ڪوتا تار تي ويٺل پنڇي جو اڀياس

چون ٿا ته نثري نظم جي شروعات فرينچ شاعريءَ کان ٿي. بودليئر (Baudelaire) پنهنجي مجموعي ”نثر ۾ ننڍا نظم“ (Petit poems en prose) سان ان جي ابتدا ڪئي. ان ۾ شاعريءَ جو عنصر ضروري آهي. ان ۾ وزن، بحر ۽ رديف قافيي کان سواءِ نظم جون سموريون خاصيتون موجود هجڻ گهرجن. ڪٿي ڪٿي ته قافيي جو استعمال به سٽن جي وچ ۾ يا آخر ۾ ٿئي ٿو ۽ ان ۾ موسيقيت جو احساس پيدا ڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن (Assonance) جي ذريعي نغمگي پيدا ڪئي وڃي ٿي. هر حالت ۾ نثري نظم ۾ اندروني آهنگ ضروري آهي. (Surrealist) اهڃاڻي ۽ (Automatic) خودمختيار لکڻيون نثري نظم جون اهم صورتون آهن. انگريزي شاعريءَ مان هيءَ صنف، انگريزن جي دَور ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ٿي ۽ مقبوليت حاصل ڪئي. سنڌي ۾ لعلچند امر ڏني جو ’سدا گلاب‘، ڪلا پرڪاش جو ’ممتاز لهرون‘، مدد علي سنڌيءَ جو ’پنر ملن‘، نور الهديٰ شاهه جو ’قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چند‘، شيخ اياز جو ’پنڻ ٿو پور ڪري‘ ۽ ٻيا ڪيترائي مجموعا شايع ٿيل آهن. نثري نظم متعلق اسان کي هي مٿين معلومات/هن جهڙي يا هن سان ملندڙ جلندڙ معلومات سنڌي لغتن مان ملي ٿي. ان سان گڏوگڏ نثري نظم جي اهم خاصيتن مان جيڪا اهم خاصيت ذهن ۾ رکي ويندي آ...