قصو وڏي اديب ٿيڻ جو…!

ڪجھ ماڻهو ڪاڳرن جي ٽڪرن ۽ ا خبارن جي هفتيوار پرچن ۾ ڪنهن جي شعر و شاعري توڙي سُخن مجاز کي ڏسي پاڻ بہ شاعر ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ائين ئي شاعر ٿيڻ جو شوق مون کي بہ ڪجھ وقت ٿيو ۽ آءُ بہ شاعر ٿيڻ لاءِ شاعري جي صنفن ۽ نثر جي مڙني صنفن تي طب آزمائي ڪرڻ لاءِ پنهنجي علائقي جي جڳ مشهور شاعر رولاڪ مسافر سان رجوع ڪيو.

پهريان تہ مون کي شاعر ٿيڻ لاءِ شاعري لکڻ جا هڪ سئو ٻالتاليھ مول متن ٻڌايائين ۽ وري اُن کان پوءِ لفظن جي جوڙجڪ، انهن جي ڀڄ ڊاھ، انهن کي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي رکڻ جو ڏآءُ توڙي انهي جي معنيٰ ۽ مفهوم کي ڳجهو رکڻ جا تلقين پڻ ڪيائين. اڌ ڪلاڪ جي ڪچهري ۾ منهنجي ايتري تہ اصلاح ڪيائين جو مون کي ڪنهن ٻي وڏي اديب ڏي وڃڻ جي ضرورت ئي محسوس نہ ٿي.

مون گهر اچي ڪري قلم ۽ سفيد پنو کنيو، شاعري تي طب آزمائي ڪرڻ لڳس، سوچڻ لڳس تہ ماڻهو رومانوي شاعري کي گهڻو پسند ڪندا آهن سو مون بہ محبوب جي ڳلن، زلفن، لال لبڙن کان وٺي ڪري سندس سينڊل جي آخري نوڪ تي انيڪ شعر و سُخن لکيا. مون وٽ تقريبن درجن کن ڪتابن جيترو مواد گڏ ٿي ويو. اِها ٻڙڪ اتفاقن سان گل پبليڪشن جي چئرمين تنها مسافر کي پئجي وئي. مون کي ڪال ڪري چيائين توهان پنهنجو چونڊ مواد موڪليو تہ توهان جو هڪ جامع رسالو ڇاپي ڪري توهان کي مرڻ کان اڳ ئي امرتا بخشي ڇڏيو. مون بہ سوچيو مفت ۾ ڪتاب ڇپجي ٿو ۽ آءُ نامور اديب ٿي ويندس. مون بہ کيس مواد موڪليو ۽ نيٺ هڪ ڏينهن منهنجو ڪتاب ڇپجي ڪري مارڪيٽ ۾ رهيڙن جي ذينت بڻيو.

منهنجي ڪتاب جو مهورتي تقريب شهر جي مشهور ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ رکيو ويو، چانورن جا چار ديڳ لاٿا ويا. ڀت جو ٻڌي ڪري شهر جو هر رولاڪ، غريب غربو توڙي گداگر سڀ اچي ويٺا. سڀ پنهنجي ٽيڊي اک سان ديڳن جي لهڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا ۽ آءُ مٿي سڀ کان مٿي سُندل تي رکين ڊگهي ڪرسي تي وڏي رُعب ۽ تاب سان ويٺو هيس. مون کي لڳي رهيو هو تہ جيڪڏهن هتي آيل سڀني ماڻهن کي اڄ 
 خبر پئجي وئي تہ آءُ انتهائي ممتاز ليکڪ آهيان ۽ هي سڀ منهنجا پرستار ٿي پيا تہ آءُ ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ فارم ڀرائيندس ۽ پرائي خرچ تي طرقي جا ڏاڪا پار ڪندس.

ڪتاب جي مهورتي تقريب انتهائي پرجوش نموني ٿي گذريي. منهنجي هڪ شعر جنهن جو عنوان هو ” غربت ۽ بيروزگاري وڌي وئي آه لاچاري “ جڏهن مهمان خاص پڙهڻ لڳو تہ انهي مهل ۾ پنڊال ۾ ويٺل سڀ گداگر ۽ خاص طور تي نوجوان بي روزگار اوڇڪارون ڏئي روئڻ لڳا. ۽ ذري گهٽ مون کي بہ روئڻ آيو وري ڀلو ٿي مون سان ڀر ۾ ويٺل ٻي مهمان خاص جو جنهن مون کي ڪن ۾ چيو تہ مصنف کي روئڻ نہ گهرجي ۽ مون جلدي ۾ پنهنجي روئڻ واري ڪيفيت کي مڏائيندي ان کي عام رواجي مسڪراهٽ ۾ تبديل ڪندي خاموشي اختيار ڪئي.

تقريب جي ختم ٿيڻ کان پوءِ منهنجي ڪتاب جو سڀئي ڪاپيون سنڌ جي سڀني ريڙهن تان کپي ختم ٿي ويون. مختلف شهرن، ڳوٺن، اوطاقن ۽ وٿاڻن مان مون کي فون ڪالون اچڻ شروع ٿي ويون. جٿان ڪٿان مبارڪون، عليڪ سليڪ ۽ جس جا پيغام وسول ٿيڻ لڳا. هڪڙي نامور ٽي وي پروگرام ۾ مون کي گهرايو ويو ۽ مون کان هڪ ڌڪ ۾ وڏي اديب ٿيڻ جا ٽوٽڪا ۽ تڪڙا رستا پڇيا ويا. مون وري سياڻپ ڪري استاد رولاڪ مسافر جي ٻڌايل هڪ سئو ٻالتاليھ ٽوٽڪن کي ٽن سان ضرب ڪري کين وڏي اديب ٿيڻ لاءِ ڇار سئو ڇهوين جي بجاءِ ڇار سئو ويھ نج آسان ٽوٽڪا ٻڌايا جن تي عمل ڪري ڪو بہ ڪُڌ ذهن يا ٽرڙو ماڻهو بہ ادب ۾ ٻہ لفظ لکي ڪري هڪ ڌڪ ۾ وڏو اديب ٿي سگهي ٿو

پروگرام جي ختم ٿيڻ مهل مون کي گهر واپسي لاءِ ڪرايو ڀاڙو ۽ تيل خرچو ڏنو ويو. آءُ جڏهن ڪراچي صدر مارڪيٽ واپسي لاءِ رڪشو ڪرائڻ لاءِ موٽس تہ اُتي ماڻهن جي هڪ وڏي رش ڏسڻ وٽان ملي. ويجهو پهتس تہ سڀ ماڻهو مون سان ڳلي لڳڻ، ملڻ جُلڻ ۽ آٽو گراف وٺڻ ۾ شروع ٿي ويا. ڪجھ ٻارن مون کي هٿرادو ٺهيل گلدسٿا پڻ ڏنا. رش جي مناسبت سان صحافي بہ پهچي ويا ۽ انهن مون کان سوال جواب پڇڻ شروع ڪيا. سڀني کي آءُ واري واري تي جواب ڏيڻ لڳس. انهن صحافين مان هڪڙي سنڌي صحافي مون کان سوال ڪيو تہ ” سائين توهان رهو بہ ڪراچي ۾ ٿا ۽ هن وقت سنڌ جا مها اديب ٿي ويا آهيو. ڪراچي اندڙ سنڌين سان ٿيندڙ نا انصافين ۽ بي واجيبن تي اوهان ڪڏهن ڪجھ ڪو نہ لکيو آهي ۽ نہ ئي ڪجھ ڳالهيو آهي ڇو ؟ “ . ان مهل آءُ منهن موننن ۾ وجهي ڪري اُتان فرار ٿي ڪري واپس پنهنجي گهر اچي پهتس ۽ پاڻ کي وڏو اديب سمجهڻ واري خام خيالي ۾ وري ڪي ئي ساعتون گم ٿي ويس.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو