ڌرتي جي شاعر جي شاعري جو جائزو
شاعري هر ڏينهن مون آڏو نئي نويلي ڪنوار وانگر تيار ٿي ڪري سامهون اچي ٿي ۽ آئون سندس حُسانڪي کي ڏسي ڪري حيران کان حيران ڪُن حد تائين پهچي ٿو وڃان. اِيڏي ڇَڪ، ايڏي پنهنجائپ ته مون پنهنجي تخليقن ۾ به ڪونه ڏٺي هئي ۽ نه ئي مون ڪڏهن شاعري کي ايترو سمجهيو هو. شاعري ته پڙاڏو ٿي ڪري مون آڏو پنهنجا سُڏ ورنائڻ جي ڪوشش ڪري پئي ۽ آئون ڪنهن بي زبان جانور جيان کيس تعجب وارن نظرن سان ئي ڏسندو رهان ٿو. منهنجو ذاتي مزاج ايڏو ته اڀاڳو رهيو آهي جو مون هميشه شاعري کي پاڻ کان ڌِڪي پري ڪيو آهي پر وري به شاعري مون وٽ وقت جي تقاضائن سان حاضريون ڀريندي رهي آهي. شاعري اِها ڪوشش ڪندي رهي آهي ته آئون سندس اهميت کي سمجهان، آئون سندس افاديت جو اندازو لڳائي سگهان. آئون سندس اکين ۾ اکيون نهار ڪري ڪي گهڙيون ساڻس ڪچهريون ڪريان. شاعري ائين ئي ٻين جي هٿن سان لکجي ڪري مون وٽ مهمان ٿي ڪري ايندي رهي آهي. آخرڪار مون کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. صدين جي وڇوٽن کي ختم ڪري مون کيس ڳل ڳراٺيون پاتيون ۽ سندس نراڻ تي هڪ چُمي ڏني. ڪجھ ڏينهن پهريان آئون محراب پور شهر، نوجوان شاعر شڪيل احمد سان ملڻ ويس. ساڻس ملا...