دل لڳي جون ڳالهيون

ڪجھ ڳالهيون اِهڙيون هونديون آهن جيڪي ڪنهن سان به سلڻ جهڙيون نه هونديون آهن اهڙين ڳالهين جي سلڻ سان اِهو خوف پيدا ٿيندو آهي ته جيڪڏهن اِهي ڳالهيون کُلي پيون ته ماڻهو کي ڏاڍو نقصان کڻڻ جو انديشو پيدا ٿي پوندو آهي. انهي حساب سان ڪجھ ڳالهين کي دماغ جي ديڳڙي ۾ بند ڪري انهن تي تاحيات ڪا اِهڙي وزني ڍَڪ رکي ويندي آهي جنهن ڍَڪ سان ماڻهو جي مان ۽ شان به ڍَڪيل هوندو آهي. اڄوڪي معاشرتي صورتحال کي مد نظر رکندي ايترو سمجھ ۾ اچي ٿو ته هن دور ۾ ڪنهن سان به دل جي لڳي جون ڳالهيون نه ڪجن. ڇو ته ماڻهن مان سهپ ڪڏهوڪي موڪلائي چُڪي آهي ۽ انسان جي عزت نفس کي ڇهيو رسندي ويرم ئي ڪانه ٿي لڳي. ڳالهيون به جديد دور جي تقاضائن مطابق مائڪرو سيڪنڊ جي بجاءِ نينو سيڪنڊ جي رفتار سان سفر ڪن ٿيون. اِن لاءِ پنهنجي زبان کي انهي ڳالھ جو عادي بڻايو ته هُو هر ڪنهن جي اڳيان پنهنجي اڻ چيل لفظ نمودار نه ڪري. ٿوري صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺندي ڪٿي ڪي ساعتون خاموشي به اختيار ڪري ڇو ته گڏ ويهڻ ۽ کلڻ وارو هر ماڻهو سڄڻ ڪونه هوندو آهي. ڪجھ ماڻهو اسان کي ڳالهين جي گهير ۾ لاهي اسان جي رازن کي اسان جي...