سونهن، خوشبو، عشق (ڪهاڻيون) تي هڪ نظر

سونهن، خوشبو، عشق (ڪهاڻيون) تي هڪ نظر ليکڪ: سليم چنا مجموعي طور سڀئي ليکڪ، دانشور توڙي اديب حساس طبعيت جا مالڪ هوندا آهن. سندن اندر جي احساس پڻي جي سبب ئي هو لکڻ واري ڪرت سان ڳنڍجي ويندا آهن. هن معاشري جي اندر برپاءَ ٿيندڙ هر هڪ واقعي کي هو پنهنجي نظر سان ڏسندا آهن سندن مطالعي ۽ مشاهدي جو پنهنجو الڳ رنگ ۽ ڍنگ هوندو آهي. ڪڏهن محبوب جي تعريف ۾ ڪورا ڪاغذ ڀريندا آهن ته وري ڪڏهن هن ديس جي دردن ۽ درمانن وسيلي پنهنجي جنگ جوٽيندا آهن. اهڙي ريت پنهنجي قلم وسيلي هن سماج سان مهاڏو اٽڪائيندڙ هڪ يگانو، درويش صفت ڪهاڻيڪار سليم چنا پڻ پاڻ کي ياد پئي ٿو. جنهن جو تازو آيل ڪهاڻين جو ڪتاب ” سُونهن، خوشبو، عشق “ پڌرو ٿي چڪو آهي. سُونهن خوشبو عشق ۾ اُنهن عنوانن تي ڪهاڻيون لکيل آهن جن تي اڄڪلھ جو روشن خيال فرد يا ته سوچي نه ٿو يا وري کيس انهن معاملن تي سوچڻ جيتري فرصت ناهي. معاشري جو هر هڪ اُهو پهلو جنهن کي عام ماڻهو عام ڳالھ سمجهي ڪري درگذر ڪن ٿا سليم چنا انهن پهلوئن تي پنهنجي قلم وسيلي ڪهاڻيون لکي ڪري انهن کي اُجاگر ڪري ٿو ۽ پ...