لاهوت لامڪان جو سير، سفر ۽ مشاهدو

لاهوت لامڪان جو سير، سفر ۽ مشاهدو !


قسط ٻيو


رات دير سان پهچڻ ۽ دير سمهڻ سبب جيتوڻيڪ ننڊ پوري نه ٿي هئي ۽ اهو ممڪن به ڪونه هو ته لاڳيتو سفر ڪرڻ کان پوءِ مڪمل ننڊ اچي سگهي. بر حال مڙئي ڪجھ گهڙيون آرام ڪيوسين.


اسان جو قيام سيوڻ شريف جي ويجهو هڪ جابلو علائقي ۾ هو.  صبح ٿيندي ئي هتان سموري سنگت کي مولا علي جو باغ، بگا شير ۽ آهوت ڏسڻو هو. 


آءُ پنهنجي ماروٽ عبدالوحيد سان گڏ آهوت جي ٽڪري تي چڙهڻ لڳس. هن ٽڪري تي جوان، باهمت ۽ ٿورا ٿڪا سنهڙا ڇوڪرا جلدي ۾ چڙهي پي ويا. 


باقي ڪجھ ڪُراڙا ۽ عمر رسيده ماڻهن کي چڙهڻ ۾ ٿوري ٿڪي تڪليف ڏسڻي پي پئي. چڙهي ته هر ڪو پي ويو. مُڙي ڪوئي ڪونه پيو. آخرڪار جبل جو پنڌ آهي. ٿڪ ته ٿيندي نه. 


آيا به سڀ انهن رازن ۽ نظارن کي ڏسڻ هئا. هاڻ جي بنا ڪجھ ڏسڻ وائسڻ جي موٽي وڃن ها ته پوءِ لاهوتي ڪيئن چورائن ها. 


آءُ پنهنجي چاچا مولوي عبدالخليل، سئوٽ احمد ۽ ماروٽ عبدالوحيد کي ساڻ ڪري ان جبل تي چڙهڻ لڳس. منهنجو چاچو ڪنهن قدر ٿڪجي پيو ۽ وچ وچ ۾ دم ڪري ساھي پٽي پيو. کن پل لاءِ ويهي پيو رهي.


ليڪن آءُ اڳ ۾ ئي ڏٻرو مڙس سو ايڪڙ جي ڪاٺي وانگر بنا وزن وارو وڃان پيو اسپيڊ سان جبل کي اڪرندو. 


چاچي تلقين ڪندي چيو ته پٽ خيال ڪجان ڪٿي ڪو پير نه کسڪي پوئئي ۽ سڌو اچي منهن لڳئي پٿرن سان پوءِ وتي سُڳل منهن لاهوت ياترا ڪندو. 


بر حال جبل تي چوٽي تي چڙهي ڪري آهوت واري غار ۾ گهرياسين. صفا اونداھو غار. جنهن ۾ هڪ طرف کان گهري ڪري ٻي طرف وڃبو آهي. 


هن غار بابت هڪڙو ويچار اڪثر لاهوتين وٽان ٻڌو ويندو آهي ته 

” جيڪو پنهنجي پيءَ ماءُ جو حلالي اولاد هوندو آهي اهو ان غار مان پار ٿي ويندو آهي ۽ جيڪو نه هوندو اُهو ان غار ۾ ڦاسي پوندو آهي“.


هاڻ سوچڻ جي ڳالھ اِها آهي ته جبل منجھ قائم هڪ سرنگھ حلالي ۽ حرامي جو تعين ڪئين ٿو ڪري سگهي. لاهوتين جون ڳالهيون به گنيز بڪ آف ورڊ رڪاڊ ۾ لکرائڻ جهڙيون آهن. 


مون انهي غار مان سڀني کي وڏي آساني سان پار ٿيندي ڏٺو آهي. ها هڪڙي ويچاري مائي هئي اُها الاءِ ڪهڙي بدبختي سبب ڦاسي پئي.


مائي ڇا ڦاٿي. وٺ وٺان ٿي وئي. هر ڪنهن کي اهو گمان ٿيڻ لڳو ته هي مائي پنهنجي پيءَ ماءُ جي حلالي ناهي. جيتري قدر مون انهي غار کي غور ۽ فڪر سان ڏٺو ته مون ايترو ڄاتو هن غار مان سنهڙا، هلڪي قد بت وارا مرد توڙي عورت وڏي آساني سان پي گذريا.


باقي البته ڪا عورت يا ڪو مرد قد بد ۾ ڀريل هجي ٿو ته پوءِ انهي کي ٿوري ٿڪي اٽڪل ڪرڻي ٿي پوي. ڇو ته هن غار جي ساخت ئي ڪجھ اهڙي طرح جي آهي جو انهي ۾ ٿلها ماڻهو ويچارا ڦاسيو پون. ۽ هيڏانهن وري لاهوتي فقير انهن تي چٿرو ڪرڻ شروع ڪن ٿا.


 انهي کي ڦاسڻ مهل اهو تلقين ڪن ٿا ته ڪائي شئي باس ته جيئن هتان نڪري سگهي. پوءِ ڦاسڻ وارا ويچارا هڪ ديڳ چانورن جو يا وري وس آهر ڪا شئي باسي ڪري پاڻ کي تسڪين ڏيندا آهن. 


بقايا پوري سفر ۾ اُنهي لاهوتي کي جهڙي نظر سان باقي لاهوتي ڏسن ٿا اِهو توهان سمجهي سگهو ٿا.


هتان آهوت کان ٿيندي اسان مولا علي جو باغ ڏسڻ وياسين. هن باغ جو چڪر هڻي ڪجھ گهڙيون اُتي سڪونيت ڪري اسان اُهو کوھ ڏسڻ وياسين جنهن بابت اهو مشهور آهي ته 


هن کوھ وٽ بيهي ڪري مولا علي جو نعرو ” نعري حيدري“ هڻبو ۽ موٽ ۾ لاهوتي ” ياعلي “ جي سدا بلند ڪندا ته هن کوھ ۾ موجود پاڻي جوش ۾ اچڻ شروع ٿيندو آهي ۽ مٿي اُڀرڻ لڳندو آهي. 


اسين به اهو منظر ڏسڻ لاءِ کوھ تي پهتاسين. لاهوتين جي وڏي پيھ نظر آئي ۽ نعرن جي وٺ وٺان لڳي پئي هئي. هڪڙا نعرا هڻن پيا ته وري ٻيا جواب ڏين پيا. 


آءُ ماڻهن جو جذبو ڏسي ڪري کوھ جي پاڻي کي وڏي غور سان ڏسڻ لڳس.


کوھ جو پاڻي جيئن جو تئين ائين هو جيئن ڪنهن کوھ ۾ پاڻي عام رواجي صورت ۾ موجود هوندو آهي. ڪنهن به قسم جو بدلاءُ يا جوش ولولو پاڻي منجھ ڪونه هو. 


ڪجھ ماڻهو عقيدتن طور کوھ ۾ پئسا اُڇلن پيا. ڪي ڏھ روپيا، ڪي ويھ روپيا،  ته وري ڪي پنجاھ توڙي سئو به اُڇلين پيا ۽ وري ڪجھ سَڪا به اڇلين پيا.


پئيسن جو اِهو حال هو ته کوھ اندر ٿوري پاسي تي هڪ مٿاڇري تي هڪڙو کوھ جو مجاور بيٺو هو. جنهن جي هٿ ۾ تقريبن ڏهن فٽن جيترو ڊيگهو لڪڙ/لٺ هئي.


 کوھ جو هي مجاور هن لٺ جي مدد سان کوھ ۾ ڪرندڙ پئسن کي ڪڍي ڪري پنهنجي قميص جي ٻنهي پاسن واري کيسن ۾ رکي پيو.


کوھ جي مٿان بيٺل سڀئي ماڻهو انهي وارتا کي ڏسن پيا ليڪن ڌيان ڪوئي نه پيو ڏي ڇو ته هر ڪنهن جو ڌيان صرف نعرا هڻڻ ۽ ٻڌڻ ۾ هو. هن کوھ واري مجاور جا جڏهن پاسي وارن ٻئي کيسا پُر ٿيڻ لڳا ته هن دوست پنهنجي قميص جي اڳي جيب ۾ پئيسا اُتڻ شروع ڪيا. 


هن همراھ کي مڙئي ڪنهن بزرگ دعا ڪري ڇڏي هئي سو بنا ڪنهن تڪلف جي سندس جيب ۾ پئسا اچي رهيا هئا. مون ڏٺو ته ماڻهو عقيدن جي اڳيان ڪيڏو نه بي وس بڻجي ٿا پون.


اصلي سوچڻ سمجهڻ واري ريت کي ٿُڌڻ ۾ دير ئي ڪونه ٿا ڪن.


هتان واندو ٿي ڪري اسين سيوڻ شريف روانا ٿياسين. قلندر جي درگاھ تي سنگت حاضري ڀري ۽ دعا گهري. هتي سيهوڻ ۾ ئي رات جي قيام جو سلسلو هو. انهي سلسلي مطابق گڏجي سڏجي مڙئي پنج اٺن دوستن هڪڙو ڪمرو ڀاڙي تي ورتو. 


هتي فضيلت ڀري ڪمري ۾ واري واري سان سڀئي وهنجي ڪري تر و تازا ٿياسين. 


فريش ٿيڻ کان پوءِ هر ڪنهن جسماني سڪون محسوس ڪيو ۽ جسم هلڪو هلڪو محسوس ٿيڻ لڳو. ڇو ته ڪالھ کان وٺي ڪري هر ڪنهن کي ڪپڙن بدلائڻ توڙي وهنجڻ جو ڪو موقعو مليو ئي ڪونه هو. 


هر ڪو ڪالهوڪن ڪپڙن ۽ ڪالھ واري گهر کان فريش ٿي اچڻ واري صورتحال ۾ هو.


هن سفر ۾ وڌ کان وڌ اڻاٺ پاڻي پئيڻ توڙي وهنجڻ جي پاڻي جي ملڻ جو هوندو آهي. سفر سبب سڄو جسم ٿڪجي پوندو آهي ۽ کيس تر و تازه ٿيڻ لاءِ تازي پاڻي جي گهرج هوندي آهي. 


اُتي وري وقت تي مناسب ماحول يا پاڻي جي نه ملڻ سبب ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٽي ڏينهن مڙئي هٿ منهن ڌوئي. ڦڻي وغيره ڏئي ڪپڙا بدلائي ڪري مڙئي گذارو ڪيو ويندو آهي.


ٻيو ته بس جا سالار وري اهڙا جيڪي آڌي رات جو ڪنهن بر پٽ ۾ هلي ڪري قيام ڪراين ٿا جنهن سبب نه اُتي پوري ننڊ اچي ۽ نه وري صبح جو اٿڻ سان گهربل پاڻي ملي سگهي جنهن سان ماڻهو پنهنجو ٻوٿ ڌوئي سگهي. 


ڪٿي ڪٿي ته اسان ڪولر مان هڪ ڪلاس پاڻي جو ڪڍي ڪري مڙئي پاڻ کي سڃاڻڻ جهڙا ڪندا هئاسين ته جئين وري ڪٿي ڪنهن سٺي هوٽل يا قيام تي پهچي ڪري وهنجي وٺجي.


قلندر جي نگري جو چڪر هڻي. اسين ٻاهر هوٽل تي ماني کائڻ آياسين. اُتي مون کان منهنجي ماروٽ پُڇا ڪئي ته 


” آءُ ڪالھ کان وٺي ڏسان پيو ته تون ڪنهن به درگاه تي دعا لاءِ هٿ نه ٿو کڻي. حالانڪ ٻيا سڀ ماڻهو دعا گهرن ٿا. اِهو ڇو ؟.


مون کيس مُشڪي چيو ته منهنجا هٿ دعا لاءِ صرف ڪائنات جي مالڪ جي حضور ۾ مٿي ٿيندا آهن. وڌيڪ تون سمجهي سگهي ٿو، مرڪندي چيائين لڳي ٿو ته صفا وهابي آهين. 


مون کيس چيو جي ائين هجي ها ته پوءِ آءُ هنن مولائين ۽ لاهوتين سان گڏ هن سير ۽ سفر تي ئي نه اچان ها. بر حال هاڻ اِهو تنهنجي عقل ۽ ڏاهپ تي ڇڏجي ٿو ته تون مون کي ڪهڙن ۾ ٿو شمار ڪري. 


اِهڙي ريت ماني کائيندي اسان جي وچم ڪافي دلچسپ گفتگو هلندي رهي. ماني کائي ڪري اسان سڌو پنهنجي ڪمري ۾ پهتاسين. آءُ ڪي ئي گهڙيون اِن ڳالھ تي سوچيندو رهيس ته قلندر جي درگاھ ۾ اندر چندي جو پيتيون هر سال گهٽجڻ جي بجاءِ وڌن ڇو ٿيون؟ 


اوقاف کاتو ڪٿي آهي. اُهي درگاهن جي سار سنڀال توڙي خير سنگالي خاطر درگاھ جي گادي نشينن کي فنڊ ڇو نه ٿا جاري ڪن ؟


هلندڙ


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو