Posts

سرڪاري نوڪري جي اهميت هاڻ گهٽجي رهي آهي

Image
ڪجھ سال پهريان، خاص طور تي سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل نوجوان طبقي لاءِ سڀني کان وڌيڪ اهم ڪم سرڪاري نوڪري ڳولهڻ هو. روزگار جي حاصلات ئي سندس اولين ترجيع هوندي هئي. جيتوڻيڪ وقت سان گڏ انهي حاصلات جي اهميت اڃا به ڪنهن قدر باقي آهي. تنهن هوندي به هاڻ جڏهن اسين حالات جو جائزو وٺون ٿا ته اها ڳالھ بخوبي طور تي سامهون اچي ٿي ته موجوده دور ۾ سرڪاري نوڪري جو ڪوئي ڪارج باقي بچيو ڪونهي. سواءِ مراعتن، گريڊن ۽ پينشن جي. اسان جي معاشري ۾ سرڪاري نوڪري کي ان لاءِ به اهميت ڏني وڃي ٿي ته ڇو جو ان وسيلي ماڻهو جو آئيندو محفوظ ٿئي ٿو. حالانڪ سُڌريل ملڪن ۾ سرڪاري نوڪري جي بدران پنهنجو ذاتي ڪاروبار ڪرڻ يا وري آنلائين ڪمائي ڪرڻ کي وڌيڪ ترجيع ڏني وڃي ٿي. سرڪاري نوڪري دوران صلاحيت يافته ماڻهو جون سڀئي صلاحيتون فريز ٿي وڃن ٿيون. اهو هڪ ئي مدار ۾؛ ”چاڪي جي ڏاند جيان“ ڦرندو رهي ٿو. جڏهن ته ذاتي ڪاروبار يا آنلائين ڪمائي ڪرڻ سان هڪ ته ماڻهو کي هر پل جاکوڙ ڪرڻي پئي ٿي ۽ ٻيو اهو ته انهي جاکوڙ ۾ سندس صلاحيتون اڃا وڌيڪ نکري نروار ٿين ٿيون. ڪجھ ڏينهن پهريان اکين اڳيان اها خبر گذري ته پاڪستان ۾ هن وقت پروفيشنلي طور تي يوٽيوب کي ا

ڇا ميرٽ تي ڀرتي ٿيڻ اسان جو ڏوھ آهي

Image
گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ اندر پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي ۽ هي اُها واحد سياسي جماعت آهي جنهن جا اڳواڻ هر دفعي اليڪشن مهل پنهنجي مجموعي ڪارڪردگي ٻُڌائڻ جي بجاءَ اها ڳالھ ورائي ورائي ڪندا آهن ته:”اسان ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون آهن“. حالانڪ جيڪڏهن حقيقتن جي بنياد تي ڏٺو وڃي ته جن ماڻهن کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور ۾ نوڪريون مليون آهن يا جن کي نوڪريون ڏين ٿا. اُنهن کي پنهنجي جائز مطالبات جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب جي ياترا به هي ئي حڪومت ڪرائي ٿي. سنڌ جي تعليم جي تازي صورتحال کان ته هر ڪوئي باشعور ۽ پڙهيو لکيو ماڻهو واقف آهي. تنهن جي باوجود بقول پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جي جن ماڻهن کي هي ميرٽ تي نوڪريون ڏين ٿا. اُنهن کي ائين بي يار و مددگار ڇو ٿا ڇڏي ڏين. گذريل هفتي اُستادن جي ڀرتين لاءِ سکر آيَ بِي اَي وسيلي جيڪا ٽيسٽ ورتي وئي. اُن سنڌ جي تعليمي نظام متعلق کوڙ سارن نون سوالن کي جنم ڏنو آهي. ميرٽ کي بنياد بڻائي سموري سنڌ جي نوجوانن جي لياقتن ۽ قابليتن جو ڏيوالو ڪڍڻ تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت کيرون لهي. هن ٽيسٽ کانپوءِ جيڪي انگ اکر سامهون آيا آهن. اُهي نه ئي ڪنهن مع

ڪتاب:”ميراث ميرواھ“ جو تنقيدي جائزو

Image
ٺري ميرواھ تعلقي جو شمار، ضلعي خيرپور ميرس جي اهم تعلقن ۾ ٿئي ٿو. هن تعلقي جا ماڻهوءَ فنون لطيفه کان وٺي زندگي جي هر هڪ شعبي ۾ هميشه اڳڀرا رهيا آهن. علم ۽ ادب جي حوالي سان به هتان جي ماڻهن ۾ ساڃاھ ٻين علائقن جي ماڻهن کان سرس آهي. تازو ئي اُستاد عبدالخالق شر صاحب جو ڪتاب”ميراث ميرواھ“ ڇپجي ڪري پڌرو ٿيو آهي. هي ڪتاب تاريخي حوالي سان وڏي اهميت جو حامل آهي ڇو ته هن ڪتاب ۾ سرسري طور ميرواھ تعلقي جي تاريخ تي روشني وڌي وئي آهي. ڪنهن به علائقي توڙي ماڻهوءَ جي سياسي ۽ سماجي جدوجهد/تاريخ کي واقعي به واقعي قلمبند ڪرڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي. تاريخ هڪ اهڙو ته نازڪ موضوع آهي جيڪو لکندڙ کي هڪ نقطي جي ڦير گير سان لفظ ”محرم“ مان ”مجرم“ بڻائي ڇڏيندو آهي. جيئن ته اُستاد عبدالخالق شر صاحب پنهنجي زندگي جو گهڻو عرصو تعليم کاتي سان وابستگي ۾ گذرايو آهي. تنهن ڪري هر هڪ شعبي جي ماڻهن سان سندس سُٺا تعلقات رهيا آهن. پاڻ نه صرف هڪ سُٺا اُستاد ٿي رهيا آهن بلڪ سندس شخصيت ۾ انتظامي حوالي سان به کوڙ ساريون خوبيون موجود آهن. مون هي ڪتاب ڪجھ ڏينهن پهريان لغاري بڪ اسٽور تان خريد ڪيو آهي. مون کي جيئن ئي هن ڪتاب جي اشاعت جي خبر پ

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

Image
سنڌي ادب جي دنيا هڪ وڏي ۽ وسيع دنيا آهي. جنهن ۾ کوڙ سارا اهڙا نالا آهن جن پنهنجي ڏات سان نه صرف نڀايو آهي پر اُنهن جي شعر و شاعريءَ توڙي نثر ماڻهن ۾ سجاڳي آندي آهي. ها ايترو ضرور آهي ته ڪن ٿورن کي ئي مڃتا جيئري ملي آهي، گهڻن تخليقڪارن  کي ته مرڻ پُڄاڻان وڏي شان ۽ مان سان ياد ڪيو ويو آهي. اِنهي گهڻائي وري عمل جي ڪري ئي اسان اڪثر اهو ٻُڌندا ايندا آهيون ته: ”اسان مرده پرست قوم آهيون“. اسان ڪنهن به ڏات ڌڻي کي سندس حياتي ۾ اُها مڃتا ۽ مان، شان توڙي اهميت نه ٿا ڏيون جيڪو اهو حق لهي ٿو. انهي روايت پسندي کي ٽوڙيندي اسان جي نوجوان ليکڪ، شاعر ۽ ناولنگار اصغر شر، سنڌ جي ڀلوڙ ۽ ناليواري شاعر آسي زميني کي سندس ادبي خدمتن جي عيوض جيئري ئي مڃتا ڏيڻ لاءِ سندس فن، فڪر ۽ شخصيت تي ڪتاب ترتيب ڏنو آهي. جنهن جو نالو آهي:”نِوڙت سڀ نماز“، هي ڪتاب تازو ئي ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ڪيو ويو آهي. ڪنهن شاعر چيو آهي ته:”شاعري آه، ڊائري شاعر جي، هُو آتم ڪٿا لکي نه لکي“، هن شعر کي جڏهن اسان سامهون رکي ڪري ڪنهن به شاعر جي زندگي جو جائزو وٺون ٿا ته هوند ائين ٿو لڳي ڄڻ واقعي شاعرن جي شاعريءَ ئي اُنهن جي آتم ڪٿا

ڪوتا تار تي ويٺل پنڇي جو اڀياس

Image
چون ٿا ته نثري نظم جي شروعات فرينچ شاعريءَ کان ٿي. بودليئر (Baudelaire) پنهنجي مجموعي ”نثر ۾ ننڍا نظم“ (Petit poems en prose) سان ان جي ابتدا ڪئي. ان ۾ شاعريءَ جو عنصر ضروري آهي. ان ۾ وزن، بحر ۽ رديف قافيي کان سواءِ نظم جون سموريون خاصيتون موجود هجڻ گهرجن. ڪٿي ڪٿي ته قافيي جو استعمال به سٽن جي وچ ۾ يا آخر ۾ ٿئي ٿو ۽ ان ۾ موسيقيت جو احساس پيدا ڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن (Assonance) جي ذريعي نغمگي پيدا ڪئي وڃي ٿي. هر حالت ۾ نثري نظم ۾ اندروني آهنگ ضروري آهي. (Surrealist) اهڃاڻي ۽ (Automatic) خودمختيار لکڻيون نثري نظم جون اهم صورتون آهن. انگريزي شاعريءَ مان هيءَ صنف، انگريزن جي دَور ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ٿي ۽ مقبوليت حاصل ڪئي. سنڌي ۾ لعلچند امر ڏني جو ’سدا گلاب‘، ڪلا پرڪاش جو ’ممتاز لهرون‘، مدد علي سنڌيءَ جو ’پنر ملن‘، نور الهديٰ شاهه جو ’قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چند‘، شيخ اياز جو ’پنڻ ٿو پور ڪري‘ ۽ ٻيا ڪيترائي مجموعا شايع ٿيل آهن. نثري نظم متعلق اسان کي هي مٿين معلومات/هن جهڙي يا هن سان ملندڙ جلندڙ معلومات سنڌي لغتن مان ملي ٿي. ان سان گڏوگڏ نثري نظم جي اهم خاصيتن مان جيڪا اهم خاصيت ذهن ۾ رکي ويندي آ

ڪتاب: ”سڙيا مٿي سچ “ جو فڪري اڀياس

Image
هي ڪتاب جيئن ئي منهنجي مطالعي جي ميز تي پهتو ته مون هن ڪتاب ۾ موجود مضمونن جي فهرست مان:”ڪتاب نه پڙهڻ جا مختلف بهانا“ نالي مضمون سڀني کان پهريان پڙهيو. ڪتاب نه پڙهڻ وارن جا بهانا به عجيب هوندا آهن ۽ وري اتي ئي ڪتاب پڙهڻ وارن جون ڳالهيون ڏاڍيون خوبصورت هونديون آهن. هن ڪتاب جي ليکڪ جون ڳالهيون به پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جو ڏانءُ رکن ٿيون. هي ڪتاب:”سڙيا مٿي سچ“ نوجوان ليکڪ ۽ اُستاد سرمد کوسي جو ٻيو ڪتاب آهي، جيڪو تازو ئي مرڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان ڇپجي ڪري پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتو آهي. هن ڪتاب کان پهريان هن نوجوان ليکڪ ۽ اُستاد جو تعليم جي موضوع تي بعنوان:”تني کي تعليم جي“ ڪتاب، پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي طرفان ڇپجي ڪري پڙهندڙن وٽ پذيرائي حاصل ڪري چڪو آهي. سرمد کوسي جو شمار سنڌ جي اُنهن سڄاڻ فردن ۾ ٿئي ٿو جيڪي هڪ پل لاءِ به پاڻ کي پڙهڻ ۽ لکڻ کان پري نه ٿا ڪري سگهن. مون کي ياد ٿو پئي ته ڪجھ سال پهريان ۲۰۱۹ ۾ جڏهن پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي وارن تعليم جهڙي اهم موضوع تي ”تني کي تعليم جي“ ڪتاب شايع ڪيو، ته اُن ڪتاب کي پڙهندي مون کي به ڪتاب لکڻ جو شوق پيدا ٿيو هو. جيئن ته آئون پاڻ تعليم کاتي سان لاڳاپيل هيس. ان ڪري بنا

الائي ته ڪنهن پٽيا آهن پر هن پکي جا

Image
هُو جنهن مهل ننڍڙو هو، تنهن وقت ڏاڍو لڄارو هو، گهٽ ڳالهائيندو هو، ماڻهن سان ملڻ جلڻ توڙي پنهنجي هم عمر ٻارن سان گهمڻ ڦرڻ کي ترجيع ڪونه ڏيندو هو. اسڪول ويندو هو ته سندس هم ڪلاسي اِنهي آسري ۾ هوندا هئا ته ڪنهن وقت ٿو هي ”سٻاجهڙو ٻار“ ڳالهائي؟ ته جيئن سندس آواز ٻُڌي سگهون، سندس اندر جي آڌ مانڌ کي سمجهي سگهون. خاموشي ته ڄڻ ساڻس گڏ پيدا ٿي هئي. سندس سُرمئي اکيون سفيد خواب ڏسنديون هيون. سندس اکين مان لڙڪ ڪونه ڪرندا هيا، سندس اکيون هميشه ڏوراپن سان ڀريل هونديون هيون. هُو جو اندر ئي اندر ۾ پنهنجي پاڻ سان وڙهندڙ هو، سندس قميص جو اڳيون کيسو پنن سان ڀريل هوندو هو، گهر کان نڪرندي جڏهن اسڪول ويندو هو ته واٽ تي پيل هر هڪ ڪاغذ جي ٽڪري کي کڻي اُنهن ۾ مقدس نالا ڳولهيندو هو، اها سندس ڪرت هئي، جنهن ڪاغذن ۽ لفظن سان سندس شناسائي ڪرائي ۽ جڏهن ڪنهن ڪاغذ يا اخباري ٽڪري تي کيس ڪنهن مقدس نالي منجهان ڪو نالو نظر ايندو هو ته، هُو اُن ڪاغذ کي ساري سنڀالي پنهنجي قميص جي اڳين کيسي ۾ انهي اميد سان رکندو هو ته شام جو ميرواھ جي وهندڙ پاڻي ۾ اُن ڪاغذ کي لوڙهي ڇڏيندو، پر زندگي ساڻس اهڙا کوڙ سارا اتفاق ڪندي رهي جو کيس وق