Posts

سنڌ جي سُڄاڻ ۽ تعليم يافته نياڻي جون ڪوششون

Image
  فرزانه چانڊيو سنڌ جي اُها باشعور ۽ تعليم يافته نياڻي آهي جنهن کي مون هميشه تعليم جي بهتري لاءِ جاکوڙيندي ڏٺو آهي. سندس لکڻين مان تعليم جي هٻڪار ايندي آهي. نه صرف سنڌ اندر بلڪ سنڌ کان ٻاهر به سندس سُڃاڻپ هڪ تعليمدان طور ئي آهي. تعليم جي ميدان ۾ اسان جي سنڌ جي هي باشعور نياڻي گهڻي عرصي کان پاڻ پتوڙي رهي آهي ۽ اِنهي پتوڙ دوران ادب جي جهول ۾ ٻه ڪتاب ڏئي چڪي آهي. انهن ڪتابن ۾ سندس پهرين ڪتاب کي پڙهندڙن وٽ باقاعده پذيرائي ملي آهي ۽ اُنهي ڪتاب کان پوءِ سندس هي ٻيو ڪتاب تازو ئي پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي طرفان ڇاپي ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. گذريل ڪجھ عرصي کان سنڌ جو هي اشاعتي ادارو تعليم جي موضوع تي پڙهندڙن جي جهول ۾ سُٺا ڪتاب ڏئي رهيو آهي. جيڪو هڪ خوش آئينده عمل آهي ۽ پڙهندڙ ادبي ڪتابن سان گڏوگڏ اُنهن ۾ موجود نصابي معلومات سان به مستفيد ٿي رهيا آهن. هن ڪتاب جو موضوع ”سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ مختلف پڙهايو ويندڙ نصاب آهي“. هي موضوع وڏي تحقيق ۽ کوجنا کان پوءِ ئي مڪمل ٿيو آهي. هي ڪتاب ادبي ڪتاب هجڻ سان گڏوگڏ نصابي ۽ تحقيقي ڪتاب پڻ آهي. هي ڪتاب اِنهي حوالي سان به وڏي اهميت جو حامل آهي. فرزانه چانڊيو سان من...

ڪهاڻي ڪتاب ”ورھ جا روڳ“ جو تنقيدي اڀياس!

Image
  ادب جي دنيا ۾ مون هڪڙو ننڍڙو ڀٿر اُڇلايو ۽ اُن پٿر اُڇلائڻ کانپوءِ جيڪي لهرون پيدا ٿيون اُنهن لهرن نوان چهرا، نيون ڳالهيون ۽ نوان موضوع دريافت ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي. آئون پهريان سمجهندو هيس ته ٻه چار لفظ لکڻ کانپوءِ ماڻهو اديب ٿي ويندو آهي. ڪو قصو يا ڪا وارتا سليس انداز ۾ بيان ڪرڻ کانپوءِ ماڻهو ڪهاڻيڪار ٿي ويندو آهي. ڪنهن جي ڪتاب يا تخليق تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ کانپوءِ ماڻهو دانشور ٿي ويندو آهي پر ائين ڪونه آهي. ادب ۾ پاڻ مڃائڻ ۽ اديب ٿيڻ لاءِ گهرجون ئي ٻيون آهن. هر هڪ صنف جا پنهنجا بنيادي اصول ۽ ضابطا آهن. ادب ۾ ڪامياب اُهو ئي ماڻهو وڃي ٿو جيڪو سڀني اصولن ۽ ضابطن کي سامهون رکي ڪري ڪنهن صنف تي طب آزمائي ڪري ۽ تيستائين اڳي وک نه کڻي جيستائين اُن کي پهريان ڪيل ڪم متعلق ڪو حتمي يا مجموعي رايو نه ٿو ملي. سوشل ميڊيا تي ملندڙ اڪثر رايا ڪارڳر رايا ڪونه هوندا آهن. بس مڙئي سامهون واري کي خوش ڪرڻ لاءِ ٻه چار لفظ هر ڪو لکي وٺندو آهي. ڇھ مهينا پهريان اُسان جي پياري، نئي ٽهي جي جاکوڙي ليکڪ ذلفي ذنئور جي ڪهاڻين جو مجموعو ورھ جا روڳ ڇپجي ڪري پڌرو ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪُل ارڙھن ڪهاڻيون آهن، هن ڪتاب جو مه...

يوسف جميل لغاري

Image
  يوسف جميل لغاري پٽ جميل احمد لغاري 01 جنوري 1994 تي ڳوٺ حاجي محمد اسحاق لغاري، تعلقه ٺري ميرواھ ضلع خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. بتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول گورنمينٽ ايليمنٽيري اسڪول حاجي محمد اسحاق لغاري مان حاصل ڪئي ۽ اُن کان پوءِ ميٽرڪ گورنمينٽ هاءَ اسڪول ٺري ميرواھ مان 2009 ۾  پاس ڪيو. انٽر گورنمنيٽ ڊگري ڪاليج ٺري ميرواھ مان 2011 ۾ پاس ڪيو. شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان 2018 ۾ بي ايڊ آنرس چال ساله ڊگري حاصل ڪري تعليم کاتي حڪومت سنڌ ۾ بطور استاد طور شامل ٿيو ۽ هن وقت علم تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل آهي. هن جو ننڍپڻ کان ئي علم ادب طرف لاڙو هيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ طرفان نڪرندڙ ماهوار ٻاراڻي رسالي گل ڦل ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا. وقت سان گڏ اڳتي هلندي ادب ۾ باقاعده سان لکڻ جي شروعات ڪهاڻي جي صنف کان ڪئي ۽ 2016 ۾ ”ڦڪي چانھ“ ڪهاڻي لکي ڪري پنهنجي ادبي سفر جي شروعات ڪيائين. هن وقت سندس لکيل ڪتابن جو تعداد پنج آهي. جيڪي سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي موجود آهن. گذريل سال سندس تعليم جي موضوع تي لکيل ڪتاب ”تعليم ۽ ترتيب؛ اڄ جي ضرورت“ پيڪاڪ پبلشرس طرفان ڇاپي ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. ان کان عل...

وري يادگيرين ورايو اسان کي…ڪئمپس ڊائري

Image
حصو ٻارهون - آخري جنهن وقت ورسٽي جون گرمين واريون موڪلون ٿيون تہ منهنجو اڪثر ٽائيم گهر ۾ ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ ۾ گذرندو هو، انهن ڏينهن ۾ ڳوٺ جي هڪ چڱي ڀلي پئسي واري همراه جي دانهن ٻڌم جيڪو پنهنجي پٽ جي بي فرماني جون ڳالهيون ڪري رهيون هو ۽ زارو قطار روئي ڪري کيس پٽون ۽ پاراتا ڏئي رهيو هو، منهنجي قلم سندس ان مذاحمت تي هڪ لفظن جو ڳٽ جوڙيو جيڪو ڪجھ هن ريت هو، ”اسان جي لاشعوري اسان کي ڪيترو نقصان پئي ڏئي پنهنجي معاشري ۾ نظر تہ ڊوڙايو ۽ ڏسو تہ ڪيترن صاحب قوتن جا اولاد صالح آهن ۽ ڪيترن جا نافرمان، صالح اولاد تہ ٿيو صالح انهن جو چيپٽر ڪلوز، باقي بچيا نافرمان، انهن تي غور وفڪر ڪجي تہ اُهي والدين جي نافرماني ڇو ٿا ڪن.  آخر ڪهڙا سبب آھن جو اُهي پنهجي عظيم رشتن جو ڀرم نہ ٿا رکن، هر روز اخبارن ۾ پيءَ توڙي مٺڙي ماءُ کي گهر دربدر ڪرڻ جا کوڙ ساريون خبرون پڙهڻ لاءِ ٿيون ملن، سچ تہ اهڙا خبر پڙهي ڪري دل رت جا ڳوڙا ڳاڙيندي آهي ۽ ذهن ۾ اهو سُوال ڪَر کڻندو آهو تہ اڄ جو اولاد ايڏو ڪٺور ڪئين ٿو ٿي سگهي؟ منهجو اڄ تائين اهو نظريو رهيو آهي تہ اولاد جي نافرمان ٿيڻ دراصل والدين جي اڌوري پرورش جو نتيج...

وري يادگيرين ورايو اسان کي…ڪئمپس ڊائري

Image
حصو يارهون ها پرين! مون مرڪڻ سکيو هو، مون جئيڻ بہ سکيو هو ۽ ماڻهن سان ملڻ جُلڻ بہ سکيو هو، مون زندگي لفظ جي حقيقي ۽ صحيح معني سمجهي هئي تڏهن جڏهن تون مونسان گڏ هوندين هئين، مون اهو سکيو تہ محبتن جي معراج جي سفر ۾ ڪيڏي نہ مٺاس رکيل آهي، چڪور جي چنڊ لاء چرياپ مونکي پهريان سمجھ ۾ نہ ايندي هئي مگر جڏهن کان پاڻ هڪ منزل جا راهي ٿي گڏ هلڻ لڳاسين تہ مونکي چڪور ۽ چنڊ جي رمز جي پروڙ پئي، چانڊوڪي راتين ۾ جڏهن جيتن جڙن جي رڌم ڀريل آواز من جي سازن کي ڇيڙيندا هئا تہ منهنجي ڪنن جا پردا تنهنجي سريلي ۽ ڪوئلي آواز جي پڙاڏن کي ٻڌڻ جي لا۽ بيقرار ٿيندا هيا ۽ منهنجي من ۾ تون لاء چڪور جي چاهت جهڙي چاهت اُسرجڻ لڳندي هئي ۽ تون مونکان چنڊ جيان ڏور ٿيندي وئين. مون ڪڏهن بہ اهو سوچيو نہ هو تہ منهنجو تونسان ڪڏهن ڪو اهڙو رشتو جڙندو، جنهن ۾ رابطي جي ڪمي کي مان شدت سان محسوس ڪندس، تنهنجي ظاهري طور گڏ نہ هجڻ جي احساس کي مان هميشه پاڻ سان گڏ هجڻ ڀائيندم، تنهنجي کن پل لا۽ مرڪي ملڻ کي مان ورهين جي ملاقات سمجهندس، منهنجي من ۾ انيڪ گل ڦٽي پوندا آهن جڏهن تنهنجو ميسيج ايندو آهي، اُهي گل منهنجي مرجهايل من کي پنهنجي...

وري يادگيرين ورايو اسان کي…ڪئمپس ڊائري

Image
حصو ڏهون هر سال عيد جي نماز پڙهي ڪري مان اڪثر ننڊ ڪندو آهيان يا وري ننڊ نہ اچڻ جي صورت ۾ ڪنهن ڪتاب جي پڙهڻ کي ترجيع ڏيندو آهيان گذريل سال دوستن جي گهڻي اسرار کان پو۽ عيد جي نماز پڙهي ڪري ڀٽ شاه گهمڻ جو پروگرام ٺاهيوسين، عيد نماز پڙهي ڪري اسان ڀٽ شاه لا۽ روانا ٿياسين، مان اڳ بہ ٻہ دفعا ڀٽ شاه جي درگاه جي حاضري ڀري چڪو هيم ليڪن هيل وڃڻ جو انداز ڪجھ نرالو هو، هڪ تہ سڄي سنگت ساڻ هئي ٻيو وري پورن پنجن سالن جي وٿي کان پو۽ وڃي رهيو هيم ۽ مونکان علاوہ باقي سڀني دوستن جو هي لطيف سرڪار جي درگاه تي پهرين حاضري هئي.  ان ڪري انهن جا چهرا مهڪن پيا ۽ دل بهار بهار پئي ٿئي. منهجي بہ تقريبن ساڳي ڪيفيت هئي، آئون سڄو دڳ پنهجي ذهن ۾ لطيف سرڪار جي درگاه جي اڻ چٽي تصوير کي دهرائي لطف اندوز ٿيندو رهيم، اها تصوير جيڪا پنج سال اڳ منهجي اکين درگاه کي ڏسي ڪري منهجي ذهن ۾ محفوظ ڪئي هئي ۽ سوچيندو رهيم تہ هاڻ درگاه الائي ڪئين نظر ايندي؟ درگاه جي اڏاوتي ڪم ۾ الائ ڪيتري ترقي ٿي هوندي؟ منهجي دل ۾ عقيدت جا گل ڦٽي ڪري وڻ ٿيڻ لڳا ۽ درگاه تي پهچڻ جو انتظار شدت اختيار ڪرڻ لڳو، چئن ڪلاڪن جي سفر کان پو۽ نيٺ اس...

وري يادگيرين ورايو اسان کي…ڪئمپس ڊائري

Image
حصو نائون مون کيس پنهنجي دل جي ڳالھ ڪجھ هن ريت اوري هئي، ” منهجي سنڌ جهڙي معصوم دل جي سر زمين تي تنهجون يادون ڪڏهن ارغونن ۽ وري ڪڏهن تُرخانن وانگر حملا ڪندا رهن ٿا مگر آئون انهن آڏو ائين بيوس بڻيو ويٺو آهيان جهڙي نموني هاڻ اسان جي قوم وڏيرن ۽ ڀوتارن آڏو بيوس بڻيل آهي، پنهنجي بيوسي کي بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو مثال موجود ناهي، تون جيڪا واچ مونکي منهجي سالگره تي تحفي طور ڏني هئي مزي جي ڳالھ تہ اُها واچ ڪڏوهوڪي خراب ٿي وئي آهي، شايد ان ڪري خراب ٿي آهي جو مان جڏهن توسان گڏ هوندو هيم تہ مونکي وقت گذرڻ جو ذري برابر بہ احساس ڪو نہ ٿيندو هيو ۽ ڏينهن تمام مختصر لڳندا هيا منهجي واچ شايد اُن بي رحم رويي جو هاڻ مونکان بدلو پئي وٺي ۽ ٽائيم ٻڌائڻ کان ٺپ جواب ڏئي وئي آهي جڏهن تہ هاڻ مونکي ٽائيم جي گذرڻ جو شدت سان احساس ٿيڻ لڳو آهي.  تو هڪ دفعي مون کي چيو هو تہ تون مذهب کان باغي آهي ۽ نماز بہ نہ ٿو پڙهين ۽ روزا بہ نہ ٿو رکين، مذهب کان صفا پري آهي ۽ مذاقن مذاقن ۾ چيو هيئي تہ ڪٿي ڪافر آهي ڇا؟ توکي شايد انهن معملات جي خبر ئي نہ رهي جن مون کي مذهب کان باغي بڻايو نہ وري تو مون...