Posts

ڌرتي جي شاعر جي شاعري جو جائزو

Image
شاعري هر ڏينهن مون آڏو نئي نويلي ڪنوار وانگر تيار ٿي ڪري سامهون اچي ٿي ۽ آئون سندس حُسانڪي کي ڏسي ڪري حيران کان حيران ڪُن حد تائين پهچي ٿو وڃان. اِيڏي ڇَڪ، ايڏي پنهنجائپ ته مون پنهنجي تخليقن ۾ به ڪونه ڏٺي هئي ۽ نه ئي مون ڪڏهن شاعري کي ايترو سمجهيو هو. شاعري ته پڙاڏو ٿي ڪري مون آڏو پنهنجا سُڏ ورنائڻ جي ڪوشش ڪري پئي ۽ آئون ڪنهن بي زبان جانور جيان کيس تعجب وارن نظرن سان ئي ڏسندو رهان ٿو. منهنجو ذاتي مزاج ايڏو ته اڀاڳو رهيو آهي جو مون هميشه شاعري کي پاڻ کان ڌِڪي پري ڪيو آهي پر وري به شاعري مون وٽ وقت جي تقاضائن سان حاضريون ڀريندي رهي آهي. شاعري اِها ڪوشش ڪندي رهي آهي ته آئون سندس اهميت کي سمجهان، آئون سندس افاديت جو اندازو لڳائي سگهان.  آئون سندس اکين ۾ اکيون نهار ڪري ڪي گهڙيون ساڻس ڪچهريون ڪريان. شاعري ائين ئي ٻين جي هٿن سان لکجي ڪري مون وٽ مهمان ٿي ڪري ايندي رهي آهي. آخرڪار مون کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. صدين جي وڇوٽن کي ختم ڪري مون کيس ڳل ڳراٺيون پاتيون ۽ سندس نراڻ تي هڪ چُمي ڏني. ڪجھ ڏينهن پهريان آئون محراب پور شهر، نوجوان شاعر شڪيل احمد سان ملڻ ويس. ساڻس ملا...

نوڪري واري ٽيسٽ ڪئين ڏجي

Image
ٿيندو ائين آهي ته جڏهن اسين ڪنهن نوڪري جي حاصلات لاءِ ٽيسٽ ڏيڻ ويندا آهيون ته اڪثر ڪري اسين ڪنهن قدر گهٻرائجي ويندا آهيون! بس هڪڙي ئي ڳڻتي هوندي آهي ته سوال اَلائي ڪهڙي نوعيت جا هوندا؟ سوال اَلائي ڪٿان ۽ ڪهڙا ايندا؟ انهي مونجهاري واري حالت ۾ اسان جو ذهن منتشر ٿيڻ لڳندو آهي ۽ اسين اڻ ڄاتل توڙي اڻ ڏٺل خوف ۾ مبتلا ٿي ڪري سڄي ساري ٽيسٽ جو خانو خراب ڪري ايندا آهيون! سڀ ڪجھ پڙهيل هجڻ جي باوجود به امتحان حال ۾ اسان جي کوپڙي خالي ٿي ويندي آهي ۽ اسان ٽيسٽ غلط ڪري ايندا آهيون جنهن سبب بي روزگاري اسان جو مقدر بڻجي ويندي آهي! اچو ته اِهو سکون ته نوڪري واري ٽيسٽ ڪئين ڏجي ۽ ڪهڙن اصولن تي پيرا عمل ٿي ڪري پاڻ هر قسم جي ٽيسٽ کي پاس ڪري سگهون ٿا! • سڀ کان پهريان ته توهان ائين ڪندا ڪريو ته ٽيسٽ ۾ جيڪڏهن ڪوئي تفصيلي مضمون انگريزي ۾ ڏنل آهي ته اُنهي مضمون کي پڙهڻ يا اُنهي جا جواب تلاش ڪرڻ بجاءِ اُنهي کي فلحال ڇڏي ڏيو! ڇو ته ٿيندو ائين آهي جو ڪافي اميدوار انهي مضمون کي پڙهڻ، سمجهڻ توڙي انهي مان جواب تلاش ڪرڻ جي چڪر ۾ سوالنامي ۾ مليل باقي سوالن جي جواب ڳولڻ ۾ ناڪامياب ويندا ...

تخليق به تڙپي ٿي - تي هڪ نظر

Image
شاعري اُداس روحن جي هڪڙي پُڪار آهي. هِي اُنهن المياتي گهڙين جي هڪ رڙ آهي. جيڪا رڙ هن سماج جي گرمن هوائن ۾ پنهنجو سفر مڪمل نه ڪري سگهندي آهي! شاعري بنيادي طور احساسن جو هڪ حسين جوڙجڪ آهي. اِنهي جوڙجڪ مان ئي شاعر جي مزاج ۽ طبعيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ڪجھ ماڻهو شاعري کي لفظن جو خوبصورت سنگم سمجهندا آهن! کين اِهو گمان هوندو آهي ته اکرن کي اڳتي ۽ پوئتي ڪري لکڻ سان جيڪا شئي وجود ۾ ايندي آهي اُن کي شاعري چئبو آهي حالانڪ ائين قطعي ڪونه آهي! شاعري لفظن جي روپ ۾ جڏهن سرجندي آهي ته اُها پنهنجي پاڻ سان گڏ احساسن، خوابن ۽ تمنائن کي گڏ بلڪل ائين ئي کڻي ايندي آهي! جئين علي عاجز پنهنجي ڏيڍ سٽن واري ڪتاب ” تخليق به تڙپي ٿي“ ۾ احساس کڻي آيو آهي!  سندس ڪتاب ۾ موجود ڏيڍ سٽا ۽ ڏيڍوڻيون مالهائون فن، فڪر توڙي سڀني تقاضائن کان پوريون محسوس ٿين ٿيون! اچو ته سندس ڪجھ ڏيڍ سُٽن جو جائزو وٺون: • ھُو ڏاند ويو جوٽي! من لاڀُ لُڻان عاجز، ٿو ماءُ مِٽي کوٽي! • بُڪ، پين، قلم ۽ مان! اڄ يار پهاڙن تي، توکي ته پيو سڏيان. • طوفان اچي ويندو! منهنجو ته ڪکائون گهر، ها هيل...

تعليمي نصاب ڪئين هجڻ گهرجي

Image
قسط 01 يوسف جميل لغاري تعليم جي سرشتي کي اڳتي وڌائڻ توڙي اُنهي کي هلائڻ ۾ نصاب جو اهم ڪردار هوندو آهي. جيڪڏهن تعليمي نصاب فرسوده ۽ وقت جي مناسبت سان جديد نه هوندو ته يقينن اهو نصاب لاڀائتو نه ٿي سگهندو ۽ اُن مان مطمئن ڪندڙ نتيجا به اخذ ڪونه ڪري سگهبا.  سنڌ جي تعليمي نصاب جي حوالي سان حالانڪ کوڙ ساريون ڳالهيون ڌيان طلب آهن جنهن ۾ سڀني کان اهم ڳالھ اِها آهي ته تعليمي نصاب ڪئين هجڻ گهرجي. تعليمي نصاب ۾ ڪهڙيون شيون ڪهڙي درجي ۾ شامل هجن ۽ ڪهڙن شين کي مستقل بنيادن تي نصاب جو حصو بڻائجي ۽ ڪهڙن شين کي نصاب ۾ عارضي بنيادن تي جڳھ فراهم ڪجي.  پاڻ وٽ الميو اِهو آهي ته نصاب جي بهتري لاءِ تعليم کاتي وٽ نه ئي ڪي ڪنهن ماهرن جي ڪا ٽيم تشڪيل ڏنل آهي ۽ نه ئي وري تعليمي نصاب جي حوالي سان سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ مان ڪنهن قابل توڙي هوشيار اُستادن کان ڪي تجويزون ورتيون وڃن ٿيون.  هر سال نصاب جي ترتيب ڏيڻ مهل تعليم کاتو حڪومت سنڌ پنهنجي مرضي سان نصاب جوڙي ڪري سنڌ اندر تعليمي ادارن کي ڪتاب فراهم ڪري ٿي ۽ اڪثر دفعا ائين به ٿيو آهي ته انهي پنهنجي مرضي واري روايت سبب تعليمي نصاب ۾ ...

Regularize IBA HMs

Image
سنڌ اندر جيتوڻيڪ سڀني شعبن ۽ کاتن ۾ سهولتن جو ڏيوالپوڻو آهي پر انهي جي باوجود به سنڌ جو هر عام توڙي پڙهيل لکيل فرد اِهو چاهي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ تعليم جو شعبو، صحت جو شعبو ۽ قانون جو شعبو ٻين شعبن کان وڌيڪ بهتر ۽ ڪار آمد هجن.  ڇو ته هنن ٽنهي شعبن جو واسطو انساني زندگي، معاشرتي ڀلائي ۽ پر امن سماج سان واسطو رکن ٿا. تعليم بهتر هوندي ته ماڻهو صحت جي اصولن جي پابندي ڪندا جنهن سان بيماريون گهٽ ٿينديون ۽ عام ماڻهو صحت مند زندگي گذاري سگهندو.  انهي حساب سان جتي تعليم ۽ صحت جون سهولتون هجڻ سان گڏوگڏ قانون جا سڄو نظام به فعال ۽ ڪار آمد هوندو ته اُتان جا ماڻهو شعوري فرد هجڻ سان گڏوگڏ سماج جي بهترين اڏاوت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا ۽ انهي نموني هڪ مثالي سماج قائم ٿيڻ شروع ٿيندو ۽ انساني زندگي سولائي سان پنهنجو سفر مڪمل ڪري سگهندي. پاڻ وٽ سنڌ اندر هنن ٽنهي شعبن ۾ بهتري جي ڪافي گنجائش موجود آهي. سڀني کان وڌيڪ بهتري جي ضرورت وري تعليم کاتي ۾ آهي. ڇو ته هي بنيادي شعبو آهي جيڪو باقي شعبن کي ترتيب ڏئي ٿو ۽ انهن کي اڳتي وڌڻ لاءِ گس فراهم ڪري ٿو.  گذريل ڪجھ سالن کان وٺي تعليم جي ...

ادارن جي تباھ حالي ۽ نوجوانن جو مستقبل

Image
سنڌ جو نوجوان هن جديد دور ۾ به انيڪ مسئلن ۽ مونجهارن جو شڪار آهي. ڪجھ اهڙن مسئلن سان سرشار آهي جيڪي حل طلب آهن. سماجي، معاشي ۽ دنياوي گهرجن کي مد نظر رکي ڪري سوچجي ٿو ته ائين محسوس ٿئي ٿو هي مسئلا اڄ جي نوجوان کي نه صرف ذهني طور پريشان ڪندڙ آهن بلڪ سندس سنهري مستقبل کي به خطري ۾ آڻڻ جو ڪردار ادا ڪن ٿا. اسان جو اڄ جو نوجوان خواھ پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل هن وقت هڪ اهم ۽ سنجيده وبا کي منهن ڏئي رهيو آهي. جنهن وبا کي بي روزگاري چئجي ٿو. اعليٰ تعليمي ادارن کان ڊگري وٺڻ جي باوجود به روزگار جو ڪو خاطر خواھ بندوبست نه هجڻ سبب اڄ جو نوجوان نفسياتي طور احساس ڪمتري ۾ مبتلا آهي ۽ سندس شخصيت نسرڻ جي بجاءِ ويڳاڻپ واري ڪيفيت ۾ مبتلا ٿيندي ٿي وڃي. اسان جو معاشرو جهڙوڪ وقت جي تناسب سان ترقي به ڪري رهيو آهي ۽ اِنهي ترقي جي بدولت مفاصلا ڪنهن قدر گهٽيا به آهن. رابطن جا جديد وسيلا متعارف ٿيڻ کان پوءِ هر شئي تائين پهچڻ ممڪن ۽ آسان به ٿي پيو آهي پر انهي جي باوجود به روزگار جا موقعا گهٽ هجڻ يا بنھ نه هجڻ واري حالت اڄ جي تربيت يافته نوجوان جي تخليقي صلاحيتن کي ميساري رهيو آهي. مجموعي طور سنڌ جي سڀني شهرن...

صلاحيتن کي نکارڻ وارا 7 اهم ڪم

Image
احساس مئگزين حيدرآباد، جون جي شماري ۾ ڇپيل منهنجو ترجمو ڪيل مضمون: صلاحيتن کي نکارڻ وارا 7 اهم ڪم: ليکڪ: ميان جمشيد ترجمو: يوسف جميل لغاري انهي ڳالھ تي مڪمل طرح سان يقين رکو ته توهان هڪ باصلاحيت فرد آهيو. اِها الڳ ڳالھ آهي ته توهان ڪڏهن پنهنجي اندروني صلاحيتن کي ڳولڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي يا جيڪڏهن ڪئي به آهي ته مڪمل ڄاڻڻ کان پهريان ئي پنهنجي ارادي تان هٿ کڻي ويا يا وري ڄاڻڻ کانپوءِ به انهن صلاحيتن کي نکارڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. ڪجھ ماڻهو پنهنجي اندر ۾ صلاحيتن سان ٽمٽار هوندا آهن پر اُهي پنهنجي صلاحيتن کان لاتعلقي اختيار ڪيل هوندا آهن. انهن کي پنهنجي قابليت، هنر توڙي فن جي مڪمل سُڌ نه هوندي آهي. جنهن سبب اُهي صلاحيت يافته هجڻ باوجود ويڳاڻا ۽ وائڙا لڳا پيا هوندا آهن. دوستو هي ڳالھ اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته هر انسان ۾ صلاحيتون ڪنڊي جي وڻ جيان موجود هونديون آهن. انهن جي مناسب ڪٽائي، صفائي ۽ ڇانگ وغيره ضروري هوندي آهي. تڏهن ئي اُهي استعمال جي قابل ٿينديون آهن نه ته اُهي ڊينگرن جي صورت ۾ ئي اسان جي اندر ۾ موجود هونديون آهن. جهڙي ريت ڪنڊي جي وڻ کي ڇانگي ڪري صاف ڪيو وي...