وڏو ماڻهو

وڏو ماڻهو...!

وڏو ماڻهو ڪير ؟ 
تون يا مان ...؟ 

نه نه...ائين ناهي، يا جيڪو قـــد ۾ وڏو هجي اهو وڏو ماڻهو آهي؟

نه نه ائين به ناهي، مون ڪافي ننڍن ماڻهن کي وڏي قــد ۾ ڏٺو آهي ۽ وڏي ماڻهو جي هجڻ جو تعلق قــد سان قطعي ڪونه آهي. 

آخرڪار وڏي ماڻهو هجڻ جو تعلق آهي ته ڇا سان آهي...؟

هن سوال مون کي اندر ئي اندر ۾ ڏاڍو پريشان ڪري رکيو هو، آءُ نوڪري، گهر ٻار، سٺي رهائش ۽ آرائش واري زندگي گهاريندي به وڏو ماڻهو ٿي نه سگهيو
هيس. هن اصلاح کي سمجهڻ کان پري هيس جنهن سبب اندر ئي اندر ۾ بي قراري وڌنڌي پئي وئي...!

مان هر ان ماڻهو سان ملڻ پي چاهيو جن کي معاشرو وڏو ماڻهو چوندو آهي ڇو ته مون کي انهن سان ملي ڪري وڏو ماڻهو ٿيڻو هو ليڪن ڪڏهن ڪڏهن وري اهو خيال به ذهن ۾ ايندو هو ته هن شهر ۾ نه ڄاڻ الاءِ ته ڪيترا وڏا ماڻهو هوندا، آءُ سڀني سان ڪئين ملي سگهندس. مون کي ڪئين خبر پوندي ته هي ماڻهو
وڏو ماڻهو آهي يا ننڍو...؟ 

پهرين ته ان ڳالهه جو تعين ڪرڻو هُو...!

منهنجي نوڪري جيتوڻيڪ سکر جي هڪ وڏي اداري ۾ هئي ليڪن ان جي باوجود مون کي اتي به ڪو وڏو ماڻهو نه مليو، نه ٽڪريو ۽ نه ئي ساڻس ڪا ملاقات ٿي سگهي...!

آءُ هر شام جو سج لهڻ کان جهجو وقت پهريان پنهنجي آفيس مان واندو ٿي ڪري گهر هليو ايندو هيس، گهر سوير پهچڻ سبب دل ۾ خواهش جاڳندي هئي ته اڪثر شام جا ڪجهه پهر سنڌو جي ڪناري گذاريان ۽ انهي خواهش جي تڪميل لاءِ آءُ هر شام جو ڪي ساعتون روهڙي واري ليسڊائون پُل کي ڏسڻ ويندو هيس، هن پُل وٽ وقت گهارڻ جو مکيه سبب اهو هو ته هن جي شاندار اڏاوت، بهترين ڪاريگري،
جوڙجڪ، توڙي بيهڪ کي ڏسندي آءُ خيالن جي دنيا ۾ گم ٿي ويندو هيس. ٻيو ته هتان سنڌو جي پاڻي جي وهڪري کي آءُ سندس مڪمل موج توڙي اوج سان پسندو هيس...!

هڪ شام جو معمول مطابق آءُ چهل قدمي ڪندي هن پُل ڏانهن اچي رهيو هيس ته مون ڏٺو پُل وٽ ماڻهن جو هڪ وڏو پيهه جمع ٿيل آهي، ڪجهه وڏيون گاڏيون جن کي ولائتي ٻولي ۾ ويگو، ايڪس لاءِ، جي ايل لاءِ خبر ناهي ڇا ڇا چوندا آهن مطلب ته اهي به ڪجهه نظر آيا، مون پڪ سمجهيو ته هاڻ هتي ضرور ڪو وڏو ماڻهو آيو هوندو تڏهن ئي ته هيڏي ساري رش لڳي پئي آهي...!

آءُ جڏهن اتي پهتس منهنجي حيرانگي جي حد نه رهي. هڪ گَداگَر جنهن جا ڪپڙا پاڻي سا يک آلا لڳا پئا هئا، انهي سان گڏ بيٺل هڪڙي سهڻي سيبتي ليڪن ٿوري موٽي عورت جيڪا شايد ولايتي لڳي رهي هئي، انهي جي هٿن ۾ ٽن سالن جو هڪڙو ٻالڪ، جيڪو پڻ آلو هو، اها عورت ان ٻار کي هر هر چمي رهي هئي...!

آءُ اهو سڄو سارو منظر اڃا ڏسي رهيو هيس ته رش مان هڪڙي همراه ٻي همراه سان ڳالهائيندي چيو ’’هي ڀائو وارا ليسڊائون پُل کي ڏسڻ لاءِ شايد ڪنهن ڏورانهن علاقي کان آيا آهن. پُل کي ڏسي ڪري موبائلن ۾ تصويرون ڪڍي رهيا هئا ته فقير اچي ڪري هنن کان خيرات گهري، جنهن تان ان مائي جي ڀرسان بيٺل
مڙسالي فقير کي ڇڙٻ ڏيندي اهو چئي ڌڪاريو ته فقير هي ڀرسان وارو درگاه اٿئي اتي وڃي ڪا ڪنڊ وٺي ويهه کوڙ سارا پئسا ملندئي‘‘...!

فقير مايوس ٿي موٽڻ وارو ئي هو ته اچانڪ اهو ننڍڙو ٻار درياءَ ۾ وڃي ڪريو...شايد سندس پير پُل تان کسڪيو يا اڻ ڄاڻائي ۾ ڪريو....ٻار آهي وڌيڪ ڇا ٿو چئي سگهجي، بر حال سائين ٻار جا وڏا، مرد عورتون مطلب ته سڀ پهريان هڪ ٻي جا فوٽو ڪڍڻ توڙي پنهنجيون سيلفيون ڪڍڻ ۾ مصروف عمل هئا. هنن جي اڻ ڄاڻائي سبب معصوم ٻار درياءَ ۾ وڃي ڪريو، ايڏي وڏي اوچائي مان، درياءَ جي وچ سير ۾ ...!

ڳالهه ٻڌندڙ همراه تجسس مان پڇيس پوءِ ...؟

پوءِ ٿيو ائين ته هن فقير بنا سوچڻ، سمجهڻ جي ڪئي الهتوار ۽ سڌو درياءُ ۾ ٽپو ڏنائين ٻار کي بچائڻ خاطر، چوندا آهن نه ’’ ته مارڻ واري کان بچائڻ وارو وڌيڪ هوندو آهي‘‘...!

فقير ڪو ترڻ سکيل هو، کن پَل ۾ ٻار کي سالم ٻاهر ڪڍي آيو، ٻار جي مائٽن جو آهون ۽ دانهون ٻڌڻ وٽان هُون، سائين ڪير ٿو پرائي ٻار لاءَ پنهنجي جان جوکم ۾ وجهي، ليڪن شابس آهي اَن فقير کي جنهن ايتري دليري ڏيکاري...!

مون کي پنهنجي سوال جو جواب پاڻهي ڄاڻ ملي چڪو هو، منهنجي اندر جي سوال کي منهنجي اندر مان ئي جواب ملي چڪو هو ته ’’ تون جنهن وڏي ماڻهو کي تلاش ڪري رهيو آهين. سو اِهو وڏو ماڻهو تنهنجي سامهون فقيري ويس ۾ بيٺو اٿئي. اِن
جي ڀرسان اڇن، اُجرن صاف ڪپڙن ۾ سڀ ننڍا ماڻهو بيٺا اٿئي جن ۾ خدا جي نالي کي پٺي ڏيڻ جي صلاحيت وڏي مقدار ۾ موجود اٿئي ...!


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو