پلاسٽڪ نما معاشري جي نفسيات تي لکيل هڪڙو املھ ناول

زندگي ڪيتري قدر ڀيانڪ، خوفناڪ ۽ پيڙاھ جو نالو آهي. اِنهي جي خبر تڏهن پوي ٿي جڏهن زندگي پنهنجي سفر ۾ هلندي ڪنهن سوڙي گهٽي مان گذر ڪندي آهي يا وري اهڙن ئي وارتائن سان سرشار ڪو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ملندو آهي. تڏهن ئي زندگي جي اصل وصف ۽ حقيقي صورت سامهون ايندي آهي.

         اسين اُڏاڻن خيالن جي صحرا ۾ گم ٿي ڪري ڪنهن هوا جي جهوڪي وانگر کن پل ۾ ئي گم ٿيڻ وارن ماڻهن منجهان ناهيون. تاريخ گمنام ماڻهن کي پنهنجي صفحن ۾ جڳھ ناهي ڏيندي. ڇو ته زندگي بذات خود متحرڪ رهڻ جو ٻيو نالو آهي. 

         هن معاشرتي ناپيدي واري ماحول ۾ پنهنجي وجود جو احساس ڏيارڻ لاءِ اصول هي پڻ آهي ته
” متحرڪ رهڻ وارن مان ٿيون يا وري فنا ٿيڻ لاءِ پنهنجي پاڻ کي تيار رکون“.

سنڌي ادب اندر ڪجھ عرصي کان وٺي ڪري هڪ نواڻ، هڪ جدت، هڪ نئو پهلو نمايا ٿيو آهي. جنهن پهلو جو جائزو وٺندي دماغ جا سڀ بند تاڪ پاڻهي ڄاڻ کلڻ لڳن ٿا. اندر منجھ خاموش بڻيل سوالن جا جواب ملڻ شروع ٿين ٿا.

نئي ٽهي جي رولاڪ ليکڪ سليم جمالي جو نئون ناول ” طوائف “ هلندڙ سال جي جنوري مهيني ۾ پڌرو ٿيو آهي. هن کان اڳ سندس لکيل ” روپوش نگر“ پڻ پڙهندڙن کي موهي وڌو آهي. جيڪو پڻ هن مهذب سماج جي ممنوع ٿيل هڪ موضوع ٽين جنس تي لکيل آهي. جن کي ماڻهو کدڙو سڏيندا آهن.

  هن ناول جي خصوصيت منجهان هڪ خصوصيت هي پڻ آهي ته هي ناول معاشري جي انيڪ سفيد پوش درندن جي پت کي وائڪو ڪري ٿي. هن ناول  کي پڙهڻ کان پوءِ طوائف جي زندگي. طوائف جو طوائف ٿيڻ ۽ طوائف جي طوائف ٿيڻ کان پوءِ سندس معاشرتي اهميت جي پروڙ پئي ٿي ۽ پڙهندڙ طوائف لفظ جي حقيقي معنيٰ ۽ مفهوم کان واقف ٿين ٿا.

هن ناول جو مکيه ڪردار سرمد آهي. جيڪو طوائفن جي زندگي کي قلم بند ڪرڻ جي خواهش پنهنجي من ۾ سانڍهي ڪري طوائفن جي ڪوٺن تي ڪي ئي راتيون ۽ ڏينهن گذاري ٿو. سندس هن رولاڪين جي ڪري کيس ڪجھ پنهنجا پراڻا ۽ انقلابي سڏرائيندڙ ساٿي به راھ ۾ ڇڏي ٿا وڃن. 

ليڪن هُو مايوس نه ٿو ٿي ۽ انهي جستجو جي عيوض هو حيدرآباد کان لاهور جي هيرا منڊي تائين جو سفر ڪري ٿو ۽ طوائفن کي تمام تر ويجهي کان ڏسي ٿو. انهن سان روح رهاڻون ڪري ٿو. سندن اندر ۾ جهاتي پائڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل رهي ٿو، اُنهن جي جيون جي اصل ڪٿا کي تلاش ڪرڻ چاهي ٿو.

سندس هي جستجو، سندس هي رولاڪيون. ڪٿي کيس اڪيلو ڪن ٿيون ته وري ڪٿي شبنم جهڙي طوائف سان نينھ جو ناتو جوڙئان ٿيون. ھُو ڪڏهن مڪمل ٿي ٿو ته وري ڪڏهن کيس ڪڏهن پنهنجي اڌوري هجڻ جو احساس من اندر اڀري اچي ٿو. هُو مسلسل حالتن سان جهڙي ٿو.

هن ناول جا ڪردار هن سماج جي مهذب ماڻهن جي مصنوعي چهري تي رانڀوٽا ڏئي ڪري کيس اهو چوڻ چاهين ٿا ته اسين به هن سماج جا پيدوار آهيون. اسين به انسان آهيون. اسين به انهي ئي برادري جا آهيون جن کي اشرف المخوقات جو درجو مليل آهي ته پوءِ انهي کان باوجود اسان کان ايڏي نفرت ڇو؟

اسان کان ايڏي ڌڪارت ڇو؟

اسان کي توهان قبول ڪرڻ کان ڇو انڪاري آهيو؟

توهان جي اِها انڪار ڪوڙ، فريب ۽ چالاڪي کان علاوه ٻيو ڪجھ به ناهي…!

 هُو،  جنهن جو من آتو هو
جنهن کي تو نه سڃاتو هو

 جنهن ماڻهو ۾ انڪار جي صلاحيت موجود نه آهي. اُهو اقرار جو ڪوڙو ڍونگ ڪندو آهي. انڪار در حقيقت هڪ سگهارو ۽ طاقتور عمل آهي ۽ اقرار جيتوڻيڪ پنهنجي وصف ۾ دلڪش ليڪن ڪنهن 
قدر بزدلي جي علامت پڻ آهي.

ڪاغذي قانونن تي اُهي ئي ماڻهو عمل پيرا ٿيندا آهن جن جي ويلاسٽي زيرو هوندي آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجي پاڻ سان بغاوت ڪرڻ جي سگھ رکندا آهن انهن کي هي پلاسٽڪ نما معاشرو جهڪائي ڪونه سگهندو آهي ۽ نه ئي سندن فولادي ارادن کي موڙڻ جي صلاحيت رکندو آهي.

آخر ۾ ايترو ئي ته ” سليم ڀاءُ توکي لکين آفرين هجن جو تون اسان جهڙن سماجي ناچاڪ ماڻهن لاءِ ايترا ڪارائتا ۽ مفيد ڪتاب لکي ٿو. تنهنجي ڏات تنهنجو ڀرجهلو ٿي - سدائين سکيو هجي.


Comments

Popular posts from this blog

عورتن جون درد ڪهاڻيون

سرڪاري نوڪري جي اهميت هاڻ گهٽجي رهي آهي

وڻ وڻ منجهان واس جو اڀياس