Posts

سرڪاري نوڪري جي اهميت هاڻ گهٽجي رهي آهي

Image
ڪجھ سال پهريان، خاص طور تي سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل نوجوان طبقي لاءِ سڀني کان وڌيڪ اهم ڪم سرڪاري نوڪري ڳولهڻ هو. روزگار جي حاصلات ئي سندس اولين ترجيع هوندي هئي. جيتوڻيڪ وقت سان گڏ انهي حاصلات جي اهميت اڃا به ڪنهن قدر باقي آهي. تنهن هوندي به هاڻ جڏهن اسين حالات جو جائزو وٺون ٿا ته اها ڳالھ بخوبي طور تي سامهون اچي ٿي ته موجوده دور ۾ سرڪاري نوڪري جو ڪوئي ڪارج باقي بچيو ڪونهي. سواءِ مراعتن، گريڊن ۽ پينشن جي. اسان جي معاشري ۾ سرڪاري نوڪري کي ان لاءِ به اهميت ڏني وڃي ٿي ته ڇو جو ان وسيلي ماڻهو جو آئيندو محفوظ ٿئي ٿو. حالانڪ سُڌريل ملڪن ۾ سرڪاري نوڪري جي بدران پنهنجو ذاتي ڪاروبار ڪرڻ يا وري آنلائين ڪمائي ڪرڻ کي وڌيڪ ترجيع ڏني وڃي ٿي. سرڪاري نوڪري دوران صلاحيت يافته ماڻهو جون سڀئي صلاحيتون فريز ٿي وڃن ٿيون. اهو هڪ ئي مدار ۾؛ ”چاڪي جي ڏاند جيان“ ڦرندو رهي ٿو. جڏهن ته ذاتي ڪاروبار يا آنلائين ڪمائي ڪرڻ سان هڪ ته ماڻهو کي هر پل جاکوڙ ڪرڻي پئي ٿي ۽ ٻيو اهو ته انهي جاکوڙ ۾ سندس صلاحيتون اڃا وڌيڪ نکري نروار ٿين ٿيون. ڪجھ ڏينهن پهريان اکين اڳيان اها خبر گذري ته پاڪستان ۾ هن وقت پروفيشنلي طور تي يوٽيوب کي ا...

ڇا ميرٽ تي ڀرتي ٿيڻ اسان جو ڏوھ آهي

Image
گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ اندر پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي ۽ هي اُها واحد سياسي جماعت آهي جنهن جا اڳواڻ هر دفعي اليڪشن مهل پنهنجي مجموعي ڪارڪردگي ٻُڌائڻ جي بجاءَ اها ڳالھ ورائي ورائي ڪندا آهن ته:”اسان ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون آهن“. حالانڪ جيڪڏهن حقيقتن جي بنياد تي ڏٺو وڃي ته جن ماڻهن کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور ۾ نوڪريون مليون آهن يا جن کي نوڪريون ڏين ٿا. اُنهن کي پنهنجي جائز مطالبات جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب جي ياترا به هي ئي حڪومت ڪرائي ٿي. سنڌ جي تعليم جي تازي صورتحال کان ته هر ڪوئي باشعور ۽ پڙهيو لکيو ماڻهو واقف آهي. تنهن جي باوجود بقول پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جي جن ماڻهن کي هي ميرٽ تي نوڪريون ڏين ٿا. اُنهن کي ائين بي يار و مددگار ڇو ٿا ڇڏي ڏين. گذريل هفتي اُستادن جي ڀرتين لاءِ سکر آيَ بِي اَي وسيلي جيڪا ٽيسٽ ورتي وئي. اُن سنڌ جي تعليمي نظام متعلق کوڙ سارن نون سوالن کي جنم ڏنو آهي. ميرٽ کي بنياد بڻائي سموري سنڌ جي نوجوانن جي لياقتن ۽ قابليتن جو ڏيوالو ڪڍڻ تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت کيرون لهي. هن ٽيسٽ کانپوءِ جيڪي انگ اکر سامهون آيا آهن. اُهي نه ئي ڪنهن مع...

ڪتاب:”ميراث ميرواھ“ جو تنقيدي جائزو

Image
ٺري ميرواھ تعلقي جو شمار، ضلعي خيرپور ميرس جي اهم تعلقن ۾ ٿئي ٿو. هن تعلقي جا ماڻهوءَ فنون لطيفه کان وٺي زندگي جي هر هڪ شعبي ۾ هميشه اڳڀرا رهيا آهن. علم ۽ ادب جي حوالي سان به هتان جي ماڻهن ۾ ساڃاھ ٻين علائقن جي ماڻهن کان سرس آهي. تازو ئي اُستاد عبدالخالق شر صاحب جو ڪتاب”ميراث ميرواھ“ ڇپجي ڪري پڌرو ٿيو آهي. هي ڪتاب تاريخي حوالي سان وڏي اهميت جو حامل آهي ڇو ته هن ڪتاب ۾ سرسري طور ميرواھ تعلقي جي تاريخ تي روشني وڌي وئي آهي. ڪنهن به علائقي توڙي ماڻهوءَ جي سياسي ۽ سماجي جدوجهد/تاريخ کي واقعي به واقعي قلمبند ڪرڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي. تاريخ هڪ اهڙو ته نازڪ موضوع آهي جيڪو لکندڙ کي هڪ نقطي جي ڦير گير سان لفظ ”محرم“ مان ”مجرم“ بڻائي ڇڏيندو آهي. جيئن ته اُستاد عبدالخالق شر صاحب پنهنجي زندگي جو گهڻو عرصو تعليم کاتي سان وابستگي ۾ گذرايو آهي. تنهن ڪري هر هڪ شعبي جي ماڻهن سان سندس سُٺا تعلقات رهيا آهن. پاڻ نه صرف هڪ سُٺا اُستاد ٿي رهيا آهن بلڪ سندس شخصيت ۾ انتظامي حوالي سان به کوڙ ساريون خوبيون موجود آهن. مون هي ڪتاب ڪجھ ڏينهن پهريان لغاري بڪ اسٽور تان خريد ڪيو آهي. مون کي جيئن ئي هن ڪتاب جي اشاعت جي خبر پ...

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

Image
سنڌي ادب جي دنيا هڪ وڏي ۽ وسيع دنيا آهي. جنهن ۾ کوڙ سارا اهڙا نالا آهن جن پنهنجي ڏات سان نه صرف نڀايو آهي پر اُنهن جي شعر و شاعريءَ توڙي نثر ماڻهن ۾ سجاڳي آندي آهي. ها ايترو ضرور آهي ته ڪن ٿورن کي ئي مڃتا جيئري ملي آهي، گهڻن تخليقڪارن  کي ته مرڻ پُڄاڻان وڏي شان ۽ مان سان ياد ڪيو ويو آهي. اِنهي گهڻائي وري عمل جي ڪري ئي اسان اڪثر اهو ٻُڌندا ايندا آهيون ته: ”اسان مرده پرست قوم آهيون“. اسان ڪنهن به ڏات ڌڻي کي سندس حياتي ۾ اُها مڃتا ۽ مان، شان توڙي اهميت نه ٿا ڏيون جيڪو اهو حق لهي ٿو. انهي روايت پسندي کي ٽوڙيندي اسان جي نوجوان ليکڪ، شاعر ۽ ناولنگار اصغر شر، سنڌ جي ڀلوڙ ۽ ناليواري شاعر آسي زميني کي سندس ادبي خدمتن جي عيوض جيئري ئي مڃتا ڏيڻ لاءِ سندس فن، فڪر ۽ شخصيت تي ڪتاب ترتيب ڏنو آهي. جنهن جو نالو آهي:”نِوڙت سڀ نماز“، هي ڪتاب تازو ئي ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ڪيو ويو آهي. ڪنهن شاعر چيو آهي ته:”شاعري آه، ڊائري شاعر جي، هُو آتم ڪٿا لکي نه لکي“، هن شعر کي جڏهن اسان سامهون رکي ڪري ڪنهن به شاعر جي زندگي جو جائزو وٺون ٿا ته هوند ائين ٿو لڳي ڄڻ واقعي شاعرن جي شاعريءَ ئي اُنهن جي آتم...

ڪوتا تار تي ويٺل پنڇي جو اڀياس

Image
چون ٿا ته نثري نظم جي شروعات فرينچ شاعريءَ کان ٿي. بودليئر (Baudelaire) پنهنجي مجموعي ”نثر ۾ ننڍا نظم“ (Petit poems en prose) سان ان جي ابتدا ڪئي. ان ۾ شاعريءَ جو عنصر ضروري آهي. ان ۾ وزن، بحر ۽ رديف قافيي کان سواءِ نظم جون سموريون خاصيتون موجود هجڻ گهرجن. ڪٿي ڪٿي ته قافيي جو استعمال به سٽن جي وچ ۾ يا آخر ۾ ٿئي ٿو ۽ ان ۾ موسيقيت جو احساس پيدا ڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن (Assonance) جي ذريعي نغمگي پيدا ڪئي وڃي ٿي. هر حالت ۾ نثري نظم ۾ اندروني آهنگ ضروري آهي. (Surrealist) اهڃاڻي ۽ (Automatic) خودمختيار لکڻيون نثري نظم جون اهم صورتون آهن. انگريزي شاعريءَ مان هيءَ صنف، انگريزن جي دَور ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ٿي ۽ مقبوليت حاصل ڪئي. سنڌي ۾ لعلچند امر ڏني جو ’سدا گلاب‘، ڪلا پرڪاش جو ’ممتاز لهرون‘، مدد علي سنڌيءَ جو ’پنر ملن‘، نور الهديٰ شاهه جو ’قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چند‘، شيخ اياز جو ’پنڻ ٿو پور ڪري‘ ۽ ٻيا ڪيترائي مجموعا شايع ٿيل آهن. نثري نظم متعلق اسان کي هي مٿين معلومات/هن جهڙي يا هن سان ملندڙ جلندڙ معلومات سنڌي لغتن مان ملي ٿي. ان سان گڏوگڏ نثري نظم جي اهم خاصيتن مان جيڪا اهم خاصيت ذهن ۾ رکي ويندي آ...

ڪتاب: ”سڙيا مٿي سچ “ جو فڪري اڀياس

Image
هي ڪتاب جيئن ئي منهنجي مطالعي جي ميز تي پهتو ته مون هن ڪتاب ۾ موجود مضمونن جي فهرست مان:”ڪتاب نه پڙهڻ جا مختلف بهانا“ نالي مضمون سڀني کان پهريان پڙهيو. ڪتاب نه پڙهڻ وارن جا بهانا به عجيب هوندا آهن ۽ وري اتي ئي ڪتاب پڙهڻ وارن جون ڳالهيون ڏاڍيون خوبصورت هونديون آهن. هن ڪتاب جي ليکڪ جون ڳالهيون به پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جو ڏانءُ رکن ٿيون. هي ڪتاب:”سڙيا مٿي سچ“ نوجوان ليکڪ ۽ اُستاد سرمد کوسي جو ٻيو ڪتاب آهي، جيڪو تازو ئي مرڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان ڇپجي ڪري پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتو آهي. هن ڪتاب کان پهريان هن نوجوان ليکڪ ۽ اُستاد جو تعليم جي موضوع تي بعنوان:”تني کي تعليم جي“ ڪتاب، پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي طرفان ڇپجي ڪري پڙهندڙن وٽ پذيرائي حاصل ڪري چڪو آهي. سرمد کوسي جو شمار سنڌ جي اُنهن سڄاڻ فردن ۾ ٿئي ٿو جيڪي هڪ پل لاءِ به پاڻ کي پڙهڻ ۽ لکڻ کان پري نه ٿا ڪري سگهن. مون کي ياد ٿو پئي ته ڪجھ سال پهريان ۲۰۱۹ ۾ جڏهن پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي وارن تعليم جهڙي اهم موضوع تي ”تني کي تعليم جي“ ڪتاب شايع ڪيو، ته اُن ڪتاب کي پڙهندي مون کي به ڪتاب لکڻ جو شوق پيدا ٿيو هو. جيئن ته آئون پاڻ تعليم کاتي سان لاڳاپيل هيس. ان ڪري بنا ...

الائي ته ڪنهن پٽيا آهن پر هن پکي جا

Image
هُو جنهن مهل ننڍڙو هو، تنهن وقت ڏاڍو لڄارو هو، گهٽ ڳالهائيندو هو، ماڻهن سان ملڻ جلڻ توڙي پنهنجي هم عمر ٻارن سان گهمڻ ڦرڻ کي ترجيع ڪونه ڏيندو هو. اسڪول ويندو هو ته سندس هم ڪلاسي اِنهي آسري ۾ هوندا هئا ته ڪنهن وقت ٿو هي ”سٻاجهڙو ٻار“ ڳالهائي؟ ته جيئن سندس آواز ٻُڌي سگهون، سندس اندر جي آڌ مانڌ کي سمجهي سگهون. خاموشي ته ڄڻ ساڻس گڏ پيدا ٿي هئي. سندس سُرمئي اکيون سفيد خواب ڏسنديون هيون. سندس اکين مان لڙڪ ڪونه ڪرندا هيا، سندس اکيون هميشه ڏوراپن سان ڀريل هونديون هيون. هُو جو اندر ئي اندر ۾ پنهنجي پاڻ سان وڙهندڙ هو، سندس قميص جو اڳيون کيسو پنن سان ڀريل هوندو هو، گهر کان نڪرندي جڏهن اسڪول ويندو هو ته واٽ تي پيل هر هڪ ڪاغذ جي ٽڪري کي کڻي اُنهن ۾ مقدس نالا ڳولهيندو هو، اها سندس ڪرت هئي، جنهن ڪاغذن ۽ لفظن سان سندس شناسائي ڪرائي ۽ جڏهن ڪنهن ڪاغذ يا اخباري ٽڪري تي کيس ڪنهن مقدس نالي منجهان ڪو نالو نظر ايندو هو ته، هُو اُن ڪاغذ کي ساري سنڀالي پنهنجي قميص جي اڳين کيسي ۾ انهي اميد سان رکندو هو ته شام جو ميرواھ جي وهندڙ پاڻي ۾ اُن ڪاغذ کي لوڙهي ڇڏيندو، پر زندگي ساڻس اهڙا کوڙ سارا اتفاق ڪندي رهي جو کيس وق...

مهاڳ يا منهنجي ڪهاڻي؟

Image
انسان سان گڏ هن ڌرتي تي ٻيون به ڪافي شيون واڌ ويجھ ڪن ٿيون. انهن شين ۾ انساني خواهشون هجن، انساني خواب هجن يا وري انساني ڏک توڙي سور هجن، هي سڀ جا سڀ انسان سان گڏ سندس عمر ۾ ساٿ نڀائيندي وڌڻ شروع ٿين ٿا. عمر جي تقاضا مطابق خواهشون به وڌڻ لڳنديون آهن، عمر جي تقاضا مطابق خواب به پنهنجو دائرو وسيع ڪندا آهن ته وري اُتي ئي انساني زندگي ۾ درپيش ڏک، درد ۽ پيڙاهه به وقت جي مناسبت سان وڌي وڻ ٿيندا آهن. اِهڙي صورتحال سان مقابلو يقينن هر ماڻهو نه ڪري سگهندو آهي. جن وٽ حوصلو، جذبو ۽ مستقل مزاجي واري واٽ هوندي آهي، سي سيبتا انسان زندگي جي مختلف لاهن ۽ چاڙهن مان اُڪري ڪري پار پهچندا آهن ۽ اِنهي جي اُبتڙ وري جن وٽ ڪنهن به ننڍي معاملي يا مونجهاري تي مايوسي حاوي ٿي ويندي آهي ۽ اُهي سُسُت ٿي پوندا آهن ته تڏهن اُنهن کي ائين لڳندو آهي ته ڄڻ زندگي مايوسي جي ڪُن ۾ ڦاسي پئي آهي. هاڻ اِها مايوسي يا نراسائي ايڏو وڏو معاملو ڪونه آهي جيترو انساني ذهن يا هڪ عام ماڻهو انهي کي سمجهندو آهي ۽ ان کان خوف کائيندو آهي. انسان جذبن جي وهڪرن ۾ ته هميشه وهي ئي وهي ٿو. ڪڏهن خوشي آهي ته وري ڪڏهن غم به آهي. هي ٻئي ڪيفيتون ...

نوجوانن جي هن طرح رهنمائي ڪرڻ گهرجي _ثاقب بلوچ

Image
هن وقت سنڌي ادب جي وشال آڪاش تي اُڀ تي تارن جيان ٽمڪندڙ کوڙ سارا نوجوان ليکڪ آهن جيڪي نه صرف سُٺو لکي رهيا آهن پر سُٺو ۽ معياري ادب پڙهي به رهيا آهن. جديد دنيا جي تقاضائن کي سامهون رکندي اُهي پنهنجي قلم سان علم جي جوت جلائي رهيا آهن. اهڙن ئي جاکوڙي نوجوانن ۾ هن ڪتاب جي ليکڪ کي به شمار ڪري سگهجي ٿو. يوسف جميل لغاري سنڌ جو اُهو ڀاڳوند نوجوان ليکڪ آهي جنهن جي حصي ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ آيو آهي. مصروفيتن جي هن جهان ۾ هوندي به هي نوجوان مسلسل لکي ۽ پڙهي رهيو آهي جيڪا خوش آئينده ڳالھ آهي. تازو ئي مرڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان سندس ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڪاغذي ڳالهيون ڇاپي ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب پنجن حصن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ اُهي ڪالم ۽ مضمون شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ سنڌي رسالن ۾ ڇپيا آهن. ڪتاب جي پهرين حصي ۾ ڪُل ۱۵ ڪالم شامل ڪيا ويا آهن. جيڪي ڪُل وقتي موضوعن تي لکيل آهن ۽ اُنهن ۾ سنڌ، سنڌ جي نوجوانن جي مستقبل ۽ سنڌ ڌرتي جي آئيندي لاءِ سنهرن خوابن جو تذڪرو ڪيل آهي. اِنهي سان گڏوگڏ حصي ٻئي ۾ ست اصلاحي مضمون آهن. جنهن ۾ نوڪري واري ٽيسٽ ڪيئن ڏجي؟ نوڪري لاءِ انٽرويو ڪيئن ڏجي؟ تق...

ڪاغذي ڳالهيون _ ذاڪر لغاري

Image
   اجهو هاڻ جڏهن ڪڻڪ جي سنگن مان داڻا ڳاهجي رهيا آهن، جهنگ ۾ بيٺل اڪيلي ڪِرڙ جي وڻ پنهنجا ڪچا ڏينَا ڏيڻ شروع ڪيا آهن، بهارن جو هُڳاءُ هر طرف مهڪارون بڻجي رهيو آهي، هيلوڪي اپريل مهيني جون راتيون ٿڌڙي پَهر وانگي جڏهن ته ڏينهن تيز اُس ۾ لوءُ کي لامارا هڻائڻ واري چغلي تي لڳائي چڪا هجن ۽ نمن جو بُگو ٻور ٻرانگهو ڏئي چوماسيت طرف ڌُوڙڻ لڳو هجي، جڏهن ته سنڌ جي ميهڙ مان مهندي ڦٽڻ جا سانڀاه ڪري رهي هجي ۽ ڪوئل انب جي ڏار تي پهچڻ لاءِ وچ رستي تي ڪنهن املتاس جي وڻ تي ساهي پٽي سرد شوڪارو ڀري رهي هجي ته اهڙي عالم ۾ هڪ ٻانهن ڀڳل ڇوڪرو مون تائين پوسٽ آفيس مان سنهيو کڻي اچي پهتو آهي، جنهن جي هٿ ۾ هڪ پارسل آهي، جنهن کي کولڻ سان منهنجي اندر ۾ هڪ اهڙي ڪيفيت سمائجي چڪي آهي، انهي جي خاڪي خوشبو جو واس ڪيئي ڏهاڪن تائين منهنجي پستائي ميموري ۾ مهڪ بڻجي سمائجي چڪو آهي. مون ڳالهه پئي ڪئي ”ڪاغذي ڳالهيون“ بابت جنهن جو تخليقڪار هڪ اهڙو معصوم “ڇوڪرڙو“ آهي جنهن پنهنجي ننڍڙي عمر ۾ وڏن لکندڙن کي مات ڏئي ادب جي دنيا ۾ ٻرانگهو ڏئي ڪيئي ڪتاب تخليق ڪندي گوءِ کڻي ويو آهي، آئون ڀائيان ٿو ته هُو شهرت جو طلبگار ناهي ۽ نه...

ڪاغذن تي جلوه افروز ٿيندڙ ڪاغذي ڳالهيون

Image
الحمدالله ڪالھ منهنجو ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”ڪاغذي ڳالهيون!“ مرڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان پياري ڀاءُ مرتضيٰ لغاري جي ٿورن سان ڇپجي ڪري پڌرو ٿي چڪو آهي. هي ڪتاب پنجن حصن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ اُهي ڪالم ۽ مضمون شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي سنڌ جي مختلف اخبارن جهڙوڪ روزاني ڪوشش حيدرآباد، عوامي آواز بلاگ، روزاني اڳواڻ حيدرآباد، روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، روزاني آجيان شڪارپور، روزاني امڪان حيدرآباد ۽ سنڌي رسالن جهڙوڪ ماهوار ٽين اک ڪراچي، ماهوار احساس مئگزين حيدرآباد، ماهوار انڊلٺ مئگزين لاڙڪاڻو، عوامي آواز سنڊي مئگزين ۽ ڪاوش دنيا سنڊي مئگزين ۾ ڇپيا آهن. ڪتاب جي پهرين حصي ۾ ڪُل ۱۵ ڪالم شامل ڪيا ويا آهن. جيڪي ڪُل وقتي موضوعن تي لکيل آهن ۽ اُنهن ۾ سنڌ، سنڌ جي نوجوانن جي مستقبل ۽ سنڌ ڌرتي جي آئيندي لاءِ سنهرن خوابن جو تذڪرو ڪيل آهي. اِنهي سان گڏوگڏ حصي ٻئي ۾ ست اصلاحي مضمون آهن. جنهن ۾ نوڪري واري ٽيسٽ ڪيئن ڏجي؟ نوڪري لاءِ انٽرويو ڪيئن ڏجي؟ تقرير جا بنيادي اصول ڪهڙا آهن؟ اِنهي نموني جا ڪارائتا مضمون شامل ڪيا ويا آهن. حصي ٽين ۾ سنڌي ادب جي مخلتف اهم ڪتابن تي لکيل ارڙھ کن مضمون/تبصرا شامل آهن. جن ڪتاب...
Image
  محمد سليمان وساڻ نالو ئي جاکوڙ جو آهي ڪجھ سال پهرين جي ڳالھ آهي. جڏهن مون لکڻ نئون نئون سکيو هو. سوشل ميڊيا تي ڪجھ نه لکڻ کانسواءِ آرام ئي ڪونه ايندو هو. هڪ ڏينهن گوگل سرچ انجن تي ڪجھ تلاش ڪندي سنڌ سلامت ويبسائٽ تي نگاھ پئجي وئي. سرسري طور اُتي موجود مواد تي نگاھ ڪيم ته کوڙ سارو مواد دلچسپ لڳو ۽ آئون پڙهندو ويس. انهي طريقي سان سنڌ سلامت ويب سائيٽ ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر سان منھنجي واقفيت ٿي. قصو اتي ختم نه ٿيو. سنڌ سلامت ۾ لکندڙ ٻين ليکڪن جيان مون به اُن ۾ پنهنجو اڪائونٽ ٺاهيو ۽ ٻين به کوڙ سارن دوستن کي اها تجويز ڏنم ته پنهنجي لکڻين کي مستقل جي بنيادن تي محفوظ ڪرڻ لاءِ سنڌ سلامت تي اچو، اُتي پنهنجو اڪائونٽ ٺاهي ڪري اُتي پنهنجا مضمون، ڪالم ۽ ٻيون مواد رکو. سنڌ سلامت تي مواد رکڻ جو اهو فائدو ٿئي ٿو ته جڏهن به اُن موضوع جي مناسبت سان سموري دنيا مان ڪو به ماڻهوءَ مواد ڳولهڻ چاهيندو ته اُن ۾ اوهان طرفان سنڌ سلامت تي رکيل مواد جو لنڪ موضوع سان لاڳاپيل هجڻ ڪري گوگل جي سرچ انجن ۾ نمايا ٿي ظاهر ٿي ايندو ۽ اوهان جو مواد سموري دنيا جي ماڻهن تائين آساني سان رسائي حاصل ڪري سگهي ٿو. منهنجي انهي ت...

عشق کي ڪينجهر بنائيندڙ فطرت پسند شاعريءَ

Image
هي دنيا جنهن ۾ اسان رهون ٿا. اُهو ٻن شين تي آڌاريل آهي. جنهن ۾ هڪڙيون شيون قدرتي، اصلي ۽ فطرتي آهن. جن کي پاڻ انگريزي ۾ (Naturaly) چوندا آهيون ۽ ٻيون شيون مصنوعي، هٿرادو ۽ جڙتو شيون آهن، جن کي پاڻ انگريزي ۾ (Artificially) چوندا آهيون. انهن ٻنهي شين ۾ انساني مزاج جو لاڙو فطري شين ڏانهن گهڻو هوندو آهي. حالانڪ اڄ جي جديد دور ۾ مصنوعي شيون به پنهنجي جاءِ تي اهميت رکن ٿيون پر اُنهن ۾ اُهو سرور ۽ سڪون ڪٿي آهي؟ جيڪو سڪون فطرتي شين ۾ سمايل آهي. دراصل فطرت پسند ماڻهوءَ ئي تخليقڪار ٿيندا آهن ۽ اُهي پنهنجي پيار کي آرٽ جي مدد سان تخيل جو روپ ڏئي ڪري ظاهر ڪندا آهن. اهڙي ئي هڪ اظهار جو نمونو منهنجي سامهون پيو آهي. جيڪو شاعريءَ جي روپ ۾ خيالن کي الائي ته ڪهڙي وسعتن ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي. هن شعري مجموعي جو نالو ”عشق بڻيو ڪينجهر“ آهي. هن ڪتاب جو سرجڻهار قربان گل آهي. جيڪو نئين ٽهي جو هڪ جاکوڙيندڙ ڪردار آهي سندس خيال شاعريءَ جو روپ ڌاري، ڪاغذن جو ويس ڍڪي پڙهندڙن جي اڳيان مطالعي جي ميز تي اڻ ڏٺي مهمان وانگر جلوه افروز ٿيا آهن. سندس شاعريءَ تي گهڻو ڪجھ لکي سگهجي ٿو ۽ سندس خيالن تي تفصيلي نموني سان ڳالهائ...

پنهنجي نالي جيان هڪ منفرد ۽ نرالو ڪتاب

Image
اسان جنهن معاشري جا حصا آهيون. اُهو معاشرو هاڻ ايتري قدر تضادن جي ور چڙهي ويو آهي جو هن ڌرتي تي هر روز نوان الميا جنم وٺڻ لڳا آهن. اڃا به ائين کڻي چئجي ته اسان جنهن ڌرتي تي رهون ٿا، اُها ڌرتي هاڻ المين جي ڌرتي بڻجي چڪي آهي. هن ڌرتي تي رهندڙ ماڻهن جو ڪار وهنوار سک، شانتي، پيار، محبت ۽ ڀائپي جي بجاءِ نفرت ڦهلائڻ آهي. هتي شعور رکندڙ ماڻهوءَ هميشه اذيتن جي گِهيري ۾ رهندو آيو آهي ۽ رهي ٿو. سماجي بگاڙ کي درست ڪندي ھُو پاڻ ئي پنهنجي اصلي مدار کان ذري گهٽ هٽي وڃي ٿو ۽ اِنهي هٽڻ جي ڪري سندس ذهني پيڙاھ گهٽجڻ بدران اڃا وڌيڪ وڌڻ شروع ٿئي ٿي. ائين ئي اڳتي هلندي سندس وجود ناانصافي، اڻ برابري ۽ سماجي بگاڙ سان منهن مهان ٿيندي مضبوط ٿيندو آهي. دنيا جي مشهور ڏاهي، والٽيئر چيو آهي ته؛ ”اوهان کي انهيءَ حقيقت جو شعور هُئڻ گهرجي ته جڏهن کان دنيا وجودَ ۾ آئي آهي وحشي نسلن کي ڇڏي دنيا تي هميشه ڪِتابن جي حڪمراني رهي آهي“. هي ڪتاب جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب جي سُڄاڻ ليکڪ جي خواهش به اِها ئي ساڳي خواهش آهي ته دنيا تي ڪتابن جي حڪمراني هجي ۽ ماڻهن جو بهترين مشغلو ۽ وندر مطالعو هجي اوهان جيڪڏهن ڪتاب پڙهندڙ آه...

سنڌ جي سُڄاڻ ۽ تعليم يافته نياڻي جون ڪوششون

Image
  فرزانه چانڊيو سنڌ جي اُها باشعور ۽ تعليم يافته نياڻي آهي جنهن کي مون هميشه تعليم جي بهتري لاءِ جاکوڙيندي ڏٺو آهي. سندس لکڻين مان تعليم جي هٻڪار ايندي آهي. نه صرف سنڌ اندر بلڪ سنڌ کان ٻاهر به سندس سُڃاڻپ هڪ تعليمدان طور ئي آهي. تعليم جي ميدان ۾ اسان جي سنڌ جي هي باشعور نياڻي گهڻي عرصي کان پاڻ پتوڙي رهي آهي ۽ اِنهي پتوڙ دوران ادب جي جهول ۾ ٻه ڪتاب ڏئي چڪي آهي. انهن ڪتابن ۾ سندس پهرين ڪتاب کي پڙهندڙن وٽ باقاعده پذيرائي ملي آهي ۽ اُنهي ڪتاب کان پوءِ سندس هي ٻيو ڪتاب تازو ئي پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي طرفان ڇاپي ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. گذريل ڪجھ عرصي کان سنڌ جو هي اشاعتي ادارو تعليم جي موضوع تي پڙهندڙن جي جهول ۾ سُٺا ڪتاب ڏئي رهيو آهي. جيڪو هڪ خوش آئينده عمل آهي ۽ پڙهندڙ ادبي ڪتابن سان گڏوگڏ اُنهن ۾ موجود نصابي معلومات سان به مستفيد ٿي رهيا آهن. هن ڪتاب جو موضوع ”سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ مختلف پڙهايو ويندڙ نصاب آهي“. هي موضوع وڏي تحقيق ۽ کوجنا کان پوءِ ئي مڪمل ٿيو آهي. هي ڪتاب ادبي ڪتاب هجڻ سان گڏوگڏ نصابي ۽ تحقيقي ڪتاب پڻ آهي. هي ڪتاب اِنهي حوالي سان به وڏي اهميت جو حامل آهي. فرزانه چانڊيو سان من...

ڪهاڻي ڪتاب ”ورھ جا روڳ“ جو تنقيدي اڀياس!

Image
  ادب جي دنيا ۾ مون هڪڙو ننڍڙو ڀٿر اُڇلايو ۽ اُن پٿر اُڇلائڻ کانپوءِ جيڪي لهرون پيدا ٿيون اُنهن لهرن نوان چهرا، نيون ڳالهيون ۽ نوان موضوع دريافت ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي. آئون پهريان سمجهندو هيس ته ٻه چار لفظ لکڻ کانپوءِ ماڻهو اديب ٿي ويندو آهي. ڪو قصو يا ڪا وارتا سليس انداز ۾ بيان ڪرڻ کانپوءِ ماڻهو ڪهاڻيڪار ٿي ويندو آهي. ڪنهن جي ڪتاب يا تخليق تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ کانپوءِ ماڻهو دانشور ٿي ويندو آهي پر ائين ڪونه آهي. ادب ۾ پاڻ مڃائڻ ۽ اديب ٿيڻ لاءِ گهرجون ئي ٻيون آهن. هر هڪ صنف جا پنهنجا بنيادي اصول ۽ ضابطا آهن. ادب ۾ ڪامياب اُهو ئي ماڻهو وڃي ٿو جيڪو سڀني اصولن ۽ ضابطن کي سامهون رکي ڪري ڪنهن صنف تي طب آزمائي ڪري ۽ تيستائين اڳي وک نه کڻي جيستائين اُن کي پهريان ڪيل ڪم متعلق ڪو حتمي يا مجموعي رايو نه ٿو ملي. سوشل ميڊيا تي ملندڙ اڪثر رايا ڪارڳر رايا ڪونه هوندا آهن. بس مڙئي سامهون واري کي خوش ڪرڻ لاءِ ٻه چار لفظ هر ڪو لکي وٺندو آهي. ڇھ مهينا پهريان اُسان جي پياري، نئي ٽهي جي جاکوڙي ليکڪ ذلفي ذنئور جي ڪهاڻين جو مجموعو ورھ جا روڳ ڇپجي ڪري پڌرو ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪُل ارڙھن ڪهاڻيون آهن، هن ڪتاب جو مه...