ڪمال ٿي ڪرين پرين…!

آءُ مُدتن کان تنهنجي اوسئڙي ۾ هنن نيڻن کي راھن تي نڇاور ڪيو ويٺو آهيان، منهنجون سڀئي اميدون، آرزون، تمنائون ۽ آسون توسان منصوب ٿيل آهن…!

 منهنجي من جو نگر تنهنجي يادن جي برسات سان شاد توڙي آباد ٿيندو آهي. تون جيڪا منهنجي من جي ملڪا آهين. آءُ مصر جو شهزادو ٿي ڪريان تو ۾ زليخان جو عڪس تلاش ڪندو رهندو آهيان…!

۽ هڪ تون آهين جيڪا منهنجي سڀني چاهتن، اميدن ۽ اُمنگن کي هڪ پاسي رکي ڪري پنهنجي آب ۽ تاب کي برقرار رکندي ٿي اچي، پنهنجي لال لبڙن کي لالي بخشڻ جي فڪر ۾ آهين، پنهنجي واسينگ ڪارن وارن کي سنوارڻ جي فڪر ۾ آهين، پنهنجي ڳلڙن کي پائوڊر جي اڇاڻ جي سپرد ڪرڻ جي فڪر ۾ آهين…!

تون سمجهي ٿي تہ آءُ توکي وساري ويٺو آهيان ۽ هتي پنهنجي هڪ الڳ دنيا قائم ڪيو ويٺو ها …!

ڪمال ٿي ڪرين پرين

تون مون بابت ايترو وڏو گُمان ڪئين ٿي پالي سگهين، آءُ تہ اڄ بہ تنهنجي عڪس کي پنهنجي دل و دماغ ۾ محفوظ ڪري تنهنجو درشن ڪندو رهندو آهيان…!

هڪ تہ مڙني سڀئي معاملات توڙي مصروفيتون گڏ بہ ٿي پون تڏهن بہ مون کي تنهنجي سار کان هڪ پل بہ غافل نٿا ڪري سگهن، آءُ ننڍ جي سرگوشين ۾ هجان، سفر جي رولاڪين ۾ هجان يا وري خيالي دنيا جي ٻيڙي ۾ چڙهي ڪري چنڊ جو سفر ڪندو هجان تڏهن بہ تنهنجي سار ۾ سارو غوطا غون هوندو آهيان…!

تون تہ ڪمال ٿي ڪرين پرين

الائي ڇو منهنجي محبتن تي هاڻ شڪوه ۽ شڪايتون ڪرڻ لڳي آهين، الائي ڇو هاڻ تون مون ۾ ڪي ڪوتاهيون ڳولڻ لڳي آهين، الائي ڇو هاڻ آءُ محبتن جي معاملي ۾ وري سنجيده ٿيڻ لڳو آهيان…!


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو