معاشري جو شعوري ڳانڍاپو



سوشل ميڊيا جي ظهور ٿيڻ کان پوءَ اسان جي معاشري جو هر هڪ فرد هن مهل قلم ڌڻي لڳو پيو آهي، سوشل ميڊيا جو اگر جائزو وٺجي ٿو تہ اهو معلوم ٿي ٿو تہ هر فرد ڪجھ نہ ڪجھ لکڻ جو ڏاءُ رکي ٿو ۽ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ عمومن فرد ڪجھ نہ ڪجھ لکندا رهندا آهن يا وري سوشل ميڊيا وسيلي ٻين جون تحريرون پڙهندا رهندا آهن.

هاڻ جڏهن سوشل ميڊيا وسيلي لکڻ توڙي پڙهڻ جو رهجان اڳ کان وڌيڪ نمايا ٿي ويو آهي پر ان جي باوجود بہ اسان جي معاشري جا اڪثر فرد سنڌ ڌرتي جي ڀلي خاطر پنهنجو ڪردار ادا ڇو نہ ٿا ڪن، هر روز سيڪڊن ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان باخبر ٿيندي بہ تحرڪ ڇو نہ ٿا وٺن، اڃا تائين سندس اِها ڪن لاٽار ڪهڙي لاپرواهي واري ظمري ۾ شمار ڪجي، ڇا اڃا شعور جي ڪمي آهي؟

ڇا اڃا تائين اسان جو سماج بالغ پڻي کان پٺتي پيل آهي؟

ڇا اسان ايترا لاغرص ۽ لاپرواھ بڻجي چڪا آهيون جو پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي اهجن، دردن ۽ تڪليفن تي اسان کي ڪو ايذاءَ نہ ٿو اچي.

آخر سبب ڇا آهي، ڪٿي ائين تہ ناهي جو اسان اڄ تائين سوشل ميڊيا کي مثبت نموني استعمال ڪرڻ جو گُر ئي ناهي سکيو، ڪٿي ائين تہ ناهي جو اسان کي سوشل ميڊيا جو صحي استعمال سيکاريو ئي ناهي ويو، ڪٿي اسان جي ذهنن تي ٻيا هاوي تہ ناهن، ڪٿي اسان جون سوچون ٻين سوچن جي غلامي ۾ تہ نہ پلي رهيون آهن، اگر ائين ناهي تہ پوءَ آخر سبب ڇا آهي، اسان انفراديت واري خول مان ٻاهر ڇو نہ ٿا نڪرون، اسان اجتماعيت واري لڪير ۾ سڀ گڏ ڇو نہ ٿا ٿيون.

اسان وٽ هر فرد پاڻ کي عقل ڪُل توڙي ڏاهو ڇو ٿو سمجهي، مڃون ٿا اسان وٽ ڏاها بہ انيڪ درجنن ۾ موجود آهن پر ان جي باوجود بہ سندن ڏاهپ اسان جي سماج کي جوڙي ڇو نہ سگهي آهي، سندن ڏاهپ اسان جي سماج کي انفراديت واري خول مان ٻاهر ڇو نہ ڪڍي سگهي آهي، سندن ڏاهپ اسان جي سماج جي اڳيان هيڻو ۽ ڪمزور ڇو ٿو ٿي وڃي، ڪٿي ائين تہ ناهي تہ اِها ڏاهپ جنهن سبب اُهي ڏاها سڏجن ٿا، ان ڏاهپ جا بنياد ئي ڪچا توڙي ڦڪا هجن، جنهن سبب سندن ڳالهين ۾ ڪو وزن نہ ٿو هجي، ڪٿي ائين تہ ناهي جو اِها ڏاهپ مصنوعي ڏاهپ هجي، ڇو تہ فطري ڏاهپ اڳيان قدرت جا قانون بہ تابع ٿي پوندا آهن.

ڪجھ دوستن جو خيال آهي تہ شعور کي سياست کان پري رکجي، حالانڪ سياست شعور جو محور ۽ مرڪز آهي، سياست کان هٽي ڪري شعور جي اهميت ئي ختم ٿي وڃي ٿي، جيڪو شعور بند ڪمري ۾ ويهي ڪري سماج جي براين تي قلم جي نوڪ کي استعمال ڪري ان شعور مان ڀلائي جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي، اُهو شعور جيڪو پنهنجي ارگرد جي ماحول کان بي خبر رهي ان شعور مان هن سماج کي ڪهڙي بهتري نصيب ٿيندي، اُهو شعور جيڪو ٻين تي آڱر سڌي ڪرڻ کان پهريان پنهنجو جائزو ئي نہ وٺي ان شعور کان ڪهڙي طوقع رکي سگهجي ٿي، حالانڪ هن وقت سماج جي هاڻوڪي حالت کي مد نظر رکندي وقت جي اِها تقاضا آهي تہ سماج جي اندر هر اُهو فرد جيڪو پاڻ کي شعوري فرد سڏرائي ٿو ان کي هن سماج جي بهتر جوڙجڪ ڪرڻ لاءَ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

مسئلن کي اجاگر ڪرڻ بجاءَ سندن حل تلاش ڪيا وڃن، هن وقت سنڌ اندر ڪجھ ڌريون احتجاجن ۽ هڙتالن واري سياست کي هٿي ڏئي رهيا آهن، حالانڪ هن ملڪ ۾ اڄ تائين احتجاجن توڙي هڙتالن ڪرڻ جي عيوض ڪنهن بہ قسم جو تدارڪ ڪونہ ٿيو آهي، ڪنهن بہ مظلوم کي احتجاج ڪرڻ کان پوءَ انصاف ناهي مليو، جڏهن معاشري جي هر فرد کي اهو بخوبي خبر بہ آهي تہ هت ڪنهن بہ قسم جي ڪا مزاحمت توڙي هاءَ گهوڙا ڪم نہ ٿي اچي، ان جي باوجود بہ وري بہ ساڳي هاءَ گهوڙا وارو عمل ورجايو وڃي تہ پوءَ ڪهڙو فائدو.

هن وقت سڄي سنڌ سورن منجھ جڪڙيل آهي، پوري سنڌ جو ڪو اهڙو شهر يا ڳوٺ اسان وٽ موجود نہ آهي جنهن کي مثالي ڪري اسان دنيا آڏو پيش ڪريون، اسان وٽ ڪو شهر يا ڪو اهڙو ڳوٺ موجود ناهي جيڪو پوري طرح سان خوشحال هجي ۽ ان ۾ هر قسم جون بنيادي سهولتون موجود هجن، هن مهل سنڌ اندر هر ڳوٺ، هر شهر، هر وستي توڙي هر واهڻ مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي، هر شهر ۾ ڪنهن نہ ڪنهن حد تائين ڪجھ شعور رکندڙ فرد موجود هوندا، پر افسوس اهو ٿو ٿي تہ سندن شعور پنهنجي شهر توڙي ڳوٺ جي ڀلي جي خاطر شايد ڪم نہ ٿو اچي.

اگر جي شعور کي سياست کان الڳ ڪجي ٿو تہ پوءَ اهو شعور ڪنهن بہ ڪم جو نہ ٿو رهي، سنڌ ۾ اهڙا انيڪ شعوري سڏرائيندڙ ليکڪ توڙي اديب ويٺا آهن جيڪي وڏين بنگلن توڙي گاڏين کان ٻاهر اچڻ کان علاوه ئي سنڌ جي هاڻوڪي حالتن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا رهندا آهن، ٿڌن ڪمرن ۾ ويهي ڪري مزدورن جي سورن جون آکاڻيون لکندا آهن، پيٽ ڀري ڪري پيٽ بکين ماڻهن جا درد قلم بند ڪندا آهن، ڀلا اهڙن اديبن ۽ شاعرن جي هن قوم کي ڪهڙي ضرورت آهي، سندن هجڻ يا نہ هجڻ جو اسان توهان تي ڪهڙو فرق پوي ٿو.

اسان جي سماج جو بهترين جوڙجڪ تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي جڏهن هر اهل علم، باشعور فرد پنهنجي فطري صلاحيتن کي پنهنجي ڌرتي جي ڀلي جي خاطر قطب آڻي، جڏهن اسان توهان جون فطري صلاحيتون پنهنجي ڌرتي جي ڪم اينديون تڏهن ئي بهترين سماج جي اڏاوت ٿي سگهي ٿي.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو