداز کي ڏسي ڪري هاڻ تہ مون تي زماني جي ماڻهن بہ ٽوڪڻ شروع ڪيو آهي، ماڻهو چون ٿا تہ آءُ هن زماني جو مجنو ٿي پيو آهيان، هاڻ ڪيڏي نہ ناداني آهي ماڻهن جي ان سوچ جي جيڪي مون ناچيز کي مجنو سان ...

سرمد کي سنڌ ساري ٿي

Image
سنڌ ڌرتي جي سرموڙ فنڪار سرمد جي اڄ ورسي آهي، سرمد جنهن جي معنيٰ آهي هميشه رهندڙ، دائم مغل حڪمران اورنگزيب جي حڪومت ۾ هڪ صوفي رهندو هو جنهن جو نالو هو سرمد ۽ اُن کي قتل ڪرايو ويو هو، اِهڙي ئي ريت اسان جي سرمد کي بہ قومي توڙي انقلابي گيتن ڳائڻ جي عيوض هڪ وڏي رٿا تحت اسان کان الڳ ڪيو ويو  ظاهري طور تہ اهو سڄو ڪجھ هڪ حادثي طور پيش ڪيو ويو ليڪن حادثا ايترا جلدي وقع پذير ناهن ٿيندا ڇو تہ سرمد جي ان حادثي کان پهريان بہ سرمد کي هڪ حادثو ڪجھ وقت اڳم پيش اچي چڪو هو. جنهن ۾ کيس تمام گهڻا ڌڪ لڳا هئا ليڪن ٻي حادثي کي ايتري تہ مهارت سان ترتيب ڏنو ويو هو اُن جو شڪار ٿيندي نيٺ سرمد کي اسان کان جسماني طور الڳ ٿيڻو پوندو سرمد جي آواز سان ڪومائل دلين کي فرحت ملندي هئي. سرمد جي آواز سان ڪٺورتا جي لپيٽ ۾ آيل دلين منجھ ديس جي دردن لاءِ بيداري نمودار ٿيندي هئي، سرمد جنهن جي آواز جو جادو جهر جهنگ ۾ مزدورن، هارين نارين ۽ ٻارن کي پنهنجي ديس جي داخلي ۽ خارجي جهلڪ ڏيکاريندو هو. سرمد جيڪو سائين جي ايم سيد جو سچو پارکو ۽ عاشق هو کيس سيد سان عشق ڪرڻ جي ڏوھ ۾ وقت جي فرعونن جام شهادت پياريو، آءُ اڄ ڏينهن...