وري يادگيرين ورايو اسان کي…ڪئمپس ڊائري

حصو پنجون اَن تمنا کي پاليندي ڪجھ ڏينهن گهڻي غور و فڪر کان پو۽ ڪجھ جونئير ڇوڪرين جا نالا شارٽ لسٽ ڪيم، ڇو تہ مون واري ڪلاس ۾ ڪُل ڇوڪريون هيون ئي ٻہ، جيڪي مون کي دل سان ڀاءُ ڀائينديون هيون، انهن ويچارين ڏي تہ سوچڻ بہ مون لاءِ ڄڻڪ ڪبراه گناه هو، هاڻ جن ڇوڪرين جا نالا شارٽ لسٽ ڪيا هيم تن جي موبائل نمبر ملڻ جي ڪا اميد ڪٿي نہ سوجهي ۽ انهن سان سامهون ڳالهائڻ جي مون ۾ همت ڪا نہ هئي سو انهن سان رابطي ڪرڻ جو هڪ ٽيون اهم وسيلو ڳولي لڌم، اِها ڄاڻ تہ اڳم هيم تہ لازمن سڀئي ڇوڪريون هن جديد دور جي تقاضائن مطابق فيس بڪ هلائينديون هونديون سو بسم الله ڪري سڀني کي فيس بڪ تي ڳولڻ شروع ڪيم. مختلف طور طريقن سان ٻن ڇوڪرين جون فيس بڪ آئڊيون ڳولي لڌم، هڪڙي ڏي سنئون سڌو فرينڊ ريڪويسٽ موڪليم ۽ ٻي ڏي ميسيج لکيم، جنهن ڏي فريڊ ريڪوسيٽ موڪليم ان فريڊ ريڪويسٽ کي ڊليٽ ڪري وري ٿورائتن مون کي فيس بڪ تي ئي بلاڪ ڪري ڇڏيو، مون بہ سندس ان بي رحمانہ رويي تي هڪ ڪهاڻي لکي ڇڏي جنهن کي عنوان ڏنم ” فريڊ ريڪويسٽ “. منهنجي فريڊ ريڪويسٽ واري ڪهاڻي پڙهي ڪري مڙئي کيس ڪجھ ڪل پيو ۽ مون تي رحم کائيندي هڪ ڏينهن مون سان گفتگو ڪ...