اُداس شام جهڙي زندگي

آسمان تي ڳاڙها بادل نمودار ٿي چُڪا آهن. شام جا پاڇا پنهنجي گرفت کي روشني تي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن. آءُ پنهنجي ڪمري جي ڏاکڻي طرف رکيل ڪُرسي تي ويٺو آهيان. ذهن هڪ عجيب قسم جي مونجهاري ۾ ورتل آهي.

ڪتاب پڙهان ٿو وري پڙهي ڪري رکان ٿو ۽ ٻيهر وري ڪجھ ٻيا شعر و شاعري توڙي ناولن جا ڪتاب کڻي ڪري دل پشوري خاطر پڙهڻ چاهيان ٿو. 

ليڪن هِي ڇا ! 

ڪو به ڪتاب منهنجي اندر جي مونجھ کي جهڪو نه ٿو ڪري. ڪو به بدلاءُ نظر نه ٿو اچي. ڪا به تبديلي برپا نه ٿئي. سڄو من صحرا لڳو پيو آهي.

آخرڪار پڙهڻ جي عمل کي بند ڪندي. هڪ سفيد پنو کڻان ٿو انهي تي پنهنجي من اندر برپا ٿيل مونجھ جو قصو لکڻ شروع ڪيان ٿو.

هڪ لفافو جيڪو مون گهڻو وقت اڳي محفوظ ڪري رکيو هو. مون کي امڪان هو ته هڪ ڏينهن آءُ نراسائي واري ڪيفيت سان سرشار ضرور ٿيندس. 
اِن لاءِ اڳواٺ ئي مون سڀئي بندوبست ڪري ڇڏيا هئا. ڪا شام ايتري ڳنڀير ٿيندي مون کي اِها اُميد نه هئي.

ڪاغذ جيڪو سفيد آهي. ڏسڻ ۾ صفا کير جهڙو اڇو. ليڪن ڇا سندس اِها ٻاهرين سفيدي سندس تڪليفن ۽ پيڙاھن کي لڪائي سگهندي. جيڪي تڪليفون هن سفيد ڪاغذ مشينن جي منهن ۾ اچي ڪري برداشت ڪيون آهن.

ڪاغذ جو هي سفيد ٽڪڙو لفافي ڏانهن واجهائي ٿو. کيس اِها اميد آهي ته هُو منهنجي دردن جو بار کڻي ڪري انهي لفافي جو لباس اوڍي، ڪنهن ٻي پار هليو ويندو ۽ آءُ پنهنجي پاڻ کي ڏاڍو پُرسَڪون ۽ هلڪو محسوس ڪندس. 

ليڪن اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته آءُ پنهنجي اندر جو سڄو وزن هن نفيس ڪاغذ جي مٿان اُتاري ڇڏيان. هن کي وري نئي پيڙاھ ۾ مبتلا ڪريان.

مون کي ڪاغذ جي هيڻائي تي ترس اچڻ شروع ٿي ٿو. آءُ اهو فيصلو ڪيان ٿو ته اڄ کان پوءِ آءُ درد کي تحريرن جي شڪل ڪونه ڏيندس. 

دردن جو تذڪرو نه ڪندس. ڀلي ڇو نه جبل جيڏا ستم ۽ ڌوڪا ملن. زبان تي صبر جو تالو هڻي ڇڏيندس. منهنجو بار ٻيو ڪو ڇو کڻي؟

درد منهنجا، محسوس ڪو ٻيو ڪري ! 
ڇو…؟
درد منهنجا، انهن تي سوچي ڪو ٻيو ! 
ڇو…؟
درد منهنجا، انهن تي ترس کائي ڪو ٻيو ! 
ڇو…؟

منهنجو درد منهنجي ميراث آهي. منهنجو درد منهنجي سڃاڻپ آهي. منهنجي شعور جو سبب ۽ حصو آهي. منهنجو درد منهنجي شخصيت جو هڪ اهم پهلو آهي. منهنجا درد منهنجي زندگي سان گڏ مليل مون کي ڏاج آهن. آءُ انهن کي بار سمجهي پنهنجي پاڻ کان الڳ ڇو ڪريان؟

آءُ درد کي يتيم نه ڪندس. آءُ انهن کي در بدر ڪونه ڪندس. آءُ کين ڪنهن ٻي در ڪونه ڌڪيندس. آءُ کين درياھ دلي سان ڀليڪار ڪندس. آءُ کين پنهنجو سمجهندس ڇو ته درد ساڻ پنهنجو اوائلي ناتو آهي.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو