ڪتاب ” ماسترن لاءِ چانھ جو ڪوپ “ جو تنقيدي جائزو

تعليمي شعبي سان لاڳاپيل هجڻ سبب ڪجھ ڏينهن پهريان سائين پونجراج ڪيسراڻي جو لکيل ڪتاب ماسترن لاءِ چانھ جو ڪوپ منهنجي مطالعي مان گذريو. سائين جيتوڻيڪ پاڻ تعليمي شعبي سان پورا ٻائيتاليھ سال جڙيل رهيو. انهي حوالي سان تعليم جهڙي اهم موضوع تي سائين هي ڪتاب لکي ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ نئي رخ جو اضافو ڪيو آهي جيڪا ڳالھ يقينن قابل داد آهي.

هاڻ هن ڪتاب جي ڇپڻ کان پوءِ هن سماج ۾ موجود استادن کي ڪيترو فائدو ملي سگهندو اِن بابت پاڻ فل حال ڪو رايو نه ٿا ڏئي سگهون. هن ڪتاب کي مڪمل طرح سان پڙهڻ کان پوءِ مون کي جيڪي اوڻائيون هن ڪتاب منجھ نظر آيون انهن تي هتي روشني وجهنداسين. آءُ هن مضمون ۾ هڪ نقاد هجڻ سان گڏوگڏ هڪ تعلميدان جي حيثيت ۾ پنهنجو خيال توهان آڏو رکندس.

هي ڪتاب جئين ته تعليم جي شعبي جي مناسبت سان لکيل آهي. هڪ استاد هجڻ جي ناتي اسان تي اهو فرض ٿو ٿي ته اسان تعليم سان واڳيل هر هڪ مضمون ۽ عنوان توڙي خيال کي پنهنجي ٻولي يعني سنڌي ۾ بيان ڪرڻ جي عادت پاڻ ۾ وجهون ته جئين پڙهندڙ/ سکندڙ انهي مان پوري طرح لاڀ حاصل ڪري سگهن. ڪتاب جي مصنف اِن روايت جي برخلافي ڪندي هن ڪتاب ۾ سولي سنڌي بجاءِ ولايتي ٻولي انگريزي کي گهڻي اهميت ڏني آهي. جيڪا ڳالھ ڪنهن قدر ڳڻتي جوڳي آهي.

موضوع جي مناسبت سان انگريزي کي وڌيڪ اهميت ڏئي ڪري سائين جن اسان جي پنهنجي مادري ٻولي جي اهميت جي نفي ڪئي آهي. سنڌي ۾ بيان ڪيل لفظن کي ننڍي ڏنگين ۾ لکي ڪري ڏيکاريو ويو آهي. جنهن مان اهو تاثر ملندو جهڙوڪ هي ڪتاب سنڌ واسين لاءِ نه پر ڪنهن ولايتي ماڻهن لاءِ لکيو ويو آهي. جنهن ڪري انهن کي لفظن جي مفهوم سمجهائڻ خاطر سنڌي  لفظن کي ننڍي ڏنگي ۾ قيد ڪري ڏيکاريو ويو آهي.

ڪتاب جي پهرين مضمون جي شروعاتي لفظن ۾ ڪجھ هن ريت جملا ٺاهي ڪري ترتيب ڏنا ويا آهن.
” سکيا جو عمل شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ ٻارن کي انهي لاءِ motivate (آماده ڪرڻ)، ترغيب ڏيڻ، اُتساھ پيدا ڪرڻ يا دلچسپي پيدا ڪرڻ بلڪل ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته Teaching Learning (سکڻ سيکارڻ) هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن جو سڌو سنئون تعلق اسان جي دل، دماغ ۽ ذهن سان هوندو آهي.“

هاڻي توهان مٿين جملن تي غور ڪندئو ته توهان کي انگريزي ۾ لکيل لفظ ننڍي ڏنگي کان ٻاهر ملندا ۽ نج سنڌي ۾ لکيل لفظ ننڍي ڏنگي ۾ بند ملندا. پوري ڪتاب ۾ هر هڪ مضمون ۾ سنڌي لفظن سان اهو حشر ڪيل آهي. ڪنهن به مضمون لکڻ مهل اهو اصول ذهن ۾ رکيو ويندو آهي ته مضمون جي اصلي ٻولي جي مناسبت سان لفظ ڏنگين کان ٻاهر لکيا ويندا آهن ۽ پڙهندڙن جي سمجهڻ لاءِ انهن لفظن جي ٻين ٻولين وارن لفظن کي ڏنگي ۾ بند ڪري لکيو ويندو آهي ته جئين پڙهندڙ سولائي سان مضمون کي سمجهي سگهن. هتي سائين جن کي سنڌي لفظ ڏنگين کان آزاد ٻاهر لکڻا هيا ۽ انهن سان منسوب انگريزي لفظ ننڍين ڏنگين ۾ لکڻا هيا. سائين پونجراج ڪيسراڻي هتي مضمون جي انهي روايت خلاف اسان کي نظر اچي ٿو. هڪ استاد هجڻ جي ناتي کيس اهو رويو اختيار نه ڪرڻ گهربو هو.

ڪتاب ۾ موجود سڀئي مضمون سنڌي ۽ انگريزي جو گڏيل مرڪب نظر اچن ٿا. هر هڪ مضمون ۾ سنڌي جي بجاءِ انگريزي جو ورجاءُ گهڻو تڻو ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ انهن انگريزي لفظن جا مفهوم سولي سنڌي ۾ پڻ سائين پنهنجي مضمون ۾ قطب آڻي پي سگهيو جنهن سان سندس مضمونن جي سونهن ۾ ويتر اضافو ٿي ها. ليڪن هتي سائين پنهنجي مضمونن ۾ انگريزي کي مسلط ڪري اهو تاثر ڏنو جهڙوڪ سندس واسطو سنڌي ٻولي سان گهٽ بلڪ انگريزي سان گهڻو آهي.

اِن کان علاوه هن ڪتاب جي هر هڪ مضمون ۾ جيڪي عنوان ڏنا ويا آهن. انهن کي پڙهندي اهو تاثر جڙي ٿو ته سائين اِهي مضمون ڪنهن انگريزي ڪتاب يا مواد مان چونڊي ڪري انهن تي روشني وجهي مڙئي هڪ جامع ڪتاب تيار ڪري ورتو آهي. هاڻ سائين پنهنجي پورن ٻائيتاليھ سالن ۾ جيڪو ڪجھ سکيو يا سکاريو انهي جو ذڪر نه ڪيو. هڪ استاد هجڻ جي ناتي هن ڪتاب ۾ سائين پونجراج ڪيسراڻي جا ذاتي تجربا ۽ مشاهدا به مضمون جي صورت ۾ ڏنل هجن ها. هاڻ سائين پنهنجي پوري تعليمي سفر ۾ سنڌ جي تعليم کي ڪئين ڏٺو. انهي بابت کيس ڪيتري فڪر آهي يا تعليمي ڀلائي بابت سندس وٽ ڪهڙيون تجويزون آهن. انهي ويچارن کي مڪمل طور پري رکي. هڪ نئي نولي عنوان تي روشني وجهي ڪري سائين هڪ صفحي تي راز لکيا آهن. جيڪو عمل ڪوتاهي جي ذمري ۾ اچي ٿو.

سائين پراون عنوانن کي پنهنجو نالو ڏئي ڪري تعليم جي خدمت ڪئي آهي. سائين پڙهائڻ جي عمل کي اُتساهيندڙ بنائڻ لاءِ هڪ سئو هڪ راز ته ٻڌايا آهن ليڪن اِهو نه ٻڌائي سگهيو آهي ته سائين پاڻ پنهنجي تعليمي سفر ۾ تعليم جي بهتري لاءِ ڪهڙيون حڪمت عمليون اپنايون هيون. پاڻ کي بهترين استاد ڪهڙن بنيادن تي مڃي ورتو يا معاشري جا جيڪي فرد کيس بهترين استاد هجڻ جو لقب ڏين ٿا اهي ڪهڙا بڻ ۽ بنياد آهن يا سندس تعليم جي شعبي ۾ ڪهڙيون ڪار گر خدمتون آهن. انگريزي جي ڪنهن هڪ چوڻي کي چونڊي ڪري انهي تي پنهنجا خيال مجمند ڪري هڪ صفحو ته ڪو عام ماڻهو به لکي سگهي ٿو. هڪ استاد ۽ هڪ عام ماڻهو جي نقط نظر ۾ فرق ته واضع هجڻ گهرجي.

هن ڪتاب جي صفحي 33 تي متوازن کاڌو کائو جي عنوان تحت ليکڪ لکي ٿو” هن کي هر روز اهڙا کاڌا کائڻ گهرجن، جن ۾ لوڻ، کنڊ ۽ چرٻيءَ جو گهٽ استعمال ٿيل هجي. کيس تريل، ترش، پاروٿا، چٽپٽا، چهر وارا، گئس پيدا ڪندڙ، Junk Food (گهٽ غذايت وارو کاڌو) Fast Food (تڪڙا تيار ٿيندڙ) کاڌا کائڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي“. هاڻ هن عنوان کي پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ ائين محسوس ڪندو ته جهڙوڪ آءُ ڪو تعليمي ڪتاب نه بلڪ ڪو صحت سان يا حڪمت سان لاڳاپيل ڪتاب پڙهي رهيو آهيان. هڪڙي استاد کي ڪهڙا کاڌا کائڻ گهرجن يا ڪهڙا نه کائڻ گهرجن. اهڙي ڪا به ترغيب حڪومتي توڙي عالمي سطع تي تعيلم جي ڪانفرنسن يا ميڙاڪن ۾ ڪونه ٻڌايا ويندا آهن. ڇو هتي اسان کي هڪ استاد تيار ڪرڻ هوندو آهي ڪو فوجي نه. جنهن کي اسان اهو چئون ته تون پنهنجي جسم کي ۽ صحت کي هنن اصولن تي قائم رک. استاد جو واسطو پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان هوندو. هن مٿي عنوان کي پڙهڻ کان پوءِ سمجهان ٿو ته هي هڪ اضافي مضمون ڪتاب جي ليکڪ طرفان مڙئي ڪتاب جو پيٽ ڀرڻ خاطر لکيو ويو آهي. جي هي مضمون نه به هجي ها ته به سائين جي هڪ سئو رازن تي ڪتاب شايع ٿي پوي وڃي ها.

اِهڙي ڪتاب ۾ ڪافي سارا اهڙا موضوع رکيا ويا آهن جن جو تعلق پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري عمل سان قطعي ڪو نه آهي. ليکڪ پنهنجي نقط نظر کي هر هڪ صفحي تي انگريزي جي هڪ چوڻي سان ڳنڍي ڪري ڪتاب پورو ڪيو آهي. هن ڪتاب جي ڪجھ مضمونن کي پڙهندي هن ڪتاب جو تعليمي تسلسل ٽٽي ٿو پوي. جئين صفحي نمبر 60 تي عنوان آهي ” سوشل ميڊيا جو استعمال گهٽايو“ ۽ وري صفحي نمبر 84 تي هڪ مضمون جو عنوان آهي ” صاف پاڻي پيو. ڪنهن به قسم جي ڪولا هرگز نه پيئو“.  صفحي نمبر 150 تي عنوان آهي ” ٽپجري جو هلڪي ننڍ ڪريو“. هاڻ هنن عنوانن جي بنياد تي آءُ سائين پونجراج ڪيسراڻي آڏو اهو سوال رکان ٿو ته سائين توهان ڪنهن جي پسند يا نا پسند کي فل اسٽاپ ڪئين ٿا ڏئي سگهو؟ ڪولا پيڻ يا وري سوشل ميڊيا جو استعمال گهٽ يا وڌ ڪرڻ جو تعليمي سرشتي سان ڪهڙو لڳ لاڳاپو. اهو عمل هر ڪنهن جو انفرادي عمل آهي. توهان جو ڪم صرف تعليمي تجويزون ڏيڻ يا تعليم لاءِ ڪجھ ڪارڳر حڪمت عمليون ٻڌائڻ آهي. توهان موضوع کان هٽي ڪري ڪٿي حڪيم ته ڪٿي ڊاڪٽر ٿا نظر اچو. موضوع کان هٽڻ به اوهان جي ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کي ڇهيو رسائي ٿو.

هڪ موثر ۽ ڪامياب استاد جو ڪم هوندو آهي پنهنجي شاگردن کي اڳتي آڻڻ، انهن ۾ سکڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ، انهن ۾ فڪر ڪرڻ جي عادت وجهڻ. انهن ۾ علم حاصل ڪرڻ جي اُڃ پيدا ڪرڻ.  ڪتاب تي جهڙوڪ لکيل آهي ” پڙهائڻ کي انتهائي اثرائتو ۽ اُتساهيندڙ بنائيندڙ 101 راز“. ليڪن ڪتاب جو مڪمل طرح کان مطالعو ڪرڻ کان پوءِ اهو سمجھ ۾ اچي ٿو ته هن ڪتاب ۾ ليکڪ پڙهائڻ جي 101 رازن جي بجاءِ 101 پنهنجا فلسفا هٿ سان گهڙي ڪري پيش ڪيا آهن. هر هڪ مضمون ۾ هڪ هڪ لفظ جا اجائي ۽ واڌاري نموني سان ٻه يا ٻن کان وڌيڪ دفعا ورجاءُ ڪيو ويو آهي.

لفظن جي اِن ورجاءُ جو هڪڙو مثال ڪتاب جي پهرين مضمون ۾ ڪجھ هن طرح ڪيو ويو آهي ” سکيا جو عمل شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ ٻارن کي انهي لاءِ motivate ( آماده ڪرڻ)، ترغيب ڏيڻ، اُتساھ پيدا ڪرڻ يا دلچسپي پيدا ڪرڻ بلڪل ضروري آهي“. هاڻ هنن مٿين جملن ۾ آماده ڪرڻ، ترغيب ڏيڻ يا وري دلچسپي پيدا ڪرڻ جو هڪ ئي مفهوم نڪري ٿو ته شاگرد کي پاڻ ڏانهن متوج ڪرڻ ئي اصل مقصد آهي. هڪ ئي معنيٰ وارن لفظن جي ايتري قدر ۾ ورجاءُ ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي البته انهن جي جاءِ تي هڪ پر اثر لفظ ئي پنهنجي ڳالھ کي چٽي نموني بيان ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. ليڪن جناب ليکڪ هر هڪ مضمون ۾ اهڙي ساڳين معنيٰ وارن لفظن کي ورجائي ڪري لکيو آهي.

ڪتاب جي صفحي نمبر 49 تي شاگردن سان دوستانه رويو ڀلي رکو، پر دوستي نه رکو جي عنوان تحت سائين لکي ٿو ته ” اڄڪلھ ميڊيا جو دور آهي، تنهن ۾ استاد کي ايترو active (سرگرم) نه رهڻ گهرجي ۽ نه ئي ڪنهن جو facebook تي دوست ٿيڻ گهرجي“. هاڻ هتي اها ڳالھ قابل غور آهي ته استاد کي پنهنجي نوڪري کان واندو ٿي ڪري باقي وقت پنهنجي گهر ۾ سڪونيت اختيار ڪرڻ کپي. کيس پنهنجي اوس پاس توڙي معاشري جي سُڌ کان ڪن لاٽار ڪري منھ مونن ۾ وجهي ڪري چپ ڪري ويهڻ گهرجي. هي ڪيڏو نه الميو چئبو ته هڪ استاد کي سندس سماجي ڪمن ڪارن توڙي فلاحي ڪمن ڪارن کي روڪي رکجي. هتي ته ڪتاب جي ليکڪ وڏي ڪمال جي ڳالھ ڪري ڇڏي آهي. جنهن ڳالھ  مون کي حيران ڪري ڇڏيو.

هڪ استاد معاشري جو هڪ اڳواڻ هوندو آهي. جنهم پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي معاشري جي بهتر اڏاوت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو آهي. گهڻو پڙهيو لکيو هجڻ سبب سماج اندر سندس هڪ خاص اهميت هوندي آهي. سندس مان ۽ شان صرف پڙهائڻ جي ڪري نه بلڪ انهي ڪري به اعلي هوندو آهي ته سندس ڳانڍاپو معاشري سان، معاشري ۾ رهندڙ ماڻهن سان ۽ انهن ماڻهن جي ڏکن سکن سان جڙيل هجڻ جي ناتي به هوندو آهي. ليڪن هتي سائين پونجراج ڪيسراڻي استاد کي سڀني معاملن کان ڪن لاٽار ڪرڻ جي تجويز ڏئي رهيو آهي. جنهن مان اهو ثابت ٿي ٿو ته سائين پنهنجي پوري تعليمي سفر ۾ پنهنجي اوس پاس واري ماحول سان پڻ اهڙو رويو اختيار ڪيو هوندو.

ڪتاب جي مهاڳ لکڻ کان وٺي ڪري هن ڪتاب تي پنهنجو رايو ڏيندڙ سڀني مهربانن مان ڪنهن به هن ڪتاب جي نالي تي پنهنجو اعتراض پيش نه ڪيو آهي. ڪتاب جو نالو رکيو ويو آهي ” ماسترن لاءِ چانھ جو ڪوپ“. هاڻ اهو ڏسجي ته اسان جو پورو سماج ماستر جي اصلاح کي ڪهڙي نموني قبول ڪري ٿو ۽ انهي اصلاح کي ڪهڙي فرد لاءِ قطب آڻي ٿو. پاڻ وٽ لفظ ماستر انهن استادن لاءِ قطب ايندو آهي جيڪي پنهنجي نوڪري سان سچا نه هوندا آهن. سياسي ڀوتارن جي پويان هوندا آهن يا وري سياسي چمچاگري ۾ مصروف هوندا آهن. هن ڪتاب ۾ لفظ ماستر کي اهميت ڏئي ڪري ليکڪ اهو ثابت ٿو ڪري ته اسان لاءِ وري ماستر به بهتر آهن اسان کي استاد نه کپن. اسان ماسترن جا ئي متلاشي آهيون.

هن ڪتاب جو نالو ماسترن لاءِ چانھ جو ڪوپ رکڻ جي بجاءِ ” استادن لاءِ اُتسائيندڙ اصول، پڙهائڻ جا جديد لاڙا، ڪئين پڙهائڻ گهرجي، پڙهائڻ جا رهنما اصول يا وري ڪجھ اهڙي ئي نموني ڪو نالو رکيو وڃي ها ته بهتر هو. ماستر جهڙي منفي اصلاح کي اهميت ڏئي ڪري سائين پونجراج ڪيسراڻي پنهنجي ڪتاب کي وڪري ٿيڻ لائق ته بڻايو آهي ليڪن بحثيت استاد جي تاريخ جو ڏوهي ٿي پيو آهي. کيس ماستر جي اصلاح کي پنهنجي ڪتاب جي نالي ۾ استعمال ڪرڻ ته ڇا پر پنهنجي مضمونن ۾ ئي استعمال ڪرڻ نه گهربو هو. وڌيڪ لاءِ ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته سندس هي ڪتاب پڙهڻ به ماسترن کي ئي گهرجي ڇو ته هڪ بهترين استاد هن قسم جي ڪتابن کان پاڻ رکندو جنهن ۾ سندس مخالف اصلاح کي وڌيڪ اهميت ڏنل هجي.




Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو