مهاڳ يا منهنجي ڪهاڻي؟
انسان سان گڏ هن ڌرتي تي ٻيون به ڪافي شيون واڌ ويجھ ڪن ٿيون. انهن شين ۾ انساني خواهشون هجن، انساني خواب هجن يا وري انساني ڏک توڙي سور هجن، هي سڀ جا سڀ انسان سان گڏ سندس عمر ۾ ساٿ نڀائيندي وڌڻ شروع ٿين ٿا. عمر جي تقاضا مطابق خواهشون به وڌڻ لڳنديون آهن، عمر جي تقاضا مطابق خواب به پنهنجو دائرو وسيع ڪندا آهن ته وري اُتي ئي انساني زندگي ۾ درپيش ڏک، درد ۽ پيڙاهه به وقت جي مناسبت سان وڌي وڻ ٿيندا آهن. اِهڙي صورتحال سان مقابلو يقينن هر ماڻهو نه ڪري سگهندو آهي. جن وٽ حوصلو، جذبو ۽ مستقل مزاجي واري واٽ هوندي آهي، سي سيبتا انسان زندگي جي مختلف لاهن ۽ چاڙهن مان اُڪري ڪري پار پهچندا آهن ۽ اِنهي جي اُبتڙ وري جن وٽ ڪنهن به ننڍي معاملي يا مونجهاري تي مايوسي حاوي ٿي ويندي آهي ۽ اُهي سُسُت ٿي پوندا آهن ته تڏهن اُنهن کي ائين لڳندو آهي ته ڄڻ زندگي مايوسي جي ڪُن ۾ ڦاسي پئي آهي. هاڻ اِها مايوسي يا نراسائي ايڏو وڏو معاملو ڪونه آهي جيترو انساني ذهن يا هڪ عام ماڻهو انهي کي سمجهندو آهي ۽ ان کان خوف کائيندو آهي. انسان جذبن جي وهڪرن ۾ ته هميشه وهي ئي وهي ٿو. ڪڏهن خوشي آهي ته وري ڪڏهن غم به آهي. هي ٻئي ڪيفيتون گڏوگ