احساس نگر

ادب ۾ جڏهن ڪهاڻي جي صنف تي ڪا ڳالھ ڪجي ٿي ته اُنهي مهل يڪدم ذهن تي سنڌ اندر ڪهاڻي جي صنف تي پاڻ ملهائيندڙ کوڙ سارا ليکڪ اُڀري اچن ٿا جن وقت آڌار اسان کي سٺيون ۽ ڪارائتيون ڪهاڻيون ڏنيون جن ۾ معاشري جي هر هڪ پهلو کي اُجاگر ڪيو. هن مهل به سنڌ اندر ڪهاڻيون جهجي تعداد ۾ لکيون وڃن ٿيون. پڙهيون وڃن ٿيون ۽ ٻڌايون وڃن ٿيون. ڪهاڻي هر هڪ فرد جي پسنديده صنف هوندي آهي ڇو ته ڪهاڻي جو تعلق فرد جي ذاتي توڙي معاشرتي زندگي سان سنئو سڌو هوندو آهي.

احسان آڪاش هن ٻوسٽ واري ماحول ۾ جهڙي ريت پنهنجي اڻ ٿڪ محنت ۽ جدوجهد وسيلي ادب جي بي لوث خدمت ڪري رهيو آهي انهي حساب سان کيس جس هجي. ڳچ عرصي کان وٺي ڪري ادب سان سلهاڙيل نون اديبن، ليکڪن، ڪهاڻيڪار ۽ شاعرن کي اڳتي اچڻ ۽ اُسرڻ جا جيتري قدر معياري موقعا فراهم ڪري ٿو پيو اهڙو مثال پوري سنڌ اندر ڪٿي به نه ٿو ملي.

تازو آڪاش پبليڪيشن حيدرآباد طرفان نوجوان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار احسان آڪاش پاران مرتب ڪيل ” احساس نگر “ جي نالي سان بهترين ۽ دلڪشن ڪهاڻين جو مجموعو پڌرو ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ٽوٽل ڏھ ڪهاڻيڪار شامل آهن جن ۾ سليم چنا، ڊاڪٽر مقبول ميمڻ مارو، اقبال بلوچ، عين سحر، زاهده ابڙو، نور حسن ڪلهوڙو، هدايت قريشي، مجيب اوٺو، يوسف جميل لغاري ۽ طالب ڀنڀرو شامل آهن. هن ڪهاڻين جي مجموعي جي پهرين صفت اِها پڻ آهي ته هن ۾ لکندڙ سڀئي ڪهاڻيڪار اُهي آهن جيڪي موجوده دور ۾ مسلسل لکندڙ، سڄاڳ ذهن رکندڙ توڙي سياسي ۽ سماجي ڪم ڪارن ۾ به پنهنجو سٺو ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا ۽ سماج اندر برپا ٿيندڙ دقيانوسي ريتن رسمن توڙي رواجن خلاف پنهنجي قلم وسيلي مزاحمت جي علامت بڻيل آهن.

احساس نگر هن مجموعي بابت حميد سنڌي لکي ٿو: 
” احساس نگر جون هي ڪهاڻيون نه صرف نئين دور جون ڪهاڻيون آهن پر ڪهاڻي جي صنف کي سينگاري بيٺيون آهن. اڄڪلھ ڪهاڻي بيحثيت صنف جي نئو جنم ورتو آهي. جيڪو يقينا اڳتي هلي ڪهاڻي جي صنف کي وڌيڪ اڇو، اجرو ۽ نمايا ڪري بيهاريندو. هي ڪهاڻيون اسان جي سنڌ جي معاشري ۽ ان جي پس منظر ۾ لکيون ويون آهن. هن ڪتاب جا ليکڪ ڄاتل سڄاتل هوندي به پنهنجي فن ۽ هنر سان انصاف ڪندي نظر اچن ٿا. هنن ڪهاڻين جو ماحول اسان ۽ اوهان جو ڏٺل واٺل آهي. ان ۾ جيڪي خوبيون ۽ خاميون آهن، اسين هن سماج ۾ رهندڙ انهي سماجي دائري کان ٻاهر نه آهيون. هن ڪهاڻين جي مجموعي ۾ خاص طور تي سليم چنا پنهنجي ساڳي فن ۽ هنر سان ننڍين ڪهاڻين کي جنم ڏئي پڙهندڙن کي جلا بخشي آهي. اهڙي طرح زاهد ابڙو جون ڪهاڻيون به اثرائتيون ۽ چهبندڙ احساس ڏيارن ٿيون. ان سان گڏ عين سحر جي ڪهاڻي ماءُ هڪ سگهاري ۽ تمام گهڻي اثرائتي ڪهاڻي طور اڀري بيٺي آهي ۽ اقبال بلوچ به پنهنجي ڪهاڻين کي ستارن وانگر جرڪايو ۽ بيهاريو آهي. اقبال بلوچ جي سرائيڪي ڪهاڻي هڪ سٺي ۽ اثر رکندڙ ڪهاڻي آهي.

طالب ڀنڀرو اڳ کان گهڻو اڳڀرو آهي. نور حسين ڪلهوڙو جون ڪهاڻيون پڻ پنهنجي جڳھ تي هڪ سٺو تاثر ڏيندڙ ڪهاڻيون آهن. مجيب اوٺو، هدايت قريشي ۽ يوسف جميل لغاري پڻ پاڻ کي موکيو آهي. هي سڀ ساٿي ۽ ساٿياڻيون ڪهاڻي جي صنف سان لاڳاپيل هئڻ ڪري ڄڻ ته منهنجي دل سان لاڳاپيل آهن. ڇاڪاڻ ته مان بحثيت ڪهاڻيڪار مون کي گهڻو متاثر ڪيو آهي. انهن ڪهاڻيڪار کي جس ڏيندو آهيان جيڪي اڄ به سنڌي ادب کي پنهنجين ڪهاڻين سان سينگاريون، سنواريون، جرڪايون بيٺيون آهن. اميد اٿم ته هي ايندڙ نسل جا وڏا ڪهاڻيڪار بڻبا ۽ سنڌي ادب جو مان مٿائون ڪندا. مان هن احساس نگر کي  بحثيت مرتب جي، احساس آڪاش کي شاباس ڏيان ٿو جنهن پنهنجي جاءِ تي هن ڪتاب سان گڏوگڏ ” احساس مئگزين“ جاري ڪري سنڌي ادب ۾ پڻ نانءُ ڪمايو آهي. ڌڻي انهي لاءِ کيس اڃان به همٿ ڏئي ته هو آڪاش پبليڪشن ۽ احساس مئگزين کي جاري رکي ڪري سنڌي ٻولي جي خدمت ڪندو اچي. اسين هميشه ساڻس گڏ آهيون ۽ هر همٿ افزائي لاءِ ساڻس وک اڳڀري کڻنداسين.“

احساس نگر بابت برک ڪهاڻيڪار حميد سنڌي جو رايو پڙهي ڪري هن مجموعي جي افاديت ۽ اهميت جو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. هن مجموعي اندر موجود سڀئي ڪهاڻيون معاشرتي مسئلن توڙي معاشري جي وهندڙ منظر توڙي مظهر ۽ لقاءُ جو اظهار آهن جن کي ڪهاڻيڪار تمام ويجهي کان ويجهي تر نظر سان ڏسي ڪري قلم بند ڪيون آهن. هن ڪهاڻين منجھ ڪٿي مٽي جي شيطان جا حوالا آهن ته ڪٿي وري مهانگائي. منافقت، گلاب جو گُل ۽ سُڪي ويل گلاب جي خوشبو، ۽ عظيم ليکڪ جا تذڪرا پڻ آهن. ان سان گڏوگڏ انسانيت. وطن بي وطن ۽ مرڻيگ ٿيل محبت جا داستان پڻ پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. ڦڪي چانھ، ٺري ويل چانھ جو ڪوپ، خواب اڌورا، نينهن نڀايان جوين تون ۽ ماءُ جهڙيون شاهڪار ڪهاڻيون پڻ شامل آهن.

هن مجموعي ۾ موجود سڀني ڪهاڻين سان ڪهاڻيڪارن سٺو نڀاءُ ڪيو آهي ۽ پاڻ ملهايو آهي. هنن ڪهاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ موجود معاشرتي لقاءُ کي ڏسڻ جو هڪ نئو رخ اسان کي ملي ٿو. جنهن رخ وسيلي اسين ماڻهن جي روين توڙي برتاءُ کي الڳ نظر سان ڏسي سگهون ٿا. هي ڪتاب هڪ سئو چوئتاليھ صفن تي مشتمل آهي ۽ هن جي قيمت ٻه سئو روپيا رکي وئي آهي.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو