رهجي وياسين

شهر ۾ وفائون تلاش ڪندي نيٺ شام ٿي وئي ۽ اڪيلا رستن تان گذرندي، پنهنجي پاڻ سان ڳالهائيندي، الاءِ ته ڪٿان کان ڪٿي اچي پهتاسين. هڪ نظر پوئتي ڪري ڏٺوسين ته اندر مان هڪ آواز بلند ٿيو ۽ اهو ئي ٻڌڻ ۾ آيو ته رهجي وياسين !

ها مڃان ٿو ته توسان گڏ گهمڻ، توسان گڏ هلڻ، توسان گڏ کلڻ توڙي توسان گڏ رلڻ کان رهجي وياسين !

ليڪن ڪجي ته آخر ڇا ڪجي ؟

هن موچاري دل تي جو ڪنهن جو وس هلي نه ٿو. ڪو گس ملي نه ٿو. هي هيڏو شهر ۽ آءُ اڪيلو. 
ڇا ڪريان؟

هڪڙي اميد دل ۾ هئي ته من ڪو تون ملي پوي. توسان دل جون ڳالهيون اوري وٺبيون. تو کي پنهنجو هم راز سمجهي مڙئي ڪجھ ڳالهيون توسان ڪري وٺبيون. پر ڪٿي؟

آءُ ايترو خوشنصيب ڪٿي آهيان؟

هي هيڏو سارو شهر ته اڪيلائين جو مرڪز آهي. 
هتي ته محبتون انتهائي مهانگيون ۽ نفرتون بنھ مفت ملنديون آهن. ڪيفيتون ڀلي کڻي ڪيترو به مجبور ڪري وٺن ليڪن هتي ڪنهن کي به ڪنهن جي پرواھ ڪين نه آهي.

آءُ جيڪو ڪجھ سوچي ڪري هتي آيو هيس ۽ هاڻ هتي رهي ڪري جيڪو ڄاتو اٿم ته انهي کان پوءِ ائين ئي محسوس ٿو ڪريان ته توهان به ڪٿي نه رهجي وڃون. ڪنهن اڻ پوري آس ۾ نه لهي جهلجي پئو. اِن لاءِ ڪاغذي گُلن ۽ هٿرادو رشتن تي بنھ اعتبار گهٽ ڪجو.

ڇو ته هتي شهر ۾ ماڻهو سيني ۾ دل جي جاءِ تي پٿر رکيو تا وتن. متان توهان اِهو سمجهو ته هنن جي دل توهان لاءِ ڌڙڪندي. 
ڀلا پٿر به ڪڏهن ڪنهن لاءِ ڌڙڪيا آهن ؟

اکيون ڪنهن عقاب جون هجن يا وري ڪنهن مظلوم جون. پاڻ کي ته اکين سان پيار آهي. پنهنجو من توڙي مزاج انهن اکين جي اندر اُنهي پيار کي تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جيڪو پيار انهن اکين ۾ فطري طور رکيو ويو آهي.

جيڪو پيار آدم جي اکين ۾ حوا لاءِ رکي وئي هئي، جيڪو پيار يعقوب جي اکين ۾ يوسف لاءِ رکي وئي هئي، جيڪو پيار رانجهي جي اکين ۾ هير لاءِ رکي وئي هئي، پاڻ ته انهي پيار جا متلاشي آهيون.

اسان جون اکيون محبتن ۽ نفرتن جو تعين کن پل ۾ ڪري وٺن ٿيون پوءِ ڇو نه ڀلي اُنهن اکين تي هزارين نقاب چڙهيل هجن. ڀلي کڻي ڪيڏو به لھ لحاظ ڪن.

اکيون جن جو ڏس پتو سنئون سنڌو دل جي دهڙڪن ڏانهن هوندو آهي. انهن اکين تي ڪهڙو بار رکجي. انهن ۾ ڳوڙا ڪئين ڏسجن. پوءِ ڀلي ڇو نه دل ۾ اهو خيال اچي ته رهجي وياسين !

اسان جو رهجڻ در اصل توهان جي نه ملڻ جي محرومي واري ڪيفيت آهي. جي توهان ملي پئو ها ته ڪاش اسان ڪڏهن به رهجي نه وڃون ها ۽ دل ۾ اِهو خيال قطعي نه اچي ها ته:

 رهجي وياسين !

(نوٽ: هي تحرير ڪجھ عرصو پهريان حيدرآباد ياترا مهل قلمبند ڪيم)


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو