يوسف جميل لغاري

 



يوسف جميل لغاري پٽ جميل احمد لغاري 01 جنوري 1994 تي ڳوٺ حاجي محمد اسحاق لغاري، تعلقه ٺري ميرواھ ضلع خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. بتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول گورنمينٽ ايليمنٽيري اسڪول حاجي محمد اسحاق لغاري مان حاصل ڪئي ۽ اُن کان پوءِ ميٽرڪ گورنمينٽ هاءَ اسڪول ٺري ميرواھ مان 2009 ۾  پاس ڪيو. انٽر گورنمنيٽ ڊگري ڪاليج ٺري ميرواھ مان 2011 ۾ پاس ڪيو. شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان 2018 ۾ بي ايڊ آنرس چال ساله ڊگري حاصل ڪري تعليم کاتي حڪومت سنڌ ۾ بطور استاد طور شامل ٿيو ۽ هن وقت علم تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل آهي. هن جو ننڍپڻ کان ئي علم ادب طرف لاڙو هيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ طرفان نڪرندڙ ماهوار ٻاراڻي رسالي گل ڦل ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا. وقت سان گڏ اڳتي هلندي ادب ۾ باقاعده سان لکڻ جي شروعات ڪهاڻي جي صنف کان ڪئي ۽ 2016 ۾ ”ڦڪي چانھ“ ڪهاڻي لکي ڪري پنهنجي ادبي سفر جي شروعات ڪيائين. هن وقت سندس لکيل ڪتابن جو تعداد پنج آهي. جيڪي سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي موجود آهن. گذريل سال سندس تعليم جي موضوع تي لکيل ڪتاب ”تعليم ۽ ترتيب؛ اڄ جي ضرورت“ پيڪاڪ پبلشرس طرفان ڇاپي ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه روزاني ڪاوش، عوامي آواز، روزاني ڪوشش سميت سنڌ جي سڀني اخبارن ۾ سندس کوڙ سارا مضمون ۽ ڪالم شايع ٿيندا رهيا آهن. 

Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

سرڪاري نوڪري جي اهميت هاڻ گهٽجي رهي آهي