ڏوراپو

جڏهن هوائون شاهدي ڏين ته تون آهين. جڏهن هي چنڊ ۽ تارا منهنجي هجڻ جو نياپو توکي ڏين. تڏهن پنهنجي دل جي دري مان هڪڙو دفعو ليئو ضرور پائي ڏسجان ته آءُ توکي ڪائنات جي هر هڪ نظاري ۾ نظر ايندس.

منهنجي هجڻ جو احساس تنهنجي اندر ۾ جاڳي پوندو. آءُ توکان پري نه هوندس. بس هڪ دفعو دل سان ساري ته ڏس ۽ پوءِ ڀلي صدين تائين وساري ڇڏجان. آءُ توکي ڪائي ميار ڪونه ڏيندس. 
ڪوئي ڏوراپو ڪونه ڏيندس…!


Comments

Popular posts from this blog

عورتن جون درد ڪهاڻيون

سرڪاري نوڪري جي اهميت هاڻ گهٽجي رهي آهي

وڻ وڻ منجهان واس جو اڀياس