Posts

دل لڳي جون ڳالهيون

Image
ڪجھ ڳالهيون اِهڙيون هونديون آهن جيڪي ڪنهن سان به سلڻ جهڙيون نه هونديون آهن اهڙين ڳالهين جي سلڻ سان اِهو خوف پيدا ٿيندو آهي ته جيڪڏهن اِهي ڳالهيون کُلي پيون ته ماڻهو کي ڏاڍو نقصان کڻڻ جو انديشو پيدا ٿي پوندو آهي.  انهي حساب سان ڪجھ ڳالهين کي دماغ جي ديڳڙي ۾ بند ڪري انهن تي تاحيات ڪا اِهڙي وزني ڍَڪ رکي ويندي آهي جنهن ڍَڪ سان ماڻهو جي مان ۽ شان به ڍَڪيل هوندو آهي. اڄوڪي معاشرتي صورتحال کي مد نظر رکندي ايترو سمجھ ۾ اچي ٿو ته هن دور ۾ ڪنهن سان به دل جي لڳي جون ڳالهيون نه ڪجن.  ڇو ته ماڻهن مان سهپ ڪڏهوڪي موڪلائي چُڪي آهي ۽ انسان جي عزت نفس کي ڇهيو رسندي ويرم ئي ڪانه ٿي لڳي. ڳالهيون به جديد دور جي تقاضائن مطابق مائڪرو سيڪنڊ جي بجاءِ نينو سيڪنڊ جي رفتار سان سفر ڪن ٿيون. اِن لاءِ پنهنجي زبان کي انهي ڳالھ جو عادي بڻايو ته هُو هر ڪنهن جي اڳيان پنهنجي اڻ چيل لفظ نمودار نه ڪري. ٿوري صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺندي ڪٿي ڪي ساعتون خاموشي به اختيار ڪري ڇو ته گڏ ويهڻ ۽ کلڻ وارو هر ماڻهو سڄڻ ڪونه هوندو آهي.  ڪجھ ماڻهو اسان کي ڳالهين جي گهير ۾ لاهي اسان جي رازن کي اسان جي...

ٺري ميرواھ کي لائبريري ڏيو

Image
علم، انسان جو ابدي ورثو آهي. علم سان ئي شين جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي آهي انهن جي ورڇ ٿيندي آهي توڙي انهن جي وچ ۾ فرق کي نمايا ڪيو ويندو آهي. علم سان شعور ايندو آهي. شعور سان ذهن سُجاڳ ٿيندا آهن ۽ پنهنجي بنيادي حقن جي حاصلات لاءِ جاکوڙيندا آهن. جتي علم ناهي اُتي ڪا به حڪمت عملي، ڪا به چڱ ڀلائي توڙي بهتري جي برپا ٿيڻ جا امڪانات بنھ گهٽ هوندا آهن. علم جي وسيلي ئي ترقي جون راهون هموار ٿينديون آهن. اِن لاءِ علم حاصل ڪرڻ اڄ جي جديد دور ۾ انتهائي اهم ۽ ضروري آهي. تعلقو ٺري ميرواھ ضلع خيرپور ميرس جو هڪ انتهائي اهم تعلقو تصور ڪيو ويندو آهي. هن تعلقي ۾ پڙهيل لکيل طبقو ۽ پيش ورانه ماڻهن جو تعداد به گهڻو آهي. اِن جي باوجود به هن تعلقي کي عوامي لائبريري جي سهولت کان محروم رکيو ٿو وڃي.  سرڪاري سطع تي لائبريري جي حصول لاءِ ڪجھ عرصو پهريان هتان جي ڪجھ باشعور نوجوانن هڪڙي تحريڪ به هلائي هئي ۽ اُنهي تحريڪ وسيلي هتان جي چونڊيل نمائيدن ۽ اعليٰ اختيارن کان اهو مطالبو پڻ ڪيو هو ته هن تعلقي کي سرڪاري سطع تي هڪ لائبريري مهيا ڪئي وڃي.  پر افسوس ته نوجوانن جي انهي جائز مطالبي کي هتان جي...

گورک جو ڪهڙو حال آهي / يوسف جميل لغاري

Image
انساني اک خوبصورتي کي ائين ڳوليندي آهي جئين سورج مکي چنڊ جي روشني کي ڳوليندي آهي. انسان طبعيتن حُسن توڙي سونهن کي پسند ڪندڙ آهي. پوءِ ڀلي انهي سونهن جي جهلڪ کيس. وستي، واهڻ، دگ پنڌ توڙي قدرت جي تخليق ڪيل ڪنهن به شئي ۾ نظر اچي.  اهو قطعي لازم ڪونه آهي ته حضرت انسان کان علاوه باقي ڪنهن به وجود ۾ سونهن ڪونه آهي. سونهن ته هر هڪ جاءِ، ماڳ توڙي مڪان ۾ موجود آهي. اِنهي نموني جا فطري لقاءُ ۽ خوبصورت ماڳ توڙي مڪان سنڌ جي اندر به ڪافي آهن. جن تي گهمڻ ۽ انهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو الائي ڪٿان کان ڪٿان اُتي پهچن ٿا. اهڙن ئي ماڳن مان هڪڙو ماڳ دادو ضلعي جي شهر واهي پانڌي ۾ به آهي جنهن کي گورک هل اسٽيشن چيو ويندو آهي.  گورک جبل انهي ڪري به ٻين جبلن کان نمايا حثيت رکي ٿي جو انهي تي ٿڌ جي موسم هر وقت هوندو ئي هوندو آهي. حالانڪ گرم موسم ۾ ڪنهن جبل تي ٿڌ جي موسم هجڻ به ڪمال جهڙي ڳالھ آهي ۽ فطرت جو سُندر سنهيو آهي. ڪجھ عرصو پهريان سنڌي ادبي سنگت شاخ واهي پانڌي جي دوستن طرفان گورک هل اسٽيشن تي هڪ ادبي پروگرام منقعد ڪيو ويو هو. جنهن ۾ ٽن ڪتاب جي مهورت ۽ چار شاعرن سان رهاڻ جو پروگر...

نئون تعليمي سال ۽ حڪومت جي سُسُت رفتاري - يوسف جميل لغاري

Image
ڪجھ ڏينهن پهريان سيڪريٽري تعليم جو هڪ ويڊيو بيان نظرن مان گذريو جنهن ۾ ڪجھ هن طرح جون ڳالهيون هيون ته اسان نئي تعليمي سال مطلب ته جولاءِ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ ڪافي سُٺا ۽ ڪارڳر پلان جوڙيا آهن.  جن مطابق ڪجھ نوان اُستاد ڀرتي ڪري رهيا آهيون ۽ ممُڪن آهي ضرورت جي پيش پوڻ تي ٻين نون استادن جي ڀرتي پڻ ڪئي ويندي. جنهن جو فيصلو جولاءِ تائين استادن جي کوٽ بابت مليل اکن اکرن بعد ڪيو ويندو. هاڻ انهي ڳالھ کي مد نظر رکندي اهو سمجھ ۾ اچي ٿو ته نئون تعليمي سال اڳ جي بهتر ۾ تعليم جي شعبي ۾ نواڻ ڀريو ثابت ٿيندو. ڇو ته گذريل سال جي نومبر مهيني ۾ سکر آي بي اِي طرفان استاد جي ڀرتين لاءِ ورتل ٽيسٽ ۾ به سُٺا، هوشيار ۽ قابل اميدوار پاس ٿي ڪري سامهون آيا آهن.  جن جي ڀرتي جو عمل گذريل ڇهن مهينن کان هلي ٿو پيو. ممڪن آهي ته اهو سلسلو جولاءِ تائين مڪمل ٿي وڃي. جيڪڏهن جولاءِ تائين تعليم کاتي ۾ نوان اُستاد ڀرتي ٿي ڪري اسڪولن ۾ پهڇن ٿا ۽ سنڌ جي مجموعي طور سڀني اسڪولن ۾ استادن جي گهربل مقدار ۾ ڪنهن قدر واڌارو ٿي ٿو ته پوءِ ضرور نواڻ ايندي ۽ تعليم کاتي ۾ نتيجا اڳي کان بهتر ايندا.  ...

هي درد ڪٿائون

Image
فطرت جي مجموعي صورتحال ۽ خوبصورتي جو جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته انهي ۾ عورت جو وجود سڀني کان نمايا نظر اچي ٿو. عورت ڪائنات ۽ هن فطرت جي لقاءُ ۾ قدرت جو هڪڙو وڏو راز آهي.  هڪ اِهڙو راز جنهن ۾ وري انيڪ ٻيا راز سمايل آهن. ڇو ته عورت بذات خود پنهنجي اندر ۾ ڪائنات جيتري وسعت رکي ٿي. انهي عورت کي هن جديد دور، جنهن کي ترقي يافته دور پڻ چيو وڃي ٿو. اُنهي ۾ کيس ڪهڙيون تڪليفون، مسئلا، رڪاوٽون درپيش آهن. اُنهن مسئلن، تڪيلفين ۽ رڪاوٽن کي ڪهاڻي جو روپ ڏئي توهان اسان آڏو محترمه فرزانه چانڊيو پيش ڪيو آهي. سندس هن ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ عورت جي مظلوميت جي سُڌ پوي ٿي ۽ هن سماج طرفان ساڻس ڪيل بي واجبين، ستم ظرفين توڙي ناروا سلوڪن جا داستان پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. هي ڪتاب جديد دور ۾ مظلوميت جو اهڃاڻ آهي. هي ڪتاب صرف ڪتاب ڪونه آهي بلڪ عورتن جي درد ڪٿائن جي هڪ دستاويز آهي. جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ اندر ڪڙهڻ لڳي ٿو ۽ اِهو افسوس ٿي ٿو ته دنيا اندر خاص ڪري مردن جي سوچ روشن خيال نه ٿي سگهي آهي. جنهن سبب سڀئي ڀوڳنائون عورت کي پلئه پون ٿيون. هن ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻين جو جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته انهي ڳالھ ...

صدين جون صدائون، ٻڌن ٿيون هوائون

Image
کن پل لاءِ ڀلي توهان اکيون بند ڪري ڇڏيو، ڪنن ۾ ڪپھ وجهي ڪري انهن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو پر توهان جي ذهن ۾ ڪجھ پڙاڏا رهجي ويندا. ڪجھ دانهون هونديون جيڪي توهان کي ٻڌڻ ۾ اينديون. ڪجھ اِهڙا آواز هوندا جيڪي توهان ڪڏهن به پهريان نه ٻُڌا هوندا، اُهي آواز توهان کي بيدار ڪندا، ننڊ ڪرڻ نه ڏيندا، توهان کي هڪ جاءِ تي ويهڻ نه ڏيندا. اِهي دانهون، اِهي ڪُوڪون صدين جون صدائون آهن. جيڪي توهان جو پيڇو نه ڇڏيندا. اِنهن صدائن کي کوڙ صديون ٿيون آهن پنهنجي پناھ گاھ ڳولڻ ۾ پر افسوس ته اڄ تائين ڪنهن به اِنهن صدائن کي نه ٻڌو آهي. ڪنهن به اِنهن صدائن جي سُڏ کي ڪونه ورنايو آهي.  اِهڙي حالت هجڻ جي باوجود به هي صدائون صدين کان سفر ڪنديون اچن ٿيون. هر هڪ در تي ڪڙو کڙڪائين ٿيون پر ڪوبه کين موٽ نه ٿو ڏي. ڪو به هنن جي دانهن نه ٿو ٻڌي. سڀ ڪن لاٽار ڪيون ويٺا آهن. هنن صدائن صدين کان پنهنجي سفر کي مختلف رنگن ۽ روپن ۾ طئي ڪيو آهي، ڪڏهن ڪنهن جي جذبن ۾ هنن پنهنجو سفر ڪيو آهي ته وري ڪڏهن هنن پنهنجو سفر نيڻن کان شروع ڪري ڪنهن الهڙ جواني جي اکين ۾ پناهون ورتيون آهن.  هنن جو سفر ايترو ئي قديم ...

صدين جون صدائون، ٻڌن ٿيون هوائون

Image
کن پل لاءِ ڀلي توهان اکيون بند ڪري ڇڏيو، ڪنن ۾ ڪپھ وجهي ڪري انهن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو پر توهان جي ذهن ۾ ڪجھ پڙاڏا رهجي ويندا. ڪجھ دانهون هونديون جيڪي توهان کي ٻڌڻ ۾ اينديون. ڪجھ اِهڙا آواز هوندا جيڪي توهان ڪڏهن به پهريان نه ٻُڌا هوندا، اُهي آواز توهان کي بيدار ڪندا، ننڊ ڪرڻ نه ڏيندا، توهان کي هڪ جاءِ تي ويهڻ نه ڏيندا. اِهي دانهون، اِهي ڪُوڪون صدين جون صدائون آهن. جيڪي توهان جو پيڇو نه ڇڏيندا. اِنهن صدائن کي کوڙ صديون ٿيون آهن پنهنجي پناھ گاھ ڳولڻ ۾ پر افسوس ته اڄ تائين ڪنهن به اِنهن صدائن کي نه ٻڌو آهي. ڪنهن به اِنهن صدائن جي سُڏ کي ڪونه ورنايو آهي.  اِهڙي حالت هجڻ جي باوجود به هي صدائون صدين کان سفر ڪنديون اچن ٿيون. هر هڪ در تي ڪڙو کڙڪائين ٿيون پر ڪوبه کين موٽ نه ٿو ڏي. ڪو به هنن جي دانهن نه ٿو ٻڌي. سڀ ڪن لاٽار ڪيون ويٺا آهن. هنن صدائن صدين کان پنهنجي سفر کي مختلف رنگن ۽ روپن ۾ طئي ڪيو آهي، ڪڏهن ڪنهن جي جذبن ۾ هنن پنهنجو سفر ڪيو آهي ته وري ڪڏهن هنن پنهنجو سفر نيڻن کان شروع ڪري ڪنهن الهڙ جواني جي اکين ۾ پناهون ورتيون آهن.  هنن جو سفر ايترو ئي قدي...