توهان ڇا ٿا سمجهو

هڪڙو عام رواجي سوال. جيڪو توهان اسان کان ڪچهرين ۾ ڪافي دفعا مختلف جڳهن تي پڇيو 
ويندو آهي.

هاڻ اسين ڇا ٿا سمجهو. 
ان جي وضاحت گهربل هوندي آهي.

مون کان هڪڙي صحافي دوست هڪ ڏينهن ڪچهري دوران هڪڙو دلچسپ سوال پڇيو ۽ آخر ۾ اِهو ئي جملو چيائين ته ” توهان ڇا ٿا سمجهو ؟

مون کي پهريان ته ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ دل ئي دل ۾ اِهو خيال آيو ته جيڪر چئي ڇڏياس ته آءُ ڪجھ به نه ٿو سمجهان. مون کي ڪنهن به معاملي جي خبر ڪونه آهي ۽ آءُ صفا مورڳو موڳو ماڻهو آهيان. 

ڇو ته آءُ سنڌ جو رهاڪو آهيان. سٻاجهڙو سادو بنھ فقير ماڻهون. مون کي ڪهڙي خبر ته آءُ ڇا ٿو سمجهان.

وري ٻي پل دل ۾ خيال آيو ته کيس جواب ڏئي ڇڏيان. متان سڀاڻي واقعي کيس اهو اطمنان نه ٿي پوي ته آءُ واقعي ڪجھ به نه ٿو سمجهان. اِن لاءِ کيس ڪجھ سمجهائڻو پوندو ته جئين کيس اِها پڪ ٿي ته آءُ واقعي سڀ ڪجھ سمجهان ٿو. موڳو ناهيان.

هاڻ توهان ڇا ٿا سمجهو ته مون کيس ڪهڙو جواب ڏنو هوندو. منهنجي جواب ۾ منهنجي ڪيتري سمجهاڻي اُن کي سمجھ ۾ آئي هوندي. 
منهنجي سڀ ڪجھ سمجهڻ يا نه سمجهڻ سان 
اُن تي ڪهڙو اثر پيو هوندو.

جي اوهان به اِن معاملي بابت ڪجھ نه ٿا سمجهو ته پوءِ باقي هن مهل تائين توهان ڇا سمجهيو آهي. 
توهان ته صفا ڪي ٻار آهيو 
جو ڪجھ سمجهو ئي نه ٿا.

آءُ توهان کي سوير کان وٺي ڪري هڪ معاملو سمجهائي رهيو آهيان. ليڪن اهو ڏسي ڪري افسوس ٿئي ٿو ته توهان ڪنهن به معاملي، ڪنهن به وارتا، ڪنهن به ڳالھ کي سمجهڻ کان صفا انڪاري آهيو.

توهان سمجهندو به ڪئين؟
هڪ ته توهان جي سمجهڻ جي صلاحيت توهان کان جبري طور کسي وئي آهي ۽ توهان جي سوچڻ جي صلاحيت تي الاءِ ته ڪير ڍينگر رکي ويو آهي جو توهان هن مهل تائين ڪجھ به سمجهڻ لاءِ قائل نه ٿا ٿيو.

مون ڏٺو آهي ته اوهان جا ڪجھ خير خواھ نوجوان اليڪشن جي ڏينهن ۾ توهان کي گهڻيون ڳالهيون سمجهائڻ ايندا آهن ته جئين توهان سوچي سمجهي ڪري پوءِ پنهنجي توڙي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪريو.

ليڪن تاريخ گواھ آهي ته توهان هميشه بنا سوچڻ، سمجهڻ جي خالي هوڪرن ۽ کوکلن نعرن تي پنهنجي ٻچن جي مستقبل جو فيصلو ڪيو آهي. توهان جي انهن عملن جي عيوض هن وقت پوري سنڌ سورن ۾ جڪڙيل نظر اچي ٿي.

توهان هن وقت جيڪو نه سمجهڻ وارو هٿ ٺوڪيو ڍونگ ڪري رهيا آهيو. آءُ انهي ڍونگ کان روز ازل کان واقف آهيان. مون کي خبر آهي ته توهان کي ڍونگ توهان جي آقائن جي طرفان وراثت ۾ ملي آهي.

آءُ به توهان جي متعلق سڀ ڪجھ سمجهان ٿو ۽ اِها پڪ به اٿم ته توهان به اڻڄاڻ ڪونه آهيو. اجائي نڪ پڪو ڪري هلو ٿا. سمجهو سڀ ڪجھ توهان به ٿا. 
پر پوءِ به ڇا ڪجي. 
عادتن موجب وري به پڇي وٺو ٿا ته:

” توهان ڇا ٿا سمجهو ! “

آءُ هڪ دفعي وري ان ڳالھ جي وضاحت ڪندو هلان ته هتي اسان وٽ هر ڪو سڀ ڪجھ سمجهي ٿو ليڪن اُن جي باوجود به جيڪڏهن ڪو چوي ته آءُ ڪجھ به نه ٿو سمجهان ته پوءِ اسان جا هٿ مٿي آهن.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو