جڏهن هُو کلندي آهي

جڏهن هُو کلندي آهي ته منهنجو مُرجهال من مهڪي پوندو آهي. آءُ گُلن وانگر ٽڙي پوندو آهيان. ستارا مون وٽ سلامي ڀرڻ لاءِ اچي پيش پوندا آهن. ٿڌڙي هير گُهلڻ لڳندي آهي. سڄو سنسار رنگ برگي محسوس ٿيڻ لڳندو آهي. پکي پکڻ پنهنجي لات توڙي لوري کي گنگائڻ ۾ شروع ٿي ويندا آهن.

سمنڊ منجھ ڇوليون معمول کان وڌ تيز ٿيڻ شروع ٿي وينديون آهن. دريا جو وهڪرو عام رواجي وهڪري کان تيز تر ٿي ڪري وهڻ لڳندو آهي. ڍنڍ ۽ تلائن ۾ ساھ پوڻ شروع ٿي ويندا آهن. سحرا جي گرم وَاري برف کان وڌيڪ يک ٿڌي ٿيڻ شروع ٿيندي آهي. روڊن تي ٽرئفڪ جام ٿيڻ لڳندي آهي ۽ هُو مسلسل اڃا وڌيڪ کلڻ لڳندي آهي.

وڻ، ٽڻ ۽ ٻوٽا، سڀئي سندس درشن لاءِ آتا هوندا آهن. هُو جنهن طرف هڪ نظر ڪري نهاريندي آهي اُن جا ته ڄڻ ڀاڳ کُلي پوندا آهن. هُو عمومن مور وانگر ٽلندي آهي ليڪن ڪڏهن ڪڏهن وري هُو هرڻي وال چال ۽ ڍال به اختيار ڪري وٺندي آهي. سندس چهري مان حُسن جو ڪمال ۽ جمال ڏسڻ وٽان هوندو آهي.

 هُو جڏهن ڪنهن پل، ڪنهن گهڙي، کن پل لاءِ اداس ٿيندي آهي ته انهي مهل پوري ڪائنات اداس ٿي پوندي آهي. هُو عام طور تي اداسين کي پنهنجي ويجهو اچڻ ڪونه ڏيندي آهي ليڪن ڇا ڪجي ڪيفيتن کي ڪير ٿو قابو ڪري سگهي؟

۽ آءُ به پنهنجي ڪيفتن کي قابو ڪرڻ کان عاري آهيان. تڏهن ئي ته سندس سونهن بابت مون کان پاڻهي ڄاڻ صفحا تحرير ٿي وڃن ٿا. آءُ ڇا ڪريان ؟

پنهنجي پاڻ کي هُن جي گرفت مان ڪيئن آزاد ڪرايان. ڪو راھ، ڪا واٽ، ڪا لاٽ نظر نه ٿي اچي. تڏهن ئي ته چوندا آهن ” عشق انڌو هوندو آهي“.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو